ڏائڻ ارڙي سنڌ ۾ ڏيڍ مهيني اندر فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ 459 ٿي ويو آهي۔ هي سٽ پڙهڻ سان اهو احساس جنم وٺي ٿو ته اسان ڪيڏا نه لاچار آهيون صحت کاتي هن وقت تائين اهڙا قدم نه کنيا آهن جهن سان ٿورو به احساس ٿي ته هن وبا کي روڪڻ لاءِڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي سماجي تنظيمن پنهنجو ڪو ڪردار نڀايو آهي۔ بس روز هي ڏائڻ امڙين جون جھوليون خالي ڪري رهي آهي۔ وس وارا خدا جي واسطي هنن گلن جي سار لهو۔
ڪوئيٽا ۾ هزاره نسل تي ٿيندڙ انسان سوز ظلم تي سڀني کي افسوس ٿيو ۽ دلي رنج پهتو، اهو نسل ڪشي جو واقعو هو، جماعت وحدت المسلمين ملڪ گير احتجاج ڪيو جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌين به سندن پورو ساٿ ڏنو۔ قومپرست پارٽين ٻٽي نظام ۽ سڪندر جتوئي جي گرفتاري تي ته ڌرڻا هنيا، احتجاج ڪيا ۽ لانگ مارچ ڪيا۔ طاهر القادري جمهوريت کي پٽڙي تان لاهڻ لاء مارچ ڪيو آهي۔ پر افسوس جتي 400 کان مٿي ٻار وفات ڪري وڃن، امڙين جون جهوليون خالي ٿي وڃن اتي مذهبي پيش روا به خاموش آهن ته قومپرست به خاموش آهن ته سول سوسائٽي به ڪو خاص ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، حڪومت ۽ انتظاميه ڪٿي به نظر نه ٿي اچي۔ جي لکان ٿو ته سنگينون پنهنجن جون به ته ڌارين جون به مون طرف ٿي وڃن ٿيون ، تنهنڪري الائي ڇو اڄ ڪلهه لکڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي۔