109 هين سالگرهه جي موقعي تي سائين جي ايم سيد کي ڀيٽاآڏو ٽڪر ٽر مٿان روهه رتيون ٿئي 1742 اٽيچمينٽ ڏسو 1743 اٽيچمينٽ ڏسو شهيد مخدوم بلاولجي خليفيسيد حيدر شاه سنائي جي نسل مان 17 جنوري 1904ع تي سن ۾ سيد محمد هاشم جي گهر سيد غلام مرتضى شاه المعروف جي ايم سيد جو جنم ٿيو. جي ايم سيد شروعاتيسنڌي ماستر ڌرمداس، ماستر ريوا چند ۽ ماستر وسڻ مل وٽ پڙهيو،عربي ۽فارسي جي تعليم محمد هاشم سنائي مولوي محمد صالح سيال ۽ الهه بخش دادويءَ کان حاصل ڪيائينقرآن شريفآخوند ميان سمن ميمڻ وٽ پڙهيو ۽انگريزيحامد علي هالائي کان سکيائين. مٽياري سيدن جو هي ڪامل سپوت هڪ ئي وقت سياستدان سماجي ورڪر، اديب، عاشق، مفڪر، فلسفي، صوفي، تعليمي ماهر ۽ منتظم هو. مطلب تھ سندس شخصيت جا ڪيترا ئي رخ آهن.جي ايم سيد سياست کان سواءِ عام سماجي ڀلائيءَ ڀلائي جا ڪم پڻ ڪيا. 1920ع ڌاري، يعني 16 سال جي ڄمار ۾خلافت ڪانفرنسلاڙڪاڻي ۾ حڪيم معين الدين کنيارين واري سان گڏجي شريڪ ٿيو. جنهن کان هڪ مهينو پوءِ سن ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي صدارت ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ڪيائين. 1924ع ۾ انجمن ساداتمٽياري َ جو بنياد وڌائين. 1925ع تعلقي لوڪل بورڊمانجهندجو رڪن ۽ پوءِ صدر بڻيو. 1929ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جو وائس پريزيڊنٽ ۽ ڪجه وقت لاءِ پريزيڊنٽ پڻ چونڊجو. ان عرصي ۾ ڪيترائي عام ڀلائي جا ڪم پڻ ڪندو رھيو. جن ۾ غريب شاگردن ۾ تعليم عام ڪرڻ، رستا ۽ اسپتالون ٺهرائڻ،سناسٽيشن تائين پڪو رستو ٺهرائڻ، زنانا ۽ مرداڻا اسڪول کولڻ، ڪراچي کان ڪوٽڙي ۽ ڪوٽڙي کان منگهي پير تائين پڪا رستا ٺهرائڻ ۽ ڪراچي جي لوڪل بورڊ عمارت ٺهرائڻ شامل آهن. 1930ع ۾ميرپورخاص ۾ دوستن سان گڏجيهاري ڪاميٽي جو بنياد رکيائين. 1937ع ۾سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ 1938ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. 1940ع ۾آل انڊيا مسلم ليگجي مجلس عامله جو رڪن بڻايو ويو. 3 مارچ 1943ع تيسنڌ اسيمبليءَ مانپاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪرايائين. جناح سان اصولي اختلاف ڪرڻ ڪريمسلم ليگ مان خارج ڪيو ويو.ان کان پوءِعوامي پارٽي۽عوامي محاذجوڙيائون. 1955ع ۾ون يونٽٺهيو ته ان خلاف جدوجهد جي جرم ۾ کين گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. 1956ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 10 آڪٽوبر 1958ع جي مارشل لا ۾ کين گرفتار ڪيو ويو. جي ايم سيد شروع کان وٺي هر پليٽ فارم تيسنڌجي مفاد کي مقدم رکيو. پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ ۽ سنڌين جي صورتحال وڌيڪ ابتر ٿيندو محسوس ڪندي ”جيئي سنڌ“جو نعرو اختيار ڪيائين. 4 مارچ 1972ع تي ”سنڌوديش“ لاءِ جدوجهد جو اعلان ڪيائين ۽جيئي سنڌ محاذنالي نئين پارٽي جو بنياد پيو. جي ايم سيد جي تحريرن ۽ تقريرن نئين نسل ۾ سنڌ لاءِ لازوال محبت پيدا ڪئي. شاگرد ۽ نوجوان وٽس پتنگن وانگر گڏ ٿي ويا. تعليمي لوڪل بورڊ مانجهند واري زماني ۾ محال مانجهند جو تعليمي پروگرام جوڙيائون. 1940ع ۾ سنڌ جا وزير تعليم ٿيا ته ”سنڌ يونيورسٽي“جي قيام لاءِ ڪاميٽي مقرر ڪيائون ۽ ”سينٽرل ايڊوائيزري بورڊ آف ڪنٽرول فار سنڌي لٽريچر“ قائم ڪيائون. بعد ان کي خودمختيار ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي حيثيت ڏياريائون.مصروف سياسي ۽ سماجي زندگي مان مطالعي ۽ لکڻ لاءِ باقائده وقت ڪڍندو هو. سندن لائبرري سنڌ جي شاندار ڪتب خانن ۾ شمار ٿئي ٿي. پاڻمذهب، تصوف،سياست،تاريخ،جاگرافي۽ شخصيات سميت مختلف موضوعن تي 60 کان وڌيڪ ڪتاب لکيائون. پهريون ڀيرو ”پيغام لطيف“ لکيشاه لطيف ڀٽائي جي شاعري جا انيڪ نوان رخ سامهون آندائين. سندن اهم ڪتابن ۾ پيغام لطيف، خطبات سيد، پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني، ديار دل داستان محبت، جيئن ڏٺو آهي مون، سنڌوديش ڇو ۽ ڇا لاءِ، جديد سياست جا نو رتن، سنڌو جي ساڃاه، جنب گذاريم جن سين، رهاڻ، پاڪستان هاڻ ٽٽڻ گهرجي، رهاڻ ۽ ساهڙ جا سينگار وغيره شامل آهن. سندن اڪثر ڪتابن تي سرڪار بندش هڻي ڇڏي هئي. ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ سندن آخري تصنيف آهي.جي ايم سيد ھڪ صوفي هو. مذهبي تنگ نظريءَ جو مخالف ۽ تصوف جو پرچارڪ هو.سنڌي ثقافت ۽ راڳ توڙي موسيقيءَ جو ڀرجهلو هو. سندن خيال هو ته سنڌ جي صوفين وٽ عالمي امن ۽ ترقيءَ لاءِ هڪ عالمگير پيغام موجود آهي. جنهن کي منظم نموني ڦهلائڻ جي ضرورت آهي. ”بزم صوفياءِ سنڌ جو قيام ۽ سن ۾ ٿيندڙ ڪچهريون، جتي سيد دنيا جي هر موضوع تي ڳالهائيندو هو جي ايم سيد صوفي روايت جو ڪامل امين هو. ”ديار دل داستان محبت“ ۽ ”جيئن ڏٺو آهي مون“ عشق ۽ تصوف جي موضوع تي سندن مستند تصنيفون آهن.ھو پنهنجي ايڪانوي سال ڊگھي ڄمارَ ۾ ٽيهن سالن کان وڌيڪ عرصي لاءِ جيل يا نظربنديءَ ۾ رهيو. هن جو پرچار ھو تھ سنڌ هزارين سال قديم ثقافت جي مالڪ آھي، جنھن کي آزاد ملڪ رھڻ جو حق حاصل ھوڻ گھرجي ۽ سنڌ کي هڪ آزاد، سيڪيولر، سوشلسٽ ۽ انسان دوست ديس بڻجڻ گھرجي. 25 اپريل 1995ع تي جي ايم سيد وفات ڪري ويو پر سندس پيغام اڄ به سڄي دنيا جي سنڌين لاءِ مشعل راه آهي.