جيسين چنڊ ستارا رهندا - فاضل تنهنجا نعرا رهندا.نثار ابڙو 1748 اٽيچمينٽ ڏسو 1748 اٽيچمينٽ ڏسو سنڌ دوست اڳواڻ، سنڌين جي هيٺئين طبقي، هارين جو هڏ ڏوکي ۽ سنڌ جي عوامي سياست جو چمڪندڙ ستارو محمد فاضل راهو جنهن پنهنجي ڏاهپ ۽ سياسي بصيرت سان سنڌين کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ شروع ڪيو جنهن قومي ڳالهه ڪئي ۽ سنڌين جي حقن لاءِ ويڙهه جو سندرو ٻڌي ميدان ۾ لٿو. هن سنڌ دوست اڳواڻ، رسول بخش پليجي سان ملي عوامي تحريڪ جو بنياد وجهي جدوجهد شروع ڪئي ،سنڌ جي هر ڏکئي سڏ تي هي اڳواڻ اڳ کان اڳرو رهيو پر افسوس جو عوام جي دشمنن ۽ پاڪستاني ڳجهن ادارن هن سيبتي سرواڻ کي پڻ 17 جنوري 1987 ۾ ڪهاڙين جا ڌڪ هڻائي شهيد ڪرائي ڇڏيو شهيد فاضل راهو هڪ عظيم شخصيت اهڙا مانجهي مرڻا نه آهن غلام مصطفيٰ ميمڻ 1749 اٽيچمينٽ ڏسو 1749 اٽيچمينٽ ڏسو 1749 اٽيچمينٽ ڏسو 1749 اٽيچمينٽ ڏسو 1749 اٽيچمينٽ ڏسو 1749 اٽيچمينٽ ڏسو 1749 اٽيچمينٽ ڏسو شهيد فاضل راهو جي 26 هين ورسي اڄ سندس اباڻي ڳوٺ راهوڪي ۾ ملهائي پئي وڃي. هُو سنڌ ڌرتي جو حلالي ۽ ارڏو پٽ هو جنهن سنڌ جي ڀلي جي خاطري پنهنجي جي به پرواهه نه ڪئي. هن پنهنجي حياتي ۾ نه ڪڏهن محافظ رکيو نه وري هٿيار، کنيو چوندو هو ته ”مرڻو هڪ ڏينهن آهي پوءِ ڇا لاءِ محافظ گڏ کڻي گهمائجن“ پاڻ هميشه گاڏي تي اڪيلو سفر ڪندو هو خاص طور تي ڊاٽسن استعمال ڪندو هو. گهران نڪرڻ کان پوءِ جيڪو به ماڻهو هٿ ڏيندو هئس ته ان کي رستي تان کڻندو هو يا وري ڪنهن پوڙهي مرد يا عورت ڏٺائين ته ان کي رستي تان کڻي سندن منزل تي پهچائيندو هو.. فاضل راهو 1934ع ۾ گولاڙچي تعلقي جي ننڍي ڳوٺ راهوڪي ۾ پيدا ٿيو هو. 4 درجا پاس ڪرڻ بعد مائٽائڻو ڌنڌو يعني ٻني ٻاري جي ڪم سان لڳي ويو.20 سالن جي عمر تائين هن مال به چاريو ۽ زمين به آباد ڪئي.ان دوران هن جو مزاج وڏيرا شاهي ۽ ظالم قسم جي ماڻهن سان بي انتها نفرت وارو هو هر وقت شر جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار رهندو هو. ماڻهن کي چوندو هو ته حالتن سان گڏ هلو ته مقصد پاڻهي پورو ٿي ويندو. شهيد عوام محمد فاضل راهو پنهنجي سياسي جدوجهد دوران 1970ع ۾ رسول بخش پليجي سان گڏجي عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو ۽ 1982ع ۾ پهريون ڀيرو بدين ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد وڌو. ڪنوينشن ۾ سڄي سنڌ مان عورتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۽ ان ۾ هن خطاب ڪندي چيو ته ”انساني نسل جا ٻه پاسا آهن. هڪ حصو مرد ۽ ٻيو حصو عورت. آزادي جي جنگ ۾ جيستائين عورت کي شامل نه ڪيو ويندو تيستائين غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ ناممڪن آهي.