ابراهام لنڪن ۽ سندس عظمت

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏23 نومبر 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ابراهام لنڪن ۽ سندس عظمت

    پهرين ڏينهن ابراهام لنڪن اليڪشن کٽي آمريڪا جي سينيٽ ۾ شروعاتي تقرير ڪرڻ لاءِ پنڊال تي پهتو ۽ اڃان تقرير شروع ڪرڻ وارو ئي هيو ته پنڊال وچ مان هڪ شاهوڪار ۽ جاگيردار وڏي فخر سان اٿي بيٺو ۽ رڙ ڪري چيائين جناب لنڪن! توکي اها ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته تنهنجو پيءِ منهنجي خاندان لئه جوتا سبندو هو ... سينيٽ ۾ سڀني جاگيردارن ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو، ۽ سمجهيائون ٿي ته ابراهام لنڪن جي بي عزتي ٿي آهي ...

    پر جيئن ته ابراهام لنڪن جهڙا اڳواڻ بلڪل ماٺيڻا ۽ الڳ قسم جا انسان هوندا آهن ... لنڪن ان ماڻهونءَ ڏانهن نهاريندي چيو ” جناب سائين، مونکي خبر آهي ته منهنجو بابا سائين، نه فقط اوهانجي گهر اچي اوهانجي خاندان لئه جوتا سبندو هو بلڪه هت ويٺل ڪئي جاگيردارن جي گهر ۾ وڃي سندن جوتا سبي ڏيندو هو ... پر جهڙي نموني هو جوتا ٺاهيندو هو جو سندس جهڙا جوتا ٻيو ڪو به سبي نه سگهندو هو، هو هڪ تخليقار هو، بابا سائينءَ جا ٺاهيل جوتا صرف جوتا ئي نه هوندا هئا پر انهن ۾ هو پنهنجي پورو پيار ۽ توجهه شامل ڪندو هو ... جناب اعلا ! منهنجو سوال هي آهي ته ڇا اوهانکي ڪا شڪايت آهي؟ جيئن ته آءُ پاڻ به جوتا ٺاهڻ ڄاڻندو آهيان، انڪري جي توکي ڪا شڪايت آهي ته آءُ اوهانکي ٻيو هڪ جوڙو ٺاهي ڏيندس ... پر جيئن ته آءُ ڄاڻان ٿو ته بابا جي ٺاهيل جوتن جي ڪنهن هڪ ماڻهونءَ به اڄ تائين شڪايت نه ڪئي آهي ... هو هڪ سچو ۽ ايماندار ڪاريگر هو، هو هڪ تخليقار هو ۽ مونکي پنهنجي پيءُ تي فخر آهي ته آءُ سندس پٽ آهيان...“

    سينيٽ ۾ خاموشي ڇائنجي وئي ... ماڻهن کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته ابراهام لنڪن جي ان عظمت جو جواب هو ڪيئن ڏين؟ جو هن جوتن ٺاهڻ جي ڪم کي هڪ عزت وارو ۽ تخليقي ڪم ڪري پيش ڪيو آهي، هو ان ڪم ڪرڻ تي پنهنجي پيءُ کي عظيم ڪري سمجهي ٿو ۽ سندس جوتن مان ڪنهن کي به شڪايت نه ٿي آهي ان تي وڌيڪ فخر ڪري ٿو ...

    ڳالهه اها ناهي ته اوهين ڪهڙو ڪم ڪريو ٿا ... اصل ڳالهه اها آهي ته اوهان اهو ڪم ڪيئن ڪريو ٿا؟ ڇا اسانجو ضمير اسانجي ڪم مان مطمئن آهي ... ڇا اسين اهو ڪم پوري سچائيءَ سان ڪريون ٿا ... ڇا اسين پنهنجي ڪم سان پيار به ڪيون ٿا ... جي جواب ”ها“ آهي ته پوءِ يقين ڄاڻو ته جنهن ڪم ۾ به هٿ وجهندا ته اهو ڪم سون ٿي پوندو ۽ ڪاميابي اوهانجا قدم چمندي ...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو