قالو انا لله و انا اليه راجعون اڄ پير ڳوٺ کان دوستن ٻڌايو ته سنڌ جي مايه ناز بئريسٽر جناب ضمير گهمرو صاحب جو والد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ۔ جنهن لاءِ اسان سائين مانواري ضمير گهمرو صاحب ۽ سندس ڪٽنب سان غم ۾ شريڪ آهيون۔ منهنجي سنڌ جي گهمرا برادري سان جڏهن به سائين ضمير گهمرو جي باري ۾ گفتگو ٿيندي آهي ته منهنجو هميشه مؤقف اهو رهيو آهي ته سائين ضمير جو والد سنڌ جي انهن اڻپڙهيل مان پڙهيل شخص آهي جي پاڻ ته الف بي نه ڄاڻيندي به پنهنجي اولاد کي سٺي منزل تي رسايو آهي ۔
ها واقعي پنهنجي سنڌ ۾ اهڙا ڪئي امله انسان گذريا آهن جن واقعي پنهنجي ڏاهپ جا ثبوت ڏنا آهن جي پاڻ ته ڪنهن به مدرسي مان فا رغ تحصيل ته نه هيا، پر انهن پنهنجي اولاد لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري انهن کي وڏين منزلن تي پهچايو، جن مان ڪجه شخصيتون منهنجي ذهن ۾ اڀرن ٿيون، مثال طور: ڊاڪٽر دائود پوٽو جو والد صاحب، سائين ضمير گهمرو جو والد صاحب ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻڪ آهن۔۔۔۔۔
الله پاڪ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ سندن اهل و عيال کي صبر جي توفيق عطا فرمائي ، اسان غم ۾ برابر شريڪ آهيون