“ اهو ئي سندس شاندار ڪارنامو هو جو 1983 جي ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي عورتن به فاطمه چانگ، مريم راهو، عزيزان لانگاهه جهڙيون عورتون به گرفتاريون ڏئي جيلن ۾ ويون. فاضل راهو وڏيرن جي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀندو رهيو، ڇاڪاڻ جو هو غريب هارين پورهيتن مظلومن جي حقن خاطر سچائي ۽ ايمانداري سان وڙهيو۽ هيڻن جو همراهه ٿي حق جي ميدان ۾ بيهي راشي ڪامورن عزت عصمت جي ظالم لٽيرن سان وڙهي غريبن جا حق ۽ لڄون واپس ڪرائي ڏيڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندو هو.شهيد فاضل راهو ايوب خان جي آمريت ۽ ضياءَ جهڙي ظالم جي مارشل لا ۾ به ”نيلام بند ڪريو“تحريڪ هجي ”سنڌي ۾ ووٽرن لسٽون“، ”صحافين جي جدوجهد“ هجي يا ”هارين جي حقن جي جدوجهد“ انهن تحريڪن ۾ ظالمن آڏو اٿي کڙو ٿيو . پاڻ جيل، ڪوڙن جيلن جي کولين، لائسن وارن هٿيارن ۾ سزا ئون ملڻ بعد به انقلابي جدوجهد تان هڪ انچ به پوئتي نه هٽيو. شهيد فاضل راهو کي وقت جي حاڪمن پنهنجي ارادن تان هٽائڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون پر هو نه وڪاميو نه وري هٽيو. شهيد فاضل راهو جي وڌندڙ جدوجهد، مقبوليت، ڪاميابي کي ڏسي سامراج قوتن منصوبو ٺاهي 17 جنوري 1987ع تي گولاڙچي شهر ۾سنڌ جي هيرو کي ڪهاڙين جا وار ڪرائي قتل ڪرائي ڇڏيو. دشمنن سمجهيو هو ته فاضل راهو کي قتل ڪري انقلابي جدوجهدن جو خاتمو اچي ويندو اها سندن ڀل هئي پر اڄ به سندس ڏسيل واٽ تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ راهوڪي ۾ فاضل زنده آهي جا نعرا گونجي رهيا آهن.اهڙا مانجهي مرڻا نه آهنويس مٽائي ورڻا آهن.’’’’’’’’’’’’’’’’’’ زندهه فاضل کان شهيد فاضل وڌيڪ چڀندڙ ۽ اک جو ڪنڊو شاهنواز راڄپر 1748 اٽيچمينٽ ڏسو 1749 اٽيچمينٽ ڏسو جديد سنڌ فاضل راهوءَ جهڙا جاکوڙي ڪردار گهٽ پيدا ڪيا هوندا ۽ ان کان وڌيڪ الميو اهو به آهي جتي ٻين پارٽين فاضل راهوءَ کي سياسي تعصب ڪري نظرانداز ڪيو ۽ وري “پنهنجا” کانئس ان ڪري پري ٿي ويا جو ڪٿي اوچي بڙ هيٺان سندن ننڍو قد نه پڌرو ٿي پوي. فاضل عمل جو ڌڻي هو. سنڌ کيس اڃا تائين سمجهڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي….!!” برابر شهيد فاضل کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي آهي. پر اسان مان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪنهن ڪئي آهي؟ اڄ فاضل کي شهيد ٿئي 26 سال پورا ٿي چڪا آهن. انهي عرصي دوران ڪڏهن اسان مان ڪنهن شهيد فاضل جي ڪيس جي وارتا تي قلم کڻڻ جي همت ساري آهي؟ ڇا ڪنهن اها پڇا ڪئي آهي ته شهيد فاضل جو ڪيس جيڪو تقريبن 13 سال عدالتن اندر هلندو رهيو ته ان جي پوئواري ڪرڻ ۾ سندس پارٽي ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو؟ ڪهڙا وڪيل ڪيس وڙهڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا ۽ پارٽي جو ان تي ڪيترو خرچ آيو؟ فاضل جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ سندس پارٽي توڙي سنڌ جي وحدت جو شهيد فاضل راهو ڏانهن رويو ڪهڙو هو؟ آخر ان جو ڪهڙو سبب هو جو پنهنجي پارٽي خاص طور سنڌ ۾ پارٽي ادارن اندر هي حڪم سختي سان جاري ڪيا ته “راهوڪي جا رستا بند ڪيا وڃن!؟ آخر اهي ڪهڙا سبب هئا جنهن ڪري شهيد فاضل راهو جي خاندان کي پارٽي نظرانداز ڪرڻ تي مجبور هئي؟ ڇا ڪڏهن پارٽي جي اندر يا ٻاهر شهيد فاضل راهو جي قتل واري سانحي تي ڪنهن گهرائي سان سوچ ويچار ٿيو، جنهن ۾ سازش جا مختلف پاسا بحث هيٺ آيا هجن؟ مٿين سوالن کان سواءِ به ڪيترائي سوال اڃا به آهن جيڪي جواب طلب آهن. پر سازشي ۽ مصلحتن جي ماريل ماڻهن جي لفظن جي جادوگري اصل حقيقتن تي ايتري دز چاڙهي ڇڏي آهي جو ان کي لاهڻ لاءِ قلم جي جاکوڙ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. آنءُ عوامي تحريڪ، ان سان لاڳاپيل سنڌي شاگرد تحريڪ۽ ٻين ادارن ۾ ذميوار حيثيت ۾ رهيو آهيان. تنهن ڪري انهي عرصي دوران جيڪو ڪجهه وهيو واپريو اهو به منهنجي سامهون آهي. انهي شروعاتي عرصي دوران پارٽي جي مالي پوزيشن ڪهڙي هئي؟ اها به اسان جي سامهون آهي. يعني ان وقت پارٽيءَ جو آمدني جو ذريعو صرف شهيد فاضل راهو ئي هو. پر تنهن کان به پائي پائي جو حساب ورتو ويندو ۽ هُن ڪڏهن به اهڙي عمل کي برو نه سمجهيو، خوشي سان حساب ڪتاب ڏئي جان آجي ڪرائيندو هو. ان وقت 1976ع-1977ع ڌاري لطيف آباد نمبر پوڻا پنج ۾ پليجي صاحب واري گهر جڏهن آنءُ ۽ ڪرم وساڻ ساڻس ملڻ وياسين ته پليجي صاحب اسان جي سامهون شهيد فاضل راهو کي فون ڪري چيو ته منهنجي گاڏيءَ جو ٽائر پنڪچر لڳو پيو آهي. تيل به ڪو نه اٿس ان جو بِلو ڪر! اسان ساڻس ڪچهري پئي ڪئي ته ٻه ننڍا ڇوڪرا اندر آيا ۽ پليجي صاحب کي ڪجهه پئسا ڏئي گاڏيءَ جو ٽائر کولي رڪشا ۾ کڻائي ويا ۽ ٿوري دير ۾ ٺهرائي گاڏي ۾ لڳائي هلڻ لڳا ته پليجي صاحب اسان کي ٻڌايو ته هي فاضل جا ڇوڪرا اسماعيل ۽ اسلم آهن!!! پليجي صاحب کان موڪلائي ٻاهر ٿياسين ته ڪرم وساڻ مون کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته “تو وٽ پنجاهه رپيا هئا ته به حيدرآباد نه پيو اچين هاڻ ته ڏٺئي نه ته پنهنجي ليڊر وٽ ته ٽڪو به ڪونهي، تون اجائي وڏيرپ ڇڏي ڏي” ايئن اسين پليجي صاحب جي اڻ هوند اسماعيل راهو ۽ اسلم راهو جي فرمانبرداري ۽ شهيد فاضل جي مالڪي ڪرڻ جهڙن گڻن مان ايمان تازو ڪري واپس خيرپور موٽياسين. وقت گذرندو رهيو، ڪيئي لاها چاڙها آيا ڇٽ پٽن سان اچي لڳا، ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ڪري مارشل لا لڳائي وئي، ڀٽو قيد ٿي ڦاسيءَ تي چاڙهي شهيد ڪيو ويو. تنهن کان پوءِ ملڪ ۾ جيڪو سياسي جمود طاري هو ان کي آڪٽوبر 1979ع ۾ راهوڪي ۾ ٿيل هاري ڪانفرنس ذريعي ٽوڙيو ويو، موٽ ۾ شهيد فاضل راهو پليجي صاحب سميت ڪيترائي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا، جن ۾ خاص طور تي مِٺو مهيري، ادريس ميراڻي، گل چانگ ۽ ٻيا شامل هئا، هنن کي ڪوڙا به هنيا ويا، هلندي 1980ع ڌاري هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن وارن جو نوٽيس پليجي صاحب جي نالي نڪتو ته توهان جيڪو قرض لطيف آباد پوڻا پنج واري گهر لاءِ ورتو هو اهو هاڻي 30000 رپيه ٿي چڪو آهي جيڪڏهن قرض واپس نه ڪيو ويو ته اهو گهر نيلام ڪري پئسا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايا ويندا. تنهن کان پوءِ پارٽي جو حڪم پهتو هو ته “پنهنجي اڳواڻ جي سهائتا ڪرڻ لاءِ سنڌي ماڻهن اڳيان جهولي ڦهلائڻ کان نه ڪيٻايو، پليجي صاحب جو گهر بچايو!!” ايئن سڄي سنڌ خاص طور حيدرآباد ٽيهه، لاڙڪاڻي مان سورنهه ۽ خيرپور مان پنج ۽ باقي ضلعن مان ٿورو ڪي گهڻو فنڊ پارٽي وٽ پهتو. مزي واري ڳالهه اها ٿي جو پارٽيءَ فيصلو وري اهو ڪيو ته هن فنڊ مان پندرنهه هزار پارٽي ڏيندي ۽ باقي پندرنهه هزار ساٿي “ناٿو” (شهيد فاضل راهوءَ جو پارٽي اندر نالو) ڀريندو. شهيد فاضل جيتوڻيڪ ان وقت جيل ۾ هو پر هن پارٽي جو حڪم مڃيندي الائجي به ڪٿان پئسن جو بندوبست ڪيو ۽ اهڙي طرح اسان جي قائد، رهبر استاد محترم رسول بخش پليجي صاحب جو گهر نيلامي کان بچي ويو. هتي هڪ ڳالهه ياد ڏياريندو هلان ته لاڙڪاڻي مان جيڪي فنڊ جا سورنهه هزار گڏ ٿيا هئا سي صحبت ٻرڙو دور بيني اندر لڪائي کڻي آيو هو ته متان ڪو ڦر نه ڪري وڃي. انهيءَ کان پوءِ پارٽي اهو سوچڻ شروع ڪيو ته “پارٽي وٽ ڪجهه اهڙا وسيلا هجن جن جي آمدنيءَ مان پارٽي جو ڪار وهنوار آساني سان هلائي سگهجي” فيصلو اهو ٿيو ته بدين ۽ ٺٽي ضلعن جي ضلعي ٽيڪس وارا ٺيڪا پارٽي لاءِ ورتا وڃن. اهو ذمو ساٿي فاضل تي رکيو وڃي ته هو اهي ٻئي ٺيڪا پارٽي لاءِ وٺرائي ڏي. تنهن کانپوءِ پارٽي ئي ٻه نالا تجويز ڪيا جن ۾ هڪ غلام قادر پليجو ۽ ٻيو حمزو پليجو! هتي تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ٻئي پليجا پارٽي جي ويجهو به ڪو نه ه/ا!! ٽيون فيصلو اهو ٿيو ته پارٽيءَ جا انتهائي ايماندار ڪارڪن ٺيڪن جو انتظام سنڀاليندا ته جيئن پارٽي کي صحيح لاڀ ملي سگهي. انهي لاءِ ٻه پارٽي ڪارڪن چونڊيا ويا هڪ اسماعيل سولنگي جيڪو يوسف نانگي جي نالي سان مشهور هو ۽ پوءِ سيٺ يوسف سڏجڻ لڳو ۽ ٻيو هو ادريس ميراڻي جن جي ديانت ۽ سچائي تي پارٽي کي پورو يقين هو. شهيد فاضل راهو پنهنجي ذميواري نڀائي ۽ ٺيڪا پارٽيءَ کي مليا، ٺٽو حمزو پليجو ۽ بدين غلام قادر پليجو کي مليا. يوسف نانگو ٺٽو سنڀالڻ لڳو ته ادريس ميراڻي غلام قادر جو سهارو بڻيو. پر ڪم شروع ٿيو ته همراهن جا رويا ئي تبديل ٿي ويا. جنهن جو آخر نتيجو اهو نڪتو ته پارٽي جا ڪم ڪار ته ڌوڙ ٿي ويا پر پليجا اقتداري ايوانن تائين ضرور پهتا. پارٽي جي حساب ڪتاب ۽ آڊٽ ڪرڻ واروکاتو به بند ڪيو ويو. هنن کان ڪا به پڇا نه ٿي ته سالياني آمدني ڪيتري