سائين جي ايم سيد، پنهنجي ذات م هڪ اڻ کٽ هستي آهن، سائين جي ايم سيد پنهنجي وجود ۾ لامحدود آهن. بيشڪ سائين جي ايم سيد جو محور سنڌ رهي آهي پر سائين جي ايم سيد مظهر ڪائنات آهي ۽ سندس مدار سڄي عالم انسانيت آهي. سائين جي ايم سيد جو فڪر ۽ پيغام سڄي عالم لاءِ راه نجات آهي . سائين جي ايم سيد جو فڪر سنڌ جي هزارن سالن جي تهذيب ۽ تمدن جو فطري نچوڙ آهي، جنهن کي آفاقي شاعر شاه عبدالطيف ڀٽائي پَرکيو هئو ۽َ سائين جي ايم سيد ان ساڳي فڪر ۽ پيغام کي وِ رکيو. اهو پيغام مذهبي، نسلي، لساني،قومي، گروهي، فرقيوارنه تضادن ۽ ڇڪتاڻن جو حل آهي ، جنهن لا سڄي عالم انسانيت واجها ئي رهي آهي، جيڪو سنڌ ڌرتي جي هزارن سالن کان تهذيب بڻجي رهيو آهي ۽ سنڌ جي صوفين، ملنگن ، مستن، درويشن ۽ عام ماڻهن جو ڪامل ايمان ٿي رهيو آهي، سائين جي ايم سيد وٽ سنڌوديش ذريعي سڄي عالم انسانيت لاءِ اهو فڪر ۽ پيغام آهي.وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبوسليمان وساڻ 1744 اٽيچمينٽ ڏسو جنوري مهينو جڏهن به ايندو آهي ته پاڻ سان گڏ ڪجهه اميدون کڻي ايندو آهي، ڇو ته نئين سال جي شروعات ٿيندي آهي۔ جنوري مهينو اسان سنڌين لاءِ ان ڪري به گهڻو اهميت وارو آهي جو هن مهيني ۾ سنڌ جي عظيم اڳواڻ، مفڪر ۽ ڏاهي سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن ايندو آهي۔سن جو سائين جي ايم سيد (سيد غلام مرتضى شاهه) سنڌ جو رهبر رهيو آهي۔ سائين جي ايم سيد پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌين جي وڃايل وجود کي ٻيهر اڀاريندي سنڌ ۽ سنڌين جي تحريڪ کي جيئندان ڏنو۔سائين جي ايم سيد انهن شخصيتن مان هڪ هو جن پاڪستان جي تحريڪ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ مسلم ليگ کي سنڌ ۾ منظم ڪندي اهم ذميواريون سنڀاليون۔ ان وقت سندس خيال ۾ آزاد پاڪستان جو تصور هو پر اڳتي هلي جڏهن پاڻ اهو ڏٺن ته اسان جنهن پاڪستان لاءِ جدوجهد پيا ڪيون اهو ته اسان لاءِ استحصال جو سبب بڻجندو۔ تنهن ڪري پاڻ مسلم ليگ کان پاسيرا ٿي ويا پر تيستائين دير ٿي چڪي هئي ۽ پاڪستان وجود ۾ اچي چڪو هو۔پاڻ سنڌ جي حقن ۽ آزاد سنڌ لاءِ جدوجهد شروع ڪيائين پر زندگيءَ جو وڏو حصو جيلن ۾ ۽ نطربندي ۾ گذري وين۔ قوم پرست تحريڪ جو آغاز جنهن اصولن تي ڪيائون آخر تائين انهن اصولن تي قائم رهيا ۽ ڪڏهن به ڪا سودي بازي ڪا نه ڪين۔ سندن لکيل ڪتاب ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ ۽ ”سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ“ سنڌ جا مڪمل دستاويز آهن۔سائين جي ايم سيد هڪ مدبر سياستدان هجڻ سان گڏ تصوف جو وڏو ڄاڻو، لطيف جو ڄاڻو هجڻ سان گڏ هڪ وڏي ادبي شخصيت پڻ هو۔ سنڌي ادبي بورڊ جو پهريون چيئرمين هجڻ سان گڏ پاڻ ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيائون جن جا موضوع سنڌ سان گڏ مذهب، تصوف، سياست، تاريخ، جاگرافي ۽ شخصيات سميت مختلف موضوعن تي آهن جن جو تعداد 60 کان وڌيڪ آهي. پهريون ڀيرو ”پيغام لطيف“ لکي شاهه لطيف ڀٽائي جي شاعري جا انيڪ نوان رخ سامهون آندائين. سندن اهم ڪتابن ۾ ”پيغام لطيف“، ”خطبات سيد“، ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“، ”ديار دل داستان محبت“، ”جيئن ڏٺو آهي مون“، ”سنڌوديش ڇو ۽ ڇا لاءِ“، ”جديد سياست جا نو رتن“، ”سنڌو جي ساڃاهه“، ”جنب گذاريم جن سين“، ”رهاڻ“، ”پاڪستان هاڻ ٽٽڻ گهرجي“، ”رهاڻ ۽ ساهڙ جا سينگار“ وغيره شامل آهن. سندن اڪثر ڪتابن تي سرڪار بندش هڻي ڇڏي هئي. ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ سندن آخري تصنيف آهي.پاڻ عدم تشدد واري فڪر جا پوئلڳ هئا۔ اهوئي سبب آهي جو پاڻ گهڻو وقت جيلن ۾ رهيا۔ سندن پوئلڳن ۾ هڪ وڏو حصو شاگردن ۽ نوجوانن جو پڻ رهيو آهي۔ اڄ به سن ڏانهن ويندڙ قافلن تي نظر وجهبي ته هڪ وڏو تعداد جوشيلن نوجوانن جو نظر ايندو۔سنڌ جي هن محسن شخصيت کي سندس جنم ڏينهن تي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي۔جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺيوڃي ڀونءِ پيٺي ساريندي سڄڻن کي`````````````جي ايم سيد جا قولعشق 1745 اٽيچمينٽ ڏسو اهو قانون فطرت جو ڪثرت کي وحدت ۾ سمائي ٿو ان جو ٻيو نالو عشق آهيعشق کي اهل تصوف ٻن قسمن تي مشتمل ڪيو آهي ( 1 ) مجازي عشق ( 2 ) حقيقي عشقمجازي عشق کي ٽن درجن ۾ ورهايو ويو آهي ( 1 ) شخصن سان محبت ( 2 ) قوم جي محبت ( 3 ) انسان ذات جي محبتچونڊيل دوستي وڻ جي ٿڌي ڇانو ۾ گرميءِ وقت آرام وٺڻ جي مثال آهيمون سنڌي قوم جي عشق ۾ منجهس هيٺيون خوبيون ڏٺيون آهن( 1 ) وفاداري( 2 ) ڪم آزاري( 3 ) مهمان نوازي( 4 ) رواداري( 5 ) غيرت( 6 ) حيا ۽ ادب( 7 ) پيغام محبت ۽ امنجتي سونهن آهي اتي خدا جو نور آهيحسن عشق جو ڪارڻ ۽ روح جي راحت آهيحسن خلقت ڪائنات جو محرڪ آهيجيئن گلاب جي گل سان ڪنڊا به شامل رهن ٿا اهڙيءِ طرح هر خوبصورت نظاري پويان بدصورتي به ڇپيل رهي ٿي پر حقيقت جي نظر سان ڏسڻ مان پتو پوي ٿو ته اهي سڀ نظر جا دوکا هئا ورنه حسن جي حڪومت هر جاءِ تي قائم آهيمحبت جي دنيا سوداگر واري نه آهي هن ۾ ڏي وٺ نه ٿيندي آهيشخصي محبت جا مقصد، پائيدار دوستي، رفاقت، باهمي تعاون ۽ هڪ ٻئي کان سبق پرائڻ ٿين ٿا ليڪن ماڻهو جڏهن بنا تميز جي صرف ظاهري شڪل شباهت تي موهجي محبت ڪرڻ لڳي ٿو ته مٿي ذڪر ڪيل چارئي مقصد حاصل ٿي نه سگهنداعشق حقيقي مجازي مرحلا طئي ڪرڻ بعد شروع ٿئي ٿو خدا جي سڃاڻپ لاءِ ميدان مجازي عشق ۾ هموار ٿئي ٿو تنهن ڪري مجاز ۽ حقيقت کي جدا ڪري نٿو سگهجي اهي رڳو عشق جا مرحلا آهنعلم جا ٻه پهلو آهن هڪ روحاني ٻيو مادي ٻئي رجحان تنها مفيد ٿي نٿا سگهن ٻنهي جو سنگم لازمي آهي جو صرف محبت يا عشق ذريعي ٿي سگهي ٿوٻن شين جي محبت هڪ وقت رکڻ دوئي آهيعبادت جيڪڏهن سڪون ۽ دل جمعي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ علم کري ۽ کوٽي جي تميز پيدا ڪرائي ۽ عمل زندگيءِ ۾ تحرڪ پيدا ڪيو ليڪن عشق مجازي انهيءِ ۾ هم آهنگي يڪجهتي پيدا ڪري منزل مقصد طرف هلڻ جي جرئت پيدا ڪئيعبادت مون کي خودي بخشي ۽ عشق بي خودي عطا ڪئيعلم مون کي شڪ ۽ شبهن جي دنيا سان واقف ڪيو عشق انهن کي بدلائي يقين محڪم سان رڱي ڇڏيواها عشق جي ڏات هئي جنهن مون کي اسلام جي صحيح معني کان واقف ڪيوعشق اهي ڳالهيون سيکاريون جي نه ذڪر نه علم نه فڪر سيکاريون هيونمجازي عشق مون کي خبر ڏني ته دائره عقل کان مٿي به ڪا دنيا آهيعشق مون کي پاڻ تي رضاڪارانه پابنديون وجهڻ سيکاريون جن اخلاقي قدرن جي صورت ورتي عشق علم ۽ عمل کي ملائڻ جو ذريعو آهيعشق بي ڪيف زندگيءِ ۾ سرور پيدا ڪرڻ جو وسيلو آهي عشق بذات خود هڪ ڪيفيت آهي جنهن جي موجودگي ٽامي کي سون بنائي ٿي خاڪ کي ڪيميا جو درجو ڏئي ٿيمحبت جي ڪري شڪ شبها ۽ خوف خطرا نڪري وڃن ٿامحبت مذهب جو روح آهي محبت مان اتحاد پيدا ٿي امن لاءِ ماحول پيدا ڪري ٿو امن جو پيدا ٿيڻ انساني ترقي لاءِ لازمي امر آهي هڪ صديءَ جو اٽل ۽ سٻاجهڙو انسان حسن جوڻيجو 1746 اٽيچمينٽ ڏسو سنڌ جي هڪ صدي اکين ۾ سمائي، آخري پساهن تائين آزادي لاءِ جاکوڙ رکندڙ شخص جو قيد دوران عجيب منظر اهو به هوندو هو جو جڏهن هن تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪري، ان کي قيد رکڻ جو جواز پيدا ڪيو ويو تڏهن هو قيديءَ جي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ ويندو هو ته اڪثر ڪري جج غائب هوندو هو ۽ جيڪڏهن جج عدالت ۾ حاضر رهندو هو ته پوليس اسڪواڊ نه هئڻ جو عذر ڏئي قيدي کي ڪورٽ نه پهچايو ويندو هو، حڪومت ۽ قيدي جي ايستائين اها راند جاري رهي جيستائين سيد جمهوريت جي نالي تي قائم ٿيل حڪومت ۾ قيديءَ جي حيثيت سان آخري پساهه پورا نه ڪيا سيد جيڪو پاڪستان جي جنم لاءِ جاکوڙيندڙ پهريون ننڍڙي عمر جو سياستدان هو جنهنجي ڪوششن سان سڀ کان پهريائين قرارداد پاڪستان سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي وئي، پر پاڪستان جي جنم وارن واعدن جيان، قرارداد پاڪستان جو مينار وري لاهور جي هڪ ميدان تي ٺاهيو ويو جتي پاڪستان جي قرارداد ڪڏهن پاس نه ڪئي وئي هئي پر لاهور جي ڀاڳ سان لاڙڪاڻي جي ڀيٽ ڪرڻ هن خدادا مملڪت ۾ ته ممڪن ئي ڪونهي ۽ ان لاهور جي لاڏلي راجه رجيت سنگهه جنهن کي پنجاب جو سابق وزير اعليٰ حنيف رامي پنهنجي ڪتاب ”پنجاب ڪا مقدمه“ ۾ قومي هيرو ڪري پيش ڪري ٿو، پر سنڌ ان کي اڄ به انگريز سامراج جو دلال ۽ ڀاڙيتو سمجهي ٿي، جنهن خلاف سنڌ جي پير پاڳاري جنگ جوٽي ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي پر گهڻين سازشن ۽ ڪيسن