1740 اٽيچمينٽ ڏسو رسول ڪريم ﷺ جي ولادت جو بابرڪت مهينو آهي۔ ساڳي مناسبت سان هڪ شيئرنگ ڪري رهيو آهيان۔ سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو اڻٽيهون ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو ” حلاوة الفم“ جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي۔ هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو __ .
سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ هاڻي اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته هي ڪتاب گهر سنڌي ٻولي جو هڪ وڏو ۽ بهترين ڪتاب گهر آهي. اوهان پارن هن لاءِ ڪيل ڪوششون ئي اڄ انهي جي انهي مقام تي پُهچڻ جو سبب آهن. ٻين سنڌي ڀائرن کي به عرض آهي ته هو وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪن ته هن ڪتاب گهر کي وڌيڪ اڳرو ڪجي.
سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ هڪ اهم ڪتاب جو واڌارو ... سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت محمد هاشم ٺٺوي جو ڪتاب، الله جي رسول جون چونڊ حديثون ۽ اهي به سنڌي زبان ۾ بس ائين سمجهو ته سون ۾ هيرن جي جوڙ ... لک قرب
محمد هاشمٺٺوي جو هي بهترين ڪتاب بهترين موقعي تي پيش ڪي اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ساٿ ساٿ سنڌ سلامت جو لوگو به بهترين لڳو بهترين شيئرنگ تما م بهترين