ٿئي ٿي ۽ ان مان پارٽي کي ڇا ٿي مليو. پارٽيءَ جي ٻنهي ڪارڪنن جي سچائي ۽ انتهائي ايمانداري دولت جي وهندڙ گنگا ۾ لڙهي ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن هلي وئي. هتي سوال ٿو پئدا ٿئي ته جڏهن شهيد فاضل راهو اڪيلو پارٽي جا مالي وسيلا پورا ڪندو هو ته انهي کان پائي پائي جو حساب ورتو ويندو هو. پر جڏهن پئسن جي گنگا وهڻ شروع ڪيو ته پارٽي مالي وسيلن جو حساب ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو! انهي جو جواب ڪير ڏيندو؟ ڇا ان وقت جي انهي پارٽي گروپ جنهن کي پارٽي يعني پليجي صاحب جا تارا مسيح چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو تن منجهه ايتري اخلاقي جرئت آهي جو هو انهي مامري جي سنڌ جي نوجوان نسل اڳيان حقيقت پيش ڪن!؟ يقينن شهيد فاضل پارٽي جي اهڙي روئي تي تنقيد به ڪئي هئي ته احتجاج به ڪيو هو، اها ته سندس نيڪ نيتي هئي جو هن ڪڏهن به اهڙن ناروا طريقن جو سهارو وٺندي پارٽيءَ ۾ ڪا گروپ بندي نه ڪئي. انهي عرصي دوران ايم آر ڊي واري جهدوجهد شروع ٿي چڪي هئي سڄي سنڌ رڻ گجيو راڙو ٿيو، وارو منظر پيش ڪري رهي هئي گرفتارين جو سلسلو شروع ٿي چڪو هو انهي جهدوجهد ۾ پيپلز پارٽي کان پوءِ ٻيو نمبر عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جو تعداد پنجونجاهه هو. جيل اندر اسٽڊي سرڪل هلائڻ ۽ ڪارڪنن جي سار سنڀال ۽ نظم ضبط رکڻ لاءِ پارٽي جي منظوري سان هڪ سيل به قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ آنءُ، حمزو هاري ڊاڪٽر ولي عباسي ۽ سراج سيال شامل هئاسين. 1984ع ڌاري اسان جي سيل کي پارٽي طرفان هدايت نامو مليو جنهن ۾ ٻين ڳالهين کان سواءِ هڪ اها ڳالهه به چئي وئي هئي ته “دشمن اسان جي صفن ۾ ڏار وجهڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. آمريڪي قونصل جنرل ۽ نويد قمر (جيڪو ان وقت تازو ئي آمريڪا مان پنهنجي تعليم مڪمل ڪري واپس وريو هو ۽ هن وقت وفاقي وزير طور ڪم ڪري رهيو آهي) سان گڏجي ٺٽي بدين ۽ حيدرآباد جا دورا ڪري چڪو آهي. هر جاءِ تي سندن اهو سوال آهي ته عوامي تحريڪ جي ڪم ڪرڻ جو طريقئه ڪار ڪيئن آهي ۽ سندن مرڪز ڪهڙو ۽ ڪٿي آهي؟ تنهن ڪري پنهنجي صفن کي مضبوط رکو ۽ ڪو به اهڙو عمل ۽ حرڪت اوهان کي سرزد نه ٿئي جنهن سان دشمن کي فائدو ملي….!” انهي جو مطلب اهو هو ته جيڪڏهن جيل اندر تشدد وسيلي اوهان کان پارٽيءَ متعلق ڪو پچاڻو ٿئي ته مڙسي سان انهي کي برداشت ڪري وڃجي پر پارٽي متعلق دشمن کي ڪا به ڄاڻ نه ڏجي. اسين جيل اندر سڀ ساٿي ذهني طور تي ايترا پڪا پختا ٿياسين ته ڀلي اسان کي چيري چچري ماريو وڃي پر اسين ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍنداسين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ وارن جي وطن دوست مزدور فيڊريشن پاران هڪ پمفليٽ ورهايو ويو جيڪو جيل اندر سندن دوستن وٽ به پهتو. پمفليٽ جو عنوان هو “سنڌ جي مزدورن، هارين جي جمهوريت پسند جهدوجهد سان پيپلز پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جي غداري..!” سموري پمفليٽ ۾ ٻه ئي دليل ڏنل هئا ته “پيپلز پارٽي جي اڳواڻ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي گهر جو ٽيلي فون بحال ٿيڻ (ياد رهي ته جتوئي صاحب انهن ڏينهن ۾ پنهنجي ئي گهر اندر نظر بند ٿيل هو) ٻيو دليل هو ته عوامي تحريڪ جي سيڪريٽري جنرل رسول بخش پليجي کي ڪوٽ لکپت جيل مان ميو اسپتال منتقل ڪرڻ، جتي پنجاب جي گورنر جنرل جيلاني طرفان خير سگالي طور تي گلدستا پڻ موڪليا ويا آهن…!!” پمفليٽ پهچڻ شرط سياسي قيدين خاص طور تي پيپلز پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جي همراهن ۾ تمام گهڻو تيش ڦهلجي ويو. حالت اها وڃي ٿي جو حالتن کي سنڀالڻ اسان جي وس کان ٻاهر ٿي پيو تنهن ڪري اسان پنهنجي ٻن دوستن عوامي تحريڪ جي راهب جت ۽ پيپلز پارٽي جي لاڙڪاڻي واسي مساواتي (هن تي هي نالو شهيد ڀٽي جو رکيل هو) کي هڪ کوليءَ ۾ سڄو ڏينهن بند رکڻو پيو ڇو ته اهي ٻئي دوست ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ ئي نه ٿي آيا، شام جو پيپلز پارٽي جا اڳواڻ آفتاب شعبان ميراڻي ۽ مير هزار خان بجاراڻي آيا جن پيپلز پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جي دوستن سان گڏجاڻي ڪري معاملو ٿڏو ڪرايو. وقفي وقفي سان ايم آر ڊي جا اسير به آزاد ٿيندا رهيا. سال 1986ع هلندي عوامي تحريڪ، اين ڊي پي جنهن جو سربراهه خان عبدالولي خان هو ۽ ڪجهه ٻين گروپن کاٻي ڌر جي پارٽي عوامي نيشنل پارٽي (ANP) ٺاهي جنهن جو پهريون تاسيسي اجلاس مرحوم حاڪم علي زرداريءَ جي ڪراچي واري گهر تي ٿيو هو. پاڪستان اندر اهڙي قسم جي برجستي کاٻي ڌر جي پارٽي ٺهڻ تي افغانستان جي تڏهوڪي صدر ڊاڪٽر نجيب الله پارٽي صدر خان عبدالولي خان کي پنهنجي پارٽي وفد سميت افغانستان اچڻ جي دعوت ڏني، جنهن تي اي اين پي جي مرڪزي ڪاميٽي اهو فيصلو ڪيو ته محمد فاضل راهوءَ (جيڪو پارٽي جو سينئر نائب صدر هو) جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد موڪليو ويندو جنهن ۾ بيگم نسيم ولي خان سميت ٻيا اڳواڻ به شامل هئا، افغانستان جي ويزا وفد جي ٻين مڙني ميمبرن کي ته ملي وئي جيڪي ڊسمبر 1986ع ڌاري افغانستان جي دوري تي وڃڻا هئا پر فاصل صاحب کي سرڪار ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انهي وچ ۾ پنهنجي پارٽي جي ڪنهن سڄڻ ماڻهوءَ کي اها کڙڪ پئي ته فاضل جي زندگيءَ کي خطرو آهي، سو ان پليجي صاحب کي اهڙو اطلاع ڪرايو، موٽ ۾ پليجي (E-11) اليون اِي محمّد علي سوسائٽي واري بنگلي تي هڪ دونهاندار پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ سرڪار کي خبردار ڪندي چيو ته توهان جا باوردي ماڻهو اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. اسين ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون وغيره …! پوءِ ستت ئي پليجو صاحب علاج واسطي لنڊن روانو ٿي ويو، جتي به کيس خرچ پکي جي ضرورت هئي، جنهن واسطي فاضل سميت پارٽي جي سمورن دوستن سڄي سنڌ مان چندو گڏ ڪري لنڊن موڪليو هو. نومبر ڊسمبر 1986ع ۾ فاضل صاحب سنڌ جو دورو ڪيو هو. گڏجاڻين ۾ سندس تقرير جو اڪثر موضوع ئي اهو هو ته “موت کان ڇو ڊڄجي! مرڻو ته اڳي پوءِ ضرور آهي. تنهن ڪري ڪجهه ڪري مرجي ته بهتر!” اڄ به جڏهن رڪارڊ ڪيل سندس تقريرون ُ ٻڌجن ته لڳندو ته فاضل صاحب کي واضح طور ٻڌايو ويو هو ته “اسان سان ٺاهه ڪر نه ته ٻي صورت ۾ مرڻ لاءِ تيار ٿي..!!” ۽ پوءِ 17 جنوري 1987ع تي پاڻ کي ته رات جو 8 وڳي بي بي سي ريڊيو تان ئي اطلاع مليو ته “توهان جو ڀنڀور لٽجي چڪو آهي، اوهان جو فاضل راهو قتل ٿي چڪو آهي” پليجي صاحب جي لنڊن واپسي کان پوءِ مون کي پڪ ڏياري وئي ته پارٽي شهيد فاضل راهو جي پلاند لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙيندي! ڇو ته 18 ڊسمبر 1987 جي رات مون ۽ جمعي نوحاڻيءَ راهوڪي ۾ شهيد فاضل جي قبر جي پاسي ۾ ويهي ڳوڙهن ڳاڙڻ بدران اها رٿابندي پئي ڪئي ته وڌ ۾ وڌ هفتي جي اندر اندر پلاند ٿيڻ گهرجي، اسين اهڙي رٿا جي مختلف پاسن تي سوچي رهيا هئاسين ته هڪ پارٽي ساٿي اچي چوڻ لڳو ته توهان کي پارٽي جا ساٿي گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ جو چئي رهيا آهن. تنهن تي اسان ان کي ٺاهوڪي ڇنڊ پٽي ۽ هو هليو ته ويو پر ٿوري دير ۾ عالم شاهه ۽ ڪجهه ٻيا ساٿي اچي نڪتا، جن پارٽي ضابطن ۽ پارٽي لائن تي بحث ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اسان ٻنهي کي اها پڪ ڏياري ته پليجي صاحب کي رڳو پهچڻ ڏيو…….!! ڊسمبر 87 ۾ حسين بخش ناريجي جي پٽن جا طهر ٿي رهيا هئا ته پارٽي طرفان اسان کي اطلاع مليو ته “اپر سنڌ جي مک ساٿين جي گڏجاڻي نئين ديري ۾ حسين بخش جي گهر ٿيندي ان لاءِ اوهان ٻن ساٿين ڪرم وساڻ ۽ شاهنواز راڄپر کي اتي پهچڻو آهي، مون کي سرهائي ٿي ته پليجي صاحب جي موجودگيءَ ۾ اها پهرين گڏجاڻي ٿي رهي آهي يقينن شهيد فاضل جي پلاند ڪرڻ لاءِ ضرور پلاننگ ڪئي ويندي، سو مون مختلف رٿون جوڙي ورتيون ته جيئن گڏجاڻيءَ ۾ ڀرپور انداز ۾ رکي سگهان. نئين ديري ۾ سکر، خيرپور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جا ٻه ٻه ساٿي پهتل هئاسين. رات جي ماني کان پوءِ گڏجاڻي شروع ٿي جنهن ۾ شروعاتي طور عالم شاهه ڳالهايو. سندس سموري رپورٽ يوسف نانگي (اهو پارٽي ساٿي جيڪو ايماندار طور حمزي پليجي کي ڏنو ويو هو) متعلق ڳالهايو جنهن جو تت اهو ٿو بيهي ته “نانگو سپلائر آهي ۽ شهيد فاضل جي پٽ اسماعيل راهوءَ جو اصل خانو خراب ڪري ڇڏيو اٿائين ۽ جنهن جي ڪري اسماعيل راهو پارٽي کان پري ٿي