سنڌ مٿان لامارا ڏيندڙ هيپاٽائيٽس جو راڪاس! هونئن ته سنڌ هن وقت انيڪ نه کٽندڙ مسئلن کي منهن ڏيئي رهي آهي، انهن مسئلن ۾ وڌندڙ غربت، مهانگائي، بيروزگاري، پاڻي جي کوٽ وغيره اهم ۽ بنيادي مسئلا ته آهن، پر گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ واسين لاءِ جيڪو مسئلو گهڻو مٿي جو سور بڻيل آهي، سو آهي سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس جي بيماري ۾ واڌ. هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جو مرض ڏينهون ڏينهن سنڌ ۾ وڌندو وڃي ۽ خاص طرح سان سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هيپاٽائيٽس جي بيماري هر ڳوٺ ۽ هر گهر ۾ موجود آهي. هيپاٽائيٽس بيماري وگهي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ موت جي شرح ۾ به تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. وڏي عمر جي ماڻهن کان نوجوانن تائين ۽ نوجوانن کان ويندي معصوم ٻارڙا به هن خطرناڪ موذي مرض ۾ وڪوڙجي چڪا آهن. هيپاٽائيٽس جي بيماري جو علاج به تمام گهڻو مهانگو آهي ۽ في مريض جي علاج تي هڪ لک کان ويندي، ٻن لکن تائين خرچ اچي ٿو، جيڪو غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي پهچ کان تمام گهڻو مٿي آهي. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سرڪاري طور تي هيپاٽائيٽس جو ڪورس ڪرايو پيو وڃي، پر مذڪوره ڪورس وڌندڙ هيپاٽائيٽس جي بيماري جي نسبت انتهائي سست رفتاري ۾ ٿي رهيو آهي. سرڪاري اسپتالن ۾ هيپاٽائيٽس جي بيماري جي ڄاڻ لاءِ پي سي آر جي سهولت به ختم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ رڳو في مريض جي پي سي آر تي 1800 رپين کان ويندي 2800 سئو رپين تائين خرچ اچي ٿو، جيڪو هن وڌندڙ مهانگائي واري دور ۾ غريب ماڻهو جي وس کان ٻاهر آهي. سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس جي بيماري جو علاج مهانگو هئڻ ڪري ڪافي ماڻهو عطائي ڊاڪٽرن ۽ ڌاڳي ڦيڻي وارن نيم حڪيمن کان علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن. حيرت ته سنڌ جي چونڊيل عيوضين تي آهي، جيڪي سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس جي بيماري جي تباهه ڪارين باوجود مڪمل طرح سان خاموش آهن، ساليانه ڪروڙين رپيا وٺندڙ اين جي اوز ۽ ٻين غير سرڪاري تنظيمن جو ڪردار به ساراهه جوڳو نه آهي ۽ نه وري سرڪاري سطح هن موذي مرض خلاف ڪي خاص ڪوششون ڪيون پيون وڃن. سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ قائم سرڪاري اسپتالن ۽ صحت مرڪزن ۾ هيپاٽائيٽس جي متعلق وڏا وڏا بئنر ۽ پوسٽر ته لڳل آهن، پر ٻهراڙي وارن علائقن ۾ صحت کاتي وارن جي ڪارڪردگي زيرو آهي. سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ 80 سيڪڙو تائين جر جو پاڻي کارو ۽ ٻاڙو آهي، جيڪو ماهرن جي بقول ته پيئڻ جي لائق نه آهي، پر سنڌ جا ماڻهو مجبوري مان اهو هاڃيڪار پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن، جنهن ڪري هيپاٽائيٽس جي خطرناڪ بيماري سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. سنڌ گورنمينٽ ۽ سنڌ جي صحت کاتي جو فرض آهي ته هو اگهور ننڊ مان سجاڳ ٿي هن خطرناڪ بيماري خلاف جيترو جلد ٿي سگهي، زوردار مهم هلائين ۽ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ صحت جون سموريون سهولتون فراهم ڪري ڏنيون وڃن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ خاص صحت جون ٽيمون ماهر ڊاڪٽرن تي تشڪيل ڏيئي، هر ڳوٺ ۾ موڪليون وڃن، جيڪي عام ماڻهن ۾ هن خطرناڪ مرض جي وڌندڙ خطرن کان ماڻهن کي آگاهه ڪن ۽ هن بيماري جون سموريون سهولتون مفت ۾ فراهم ڪيون وڃن، في الحال ته سنڌ مٿان هيپاٽائٽس جي خطرناڪ بيماري جو راڪاس لامارا ڏيئي رهيوآهي.......