داخل ڪرڻ جي ڪوششن کان پوءِ انگريز سامراج ان مٿان به بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو پر سيد جي ڪيس جيان سورهيه بادشاهه تي ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ ان ڪيس جي شاهدن کي ڀرپور رعايتن سان نوازيو پر انگريز خوف سبب انهن کي پنهنجي تحويل ۾ رکڻ سان گڏوگڏ جڏهن سورهيه بادشاهه تي ڪيس هلايو ويو ته ان مسلمان وڪيل جي گهر ڪئي، جيڪا به سرڪار ڪنهن به صورت ۾ پوري ڪرڻ کان انڪاري هئي. جنهن کان پوءِ شاهدن کي جڏهن شاهدي لاءِ آندو ويو تڏهن به شاهدن ۽ سورهيه بادشاهه جي وچ ۾ پردو ڏنو ويو ڇو ته سورهيه بادشاهه جو انگريزن تي ايترو ته خوف طاري هو جو انهن کي خطرو هو ته متان سورهيه بادشاهه کي ڏسڻ سان ئي شاهد شاهدي نه ڏئي سگهن ۽ پوءِ جڏهن سورهيه بادشاهه کي بغاوت جي ڪيس ۾ ڦاهيءَ جي سزا ته ڏني وئي پر ڦاهيءَ کان پوءِ کيس دفنائڻ جو وڏو مسئلو ٿي ويو انگريزن کي انهيءَ سوچ اچي پريشان ڪيو ته سورهيه بادشاهه جي ڪٿي به مزار ٺاهي وئي ته اتي هزارين لکين مٿي ڦريا حر ڪٺا ٿيندا ۽ وري انهن ۾ آزاديءَ جي سوچ سگهاري ٿيندي ۽ انگريز خلاف هو پنهنجي مزاحمت جاري رکڻ پنهنجو فرض سمجهندا ۽ جيئن ته پاڪستاني رياست به انگريزن جي قانون جو نعملبدل آهي تنهن ڪري هن رياست کي به سائين جي ايم سيد مان سورهيه بادشاهه جيترو ئي خوف ۽ خطرو رهيو، جنهن ڪري هو هر صورت ۾ سيد کي قيد ۽ نظربند رکڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ۽ آخري وقت ۾ به کيس ٻاهرئين ملڪ علاج جي اجازت نه ڏني وئي پر سيد جي وصال کان پوءِ سن ۾ قائم ٿيل مزار تي لکين سندس سرفروش قومي ڪارڪن سالگرهه ۽ ورسيءَ جي ڏهاڙي تي ڪٺا ٿي نئون اتساهه وٺندا ۽ نئين جذبي ۽ جوش سان جاکوڙ جا وعده ۽ وچن ڪندا آهن قيد دوران سيد جي لاڏاڻي تي بي بي سي جي نمائندي سن جي منظر ڪشي ڪندي چيو هو ته اتي هزارين نوجوان ان هڪ صديءَ جي جهور پوڙهي جي وڇوڙي تي اهڙو ته ماتم ڪندا رهيا جو ڄڻ سندن پيءُ گذاري ويو هجي، حالانڪه هن جا هم عمر ماڻهو تمام گهٽ هئا پر گهٽ عمر جي ماڻهن جو اهو سڀ کان دنيا ۾ وڏو انبوه هو جيڪو پاڻ کان وڏي عمر جي ماڻهو لاءِ ائين ماتم ڪندو رهيو بي بي سي جي نمائندي کي ڪهڙي خبر ته سيد رڳو سنڌ جي قومي ڪارڪنن جو پرجهلو ۽ ڇپر ڇانو نه پر پيءُ ماءُ جو ڪردار ادا ڪندڙ اهڙو ته سٻاجهڙو ۽ جبل کان مضبوط شخص هو جيڪو هڪ طرف رياست لاءِ هڪ شخص چئلينج هو ۽ ٻئي طرف سيد جي بنگلي کي سنڌ جا قومي ڪارڪن پنهنجو گهر سمجهي نه صرف بغير ڪنهن کٽڪي جي رهڻ ايندا هئا بلڪه اچڻ کانپوءِ استعمال به ڪندا هئا گهڻو سفر ريل جو هئڻ ڪري سياري جي راتين ۾ هڪ بجي ڪڏهن ٻي ۽ ٽي بجي به ريل اچي سن اسٽيشن تي رڪبي هئي پر قومي ڪارڪنن کي اها ڳڻتي