• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غرور جو انت..

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
64625_525697437452093_1767903824_n.jpg

رستي تي رکيل هڪ ڏيئي چيو...
”مان ڀٽڪيل مسافرن کي راه ڏيکاريان ٿو... مان سڀ کان وڏو هان...“
مجلس ۾ رکيل ڏيئي چيو....
”ماڻهون منهنجي روشني جي چوڌاري ويهي سٺيون ۽ نيڪ ڳالهيون ڪن ٿا.. ۽ هڪ ٻئي کي نيڪ رستي تي هلڻ جي تلقين ڪن ٿا.. مان نه هجان ها ته اهو نيڪ ڪم بلڪل به نه ٿئي ها.. ان ڪري مان وڏو آهيان....“
ايتري ۾ هوا جو هلڪو جهونڪو آيو ... ۽ ٻئي ڏيئا اجهائي هليو ويو...
 
اها ئي حالت انسان جي به آهي ....
انسان به سيني تي هٿ هڻي پاڻ کي وڏو سمجهي ويهي ٿو ... پر جڏهن موت اچي ٿو ته سگهارا انسان به اجهامي وڃن ٿا ..

جر ۾ ڦوٽو جيئن، لهريون لڳنــدي اڌ ٿئـي،
تون پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪو ڏينهنڙو۔
 
بس يار هر ڪو ٿو پاڻ کي فني خان سمجهي پر جي اها ڳاله ڪنهن کي سمجه ۾ اچي وڃي ته فني خان اسان نه پر اها رب جي ذات آهي ۽ باقي سبني کي موت جو مزو چکڻو آهي کل نفس ذآئقه الموت جا مستحق آهيون ته ائين ڏيئي وانگر ڪو به ڳاله نه ڪري
 
ڏيئا ڏيئا لاٽ۔
هڪ وسامجي ويندو ته پڪ ڄاڻو ته ڪو اهڙو ضرور هوندو جيڪو ٻئي کي پنهنجي روشني ارپي ويو هوندو،
۽ ٻين کي پوچائيندڙ ڏيي روشني ڪڏهن نه آهي اوجھامندي
 
Back
Top