محترم سنڌي سڄڻو اسلام عليڪم
ياد رهي ته بر صغير ۾ سڀ کان پهريان الفابيٽ سنڌي ۾ بنائي وئي هئي اهو ئي سبب هيو جو جڏهن انگريزن هتي قبضو ڪيو ته سنڌي ٻولي کي ئي قومي ٻولي جو درجو ڏنو. پر اڳتي هلي ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ سنڌي ٻولي اها ترقي حاصل نه ڪري سگهي نه وري ان کي اڳتي ڪرڻ ۾ ڪنهن سرڪاري اداري ڪا ڪوشش ڪئي. جڏهن ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو ته ترقي جو هڪ نئون دور شروع ٿي ويو ۽ اڳتي هلي جڏهن انٽرنيٽ کي متعارف ڪرايو ويو ته جهڙوڪ انقلاب اچي ويو. انٽر نيٽ نه صرف رابطي جو تيز ترين ۽ سستو ذريعو بڻيو پر هن ذريعي هر قسم جي معلومات جي ڏي وٺ سيڪنڊن ۾ منتقل ٿيڻ لڳي. دنيا جي هر ڪمپني انٽرنيٽ ذريعي پنهنجي پروڊڪٽ کي هر عام ۽ خاص ماڻهون تائين پهچائڻ لاءِ انٽرنيٽ جو سهارو ورتو اهڙي طرح جڏهن هن ميدان ۾ رقم خرچ ٿيڻ لڳي ته روز روز نت نوان سافٽويئر ۽ هارڊ ويئر متعارف ٿيڻ شروع ٿيا.
اڳتي هلي ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته مختلف ريجن جون ٻوليون مختلف هجڻ ڪري ڪمپيوٽر کي صرف انگريزي تائين محدود نه هجڻ گهرجي جنهن ڪري مختلف زبانن کي ڪمپيوٽر ڪوڊ جي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ يونيڪوڊ آرگنائيزيشن جو بنياد وڌو ويو. جڏهن عربي ٻولي جو يونيڪوڊ متعارف ٿيو ته هڪ وڏو مسئلو ساڄي کان کاٻي لکڻ حل ٿي ويو ۽ جيئن ته سنڌي الفابيٽ بنيادي طور عربي مان ورتي وئي هئي ان ڪري سنڌي کي يونيڪوڊ سان ڳنڍڻ ممڪن ٿي پيو. ان سلسلي ۾ محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن سنڌي زبان کي يونيڪوڊ سان ڳنڍي هڪ انقلابي قدم کنيو. جنهن کي اڳتي هلي MSN گروپ تان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پليٽ فارم تي جاري ڪيو ويو. سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن جي اهڙي انقلابي قدم سان سنڌي زبان کي انٽرنيٽ تائين پهچڻ آسان بڻجي ويو.
هاڻي ضرورت هئي مختلف ويب سائيٽس ۽ سافٽويئر ٺاهڻ جي.
ان سلسلي ۾ ڪافي سنڌي ساٿين خوبصورت خوبصورت سنڌي ويب سائيٽس ٺاهڻ شروع ڪيو. پر ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته بحث مباحثي لاءِ ۽ معلومات کي هڪ ٻئي سان ونڊڻ لاءِ اردو زبان وانگر سنڌي فورم جي به ابتدا ڪئي وڃي. ادا اڪبر لاکو phpbb کي سنڌي زبان ۾ ترجمون ڪري اهو ڪم به آسان ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح پهرين سنڌي فورم جو آغاز ٿيو.
پر ڳالهه اتي نه رڪي پروفيشنل سورس vbuilletin جي مقبوليت ايتري وڌڻ لڳي جو درجن جا درج اردو فورم ان سورس تي منتقل ٿيڻ لڳا ۽ جيئن ته وقت هڪ هنڌ نه ٿو بيهي ۽ هڪ منزل حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٻي منزل جي لاءِ رستو آسان ٿي ٿو پئي ان ڪري اهڙي سنڌي فورم جي پڻ ضرورت محسوس ٿي جيڪو تيزي سان اڳتي وڌندڙ vbuilletin جهڙي طاقتور سورس تي مختلف زبانن جي فورمن جي صف ۾ سنڌي زبان جي نمائندگي ڪري سگهي.
سنڌي زبان ۾ ٻي ننڍڙي ڪوشش ڪندي مون vbuilletin جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مختلف دوستن جي همت افزائي مهينن جي ڪم کي ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حوصلو ڏنو. ڪنهن به پروگرام کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جو منهنجو هي پهريون تجربو آهي جنهن ڪري ڪوشش جي باوجود غلطيون لڪي نه سگهيون آهن. آخر ڪار تجرباتي طور vbuilletin جو سنڌي ترجمون مڪمل ڪري ورتو.
پنهنجو هي ننڍو ڪارنامون جڏهن مون آئي ٽي جهان جي منتظم ظفر علي المعروف علي علي ۽ آئي ٽي هلچل جي منتظم عامر ضياء چارڻ المعروف پرنس جي اڳيان رکيو ته انهن سنڌي ٻولي کي vbuilletin جي پليٽ فارم تي آڻڻ لاءِ مون سان ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي حامي ڀري. سنڌي لاءِ اوپن پيڊ جي مسئلي کي عامر ضياء چارڻ پنهنجي ذميواري تي کڻي ٻن ڏينهن ۾ پورو ڪري ورتو جنهن کي هڪ جامع صورت ۾ آڻي محترم علي علي جي ٿورن سان فورم کي لانچ ڪيو ويو. هن فورم جو نالو ٽنڊو محمد خان جي بهترين شاعر ۽ اديب محترم نثار احمد ناز ”سنڌ سلامت“ طور منظور ڪيو
ان جي باوجود ته هي ڪم ڪافي محنت ۽ خرچ سان پورو ٿيو آهي پوءِ به ڪافي غلطيون رهجي ويون آهن. ان لاءِ مان ٿورائتو آهيان انهن دوستن جو جيڪي سنڌ سلامت فورم تي لڙي آيا ۽ مختلف غلطين جون نشاندهون، مشورا ۽ صلاحون ڏنيون جن تي عمل جاري آهي. سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چوندي هر رڪن کي اها گذارش ڪندس ته هو پنهنجي مزيد قيمتي مشورن سان سنڌ سلامت فورم کي پنهنجا قيمتي لمحا ڏين ته جيئن محبتن جي هن ساٿ کي اڳتي کڻي هلجي.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت