• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پرين بي رُخي جِي ته پن ڇڻ ڇڏي ڏي(غزل) نسرين الطاف

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو ڪافي ڏينهن کان پوءِ هي هڪڙو بهترين غزل پنهنجي فل فارميٽ ۾ فني ۽ فڪري حوالي سان سانئڻ نسرين الطاف جو پڙهڻ لاءِ مليو، تخيل جي اُڏار، مجاز جي مهڪار، جدت جي جهنڪار سڀ جو سڀ هن غزل ۾ سمايل آهي . مان ائين چوان ته هي شاعري پڙهي منهنجي دل جا تار ستن سُرن جو سرگرم ڇيڙي ويٺا آهن ته وڌا ڪونه ٿيندو،
اسان جي اندر ۾ سدائين سنڀارون
صُبح شام تُنهنجون پرين هِنِ پچارون
اسان هر جنم سڀ توهان کي ته ارپيون
اسان جي چپن جون هي مُرڪُن قطارون
سڄڻ هُوءَ جا ڪوئل جِي ڪُوڪُو ٻُڌين ٿو
تنوارون ، تنوارون، توهان جون تنوارون
سڄڻ بي رُخيءَ جي ته پن ڇڻ ڇڏي ڏي
کپي پيار تُنهنجو کپن ٿيون بهارون،
الا اڄ به ”نسرين“ ڪينجهر ڪناري
اڪيلي اڪيلِي رُڳو تُنهنجون سارون
چا ته شاندار ڪومل جذبا آهن ساٿيو اسان جي سنڌ جا شاعر ۽ شاعرائون ايتري ته زبردست شاعري ڪن پيا جو پڙهي اصل دل خوش ٿيو وڃي. سانئڻ نسرين الطاف ٽي سي ايس ڪري پنهنجو هي غزل چترڪاري لاءِ موڪليو، ۽ مونکي لکيائين ته ادا نثار جيڪڏهن منهنجو هي غزل ان لائق سمجهو ته ان جي ڊزائن توهان ٺاهيو، جڏهن مون سندس هي غزل پڙهيو ته ادي نسرين کي ڇا ٻُڌايان ته مان سمجهي نه پيو سگهان ته هن ڪمال جي سُندر شاعريءَ کي ڪهڙو رنگ ڏيان منهنجي ڪميپوٽر جي ڪينواس کي اهي رنگ ئي نه پيا ملن جو هن شاعري ۾ ڀري سگهان خير هي ڊزائن سانئڻ نسرين الطاف جي سڀيتي غزل اڳيان ڪُجهه به ڪونهي توهان سان ونڊيان پيو اميد ته پنهنجي خوبصورت ڪامينٽس جا رابيل ضرور ضرور سانئڻ نسرين الطاف کي ارپيندا.
603129_10151363594373216_1782876236_n.jpg
 
Back
Top