ڪو نه هوندي هئي ته بنگلي تي ماني ۽ هنڌ ڪير ڏيندو پر جڏهن ۽ جهڙي وقت به پهچندا هئا ته سياري جي پاري واري رات ۾ به سيد قومي ڪارڪنن جي سار لهڻ لاءِ پاڻ گهران نڪري اچي پڇا ڪندو ته سڀني ماني کاڌي آهي يا نه ۽ سڀني کي جدا، جدا بسترو مليو آهي يا نه ۽ پوءِ گهر هليو ويندو هو رات جو ڪيترائي ڀيرا پاڻ اچي ڪارڪنن تي هڪ محافظ ۽ ماءُ جيان ڏسندو ته ڪنهن تان سوڙ يا رلي ته نه لٿي آهي اها سڌي ڪندو ڪنهن کي ڪنهن شيءَ جي ضرورت ته ناهي رهي، راتين جو قومي ڪارڪنن جي جاڳي تيمارداري ڪرڻ ۽ ڏينهن جو انهن سان گڏ ماني کائڻ ڪچهريون ڪرڻ ۽ انهن جا مختلف انگل پيءُ جيان مڃڻ هر قيد مان آزاد ٿيندڙ قومي ڪارڪنن کي اجرڪ ڏيڻ ۽ خرچي ڏيڻ ۽ هر قومي ڪارڪنن کان پنهنجي تر ۽ آس پاس جا احوال وٺڻ ۽ بغير اميري غريبيءَ جي فرق کانسواءِ سڀني جو هڪجهڙو خيال رکڻ ڪو سيد کان سکي هو جيڪو ايڏو ته ٻاجهه ڀريو شخص هو جيڪو هر قومي ڪارڪنن جو انگل ته پورو ڪندو هو پر ڪيترائي ڪارڪن جڏهن واپسيءَ لاءِ سيد کان ڪرايو گهرندا هئا ته هو انهن کي ڪرايو به ڏيندو هو پر هو هن رياست اڳيان ايڏو ته اٽل هوندو هو جو ڪنهن شاعر چواڻي ته ٽڪر سان آ ٽڪر پنهنجو ٽڪر بڻجي رهڻو آ، ضيائي مارشلا جي اونداهي دؤر ۾ سائين جي ايم سيد جي سن ۾ سالگرهه ملهائي پئي وئي سن کي چئو طرف فوج گهيرو ڪري ورتو ۽ سيد ڏانهن نياپو ڪيو ويو ته هو ڪنهن به صورت ۾ سالگرهه ٿيڻ نه ڏيندا، سيد پنهنجي پوئلڳن کان راءِ ورتي ڪن چيو ٿيڻ گهرجي ڪن چيو سائين وڏي خونريزي ٿيندي وغيره وغيره، سيد چيو ته جن کي ساهه پيارو آهي اهي سن ڇڏي وڃن هاڻي يا سالگرهه ٿيندي يا اسانجي لاشن تي ماتم، سيد جي اٽل ارادي تي بيهندو ڏسي فوج پوئتي هٽي وئي ۽ سيد جي سالگرهه ٿي، سيد عدم تشدد جو حامي ضرور هو پر مهاتما گانڌي ۽ سيد ۾ وڏو فرق هو، مهاتما گانڌي ڀڳت سنگهه کي ڦاهيءَ جي سزا ملڻ تي ڪو احتجاج ته نه ڪيو پر ڪو مذمتي ٺهراءُ به پاس نه ڪرائي سگهيو جڏهن سورهيه بادشاهه کي انگريز سرڪار ڦاهي ڏئي رهي هئي تڏهن به گانڌي انگريز سرڪار سان ميٽنگون پئي ڪيون پر سيد ته پنهنجي قومي ڪارڪنن جي نه صرف تحفظ پئي ڪيو پر اڪثر روپوش ٿيندڙ ڪارڪن سن کي ئي پنهنجو محفوظ جڳهه سمجهي رخ ڪندا هئا حيدر شاهه جڏهن جڏهن شيرين سومرو جي واقعي ۾ فوجين کي مارڻ جي الزام ۾ روپوش ٿيو ته سيد سندس رهائش جو رني ڪوٽ ۾ بندوبست ڪيو ويو پر هي اتان کسڪي نڪتو ۽ پوءِ گرفتار ٿيو اهڙا ڪيترائي ماڻهو سيد جي قافلي ۾ آيا ويا ۽ پوءِ سيد جي شخصيت تي سنگ زني ڪندا رهيا پر شيخ اياز جي چواڻي ته بڙ تي ڦوسڙي ويهي بڙ کي چيو بڙ هوشياري ڪجاءِ مان هاڻي اڏاءِ ٿي بڙ چيو هل ڙي ڦوسڙي تون جهڙيون ڪيئي ئي ڦوسڙيون آيون ويون آءُ اتي ئي بيٺو آهيان واقعي شيخ اياز سيد لاءِ ڏاڍو سچ لکيو هو ته ”شخصيتون تاريخ جا پير ٿينديون آهن جيڪي تاريخ کي اڳتي وٺي وينديون آهن جيڪڏهن روس ۾ لينن پيدا نه ٿئي ها ته روس جو انقلاب ڪيترو ئي وقت پوءِ اچي ها، جيڪڏهن ويٽنام ۽ ڪيوبا ۾ ڪامريڊ هوچي ۽ فيڊرل ڪاسترو پيدا نه ٿئي ها ته ڪيوبا ۽ ويٽنام جي اها صورتحال نه هجي ها پر جي سنڌ ۾ جي ايم سيد پيدا نه ٿئي ها ته اڄ جي سنڌ دولهه دريا خان واري سنڌ نه هجي ها، جي ايم سيد مذهبي جنونيت تي ڪاري ضرب هڻڻ لاءِ جيئن ڏٺو آهي مون“ جهڙو شاندار ڪتاب لکي حيدر شاهه سنائي وارو ڪردار ادا ڪيو ۽ پيغام لطيف جهڙو شاهڪار ڪتاب لکي ڀٽائي کي مذهبي مرشد ۽ديوتا مان انقلابي بڻائي ان کي حقيقي روپ ۾ پيش ڪري سنڌي قوم تي اهڙو وڏو احسان ڪري ويو، سنڌ جا سورما سميت سنڌوءَ جي ساڃاهه يا سنڌ ڳالهائي ٿي جهڙا ڪتاب لکي سنڌ جي غلامي آزاديءَ جي راهه جا سڀ رستا به ڏسي ويو انگريز سامراج ۽ پاڪستاني رياست جي هر جبر ڏاڍ گرفتارين، تشدد ۽ ٽارچر سيلن ۾ سالن تائين قومي ڪارڪنن کي قيد رکڻ کانپوءِ به هڪ ته سن ۾ لکين سنڌ جي آزاديءَ جا مست گڏ ٿين ٿا ۽ ٻيو سورهيه بادشاهه جي مرڪز پير جي ڳوٺ ۾ اڄ به لکين حر گڏ ٿين ٿا تشدد، ڏاڍ، ڏهڪاءُ آزادي جي پانڌيئڙن کي قيد ته ڪري سگهي ٿو پر آزادي جي آواز کي روڪڻ جي سگهه ساري نه ٿو سگهي.نه ٿو سگهي. ’’’’’’’’’’’’’’’’’
سائين جي ايم سيد سنڌ جو عاشق، جنهن سڄي عمر سنڌ لاء گذاري۔ پاڪستان ٺهڻ کانپوء هڪ ڊگهو عرصو جيلن ۽ نظر بندي ۾ گذاريندڙ جي ايم سيد ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي۔ هو سدائين سچ ۽ سنڌ جو ساٿاري رهيو۔ اڄ جڏهن هر طرح خوشامدي، مفاد پرست ۽ لٽيرا قومپرست ۽ وفاق پرست ڏسان ٿو ته سائين جي ياد وري وري ايندي رهي ٿي۔
سنڌ سموريءَ کي سنڌ جي ڏاهپ ۽ فڪر جي روحاني وجود سائين غلام مرتضيٰ شاه جون واڌايون قبول پون ... واڌايون سنڌ جي هر محب وطن انسان کي، جنهن لاءِ هي ڏاهو وجود پنهنجا فڪري گس ڇڏي ويو آهي. واڌايون سنڌ جي هر هڪ انسان کي جن لاءِ هي ڏاهو وجود محبت ۽ عشق جي رهنمائيءَ جا سوين ٻول چئي ويو آهي. خوشنصيب هونديون آهن اهي قومون جن وٽ رهبري ڪرڻ لاءِ ڪي ڏاها انسان پئدا ٿيندا آهن ... رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد! عمر ساري سنڌ جي عشق ۾ ڪچا پڪا عمل ڪندو رهيو، جت ڪا ڪچائي ٿي ويس ته انجون معافيون ورتائين ۽ پنهنجيون غلطيون قبول ڪندي انهن جي سڌار لاءِ پتوڙيائين ۽ جيڪي پڪا عمل ڪيائين سي سنڌ ۽ سنڌين کي ارپي ڇڏيائين. جي ماسو مڙئي مال ته پوڄارا پر ٿئين ... ان ماسي لاءِ سرگردان رهندڙ هي مفڪر پنهنجي ڏاهپ ۽ فڪر سان سنڌ جي ڇوٽڪاري جا ڪئي گس ۽ ڏس ٻڌائي ويو آهي ... ڏسجي ته سنڌي قوم ڪڏهن ٿي انهن گسن تان گذري پنهنجي منزل ماڻي ..!!!