چڪو آهي وغيره…!! مون رپورٽ به ٻڌي پئي ۽ اسماعيل راهو لاءِ ڪاوڙ واري انداز ۾ سوچي به رهيو هئس ته اسماعيل راهو ٿيندو ڪير آهي جو شهيد فاضل راهو جي پارٽي کان پري ٿيندو پيو وڃي، مون دل ۾ اهو پڪو پهه ڪيو ته سج اڀرڻ سان ڳوٺ وڃڻ بجاءِ لاڙڪاڻي کان سڌو حيدرآباد ويندس ۽ ادي شهناز راهو (شهيد فاضل راهو جي وڏي نياڻي) کي ساڻ ڪري اسماعيل راهو جي چڱي نموني خبر وٺندس. ان وقت منهنجي حالت اها هئي جو گڏجاڻي ۾ ڄڻ آنءُ موجود ئي نه هئس، ڇو ته مون خيالن ئي خيالن ۾ اسماعيل راهو سان جهيڙو ٿي ڪيو. گڏجاڻي ۾ منهنجي اها حالت ٻئي ته ڪنهن محسوس نه ڪئي صرف ڀر ۾ ويٺل علي حسن ٻپڙ جيڪو منهنجو هم خيال هو ۽ اسان ٻئي گهاٽا دوست به آهيون، تنهن منهنجي اها حالت ڏسي ورتي ته هي ڪنهن ٻئي جهان ۾ آهي. تنهن مون کي ٺونٺ هڻي واپس گڏجاڻي ۾ آندو ۽ اک جي اشاري سان پڇائين ته ڇاهي؟ مون جلدي چٽ تي لکي ڏنس ته اسماعيل راهو سان جهيڙو. خير عالم شاهه جي رپورٽ ڏيڻ کان پوءِ پليجو صاحب کي ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو ته اسين سڀ همه تن گوش سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ تازا ٿي پياسين پليجي جيڪا تقرير ڪئي اها وري شهيد فاضل راهوءَ متعلق ۽ انهن ڄٽ پارٽي ساٿين لاءِ هئي جيڪي پلاند ڪرڻ لاءِ آتا هئا! سندس چوڻ هو ته ڄٽن جي پارٽي اندر هاڻي ڪا به گنجائش ناهي، فاضل به ڄٽڪيون ڪندو هو، منجهس وڏيرڪيون خوبيون هيون ۽ هو هميشھ بيوقوفيون ئي ڪندو هو…!! اهو ٻڌي آنءُ سوچڻ لڳس ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ مون پاسي کان ويٺل سائين ڪرم وساڻ کي ٺونٺ وهائي ڪڍي ته هي ڇا آهي؟ تنهن هٿ جي هلڪي اشاري سان چپ رهڻ لاءِ چيو. آنءُ سوچيندو ئي رهيس ته اڃا فاضل جو ڪفن ميرو ته پري جي ڳالهه آ پر سندس خون جا نشان به ڪفن تان ڌنڌلا نه ٿيا آهن ۽ پارٽي قيادت طرفان مٿس ذاتي قسم جي شديد تنقيد ڪئي پئي وڃي آخر ڇو؟ سياسي لائن ۽ سوچ تي تنقيد پارٽي ادارن ۾ ٿيندي رهي آهي، پر هتي هڪ اهڙي پارٽي اڳواڻ تي ذاتي تنقيد ٿي رهي هئي يا اهڙا الزام ٿي لڳا جن جو مون ڪڏهن تصور به ڪو نه ڪيو هو، ڇو ته پارٽي جي مختلف ادارن ۾ مٿس ڪڏهن به اهڙن الزامن متعلق تنقيد نه ٿي هئي، حالانڪه شهيد فاضل ۾ سخت کان سخت تنقيدي جملا برداشت ڪرڻ جي صلاحيت موجود هئي، پوءِ سندس زندگيءَ ۾ ڇو نه مٿس اها تنقيد ڪئي وئي، ان رات مون کي ننڊ ڪا نه آئي، باقي رات ڪاڪي ارباب آگاڻي سان ٻاهر مچ ٻاري ويهي رهيس ۽ سوچيندو رهيس ته آخر هي ماجرا ڇا آهي؟ ايتري ۾ علي حسن ٻپڙ ٻاهر نڪري آيو ۽ چيائين ته سمهين نه ٿو، مون چيومانس ننڊ نه ٿي اچي! چيائين هي گڏجاڻي ۾ ڇا هو جو هڪ اسماعيل راهو تي ڳالهايو ۽ ٻئي شهيد فاضل تي!؟ چيم اهو ئي ته سوچيان ويٺو جنهن جي ڪري ننڊ نه ٿي اچيم. ڪنهن کان به موڪلائڻ کان سواءِ فجر مهل سڀني کي ننڊ ۾ ستل ڇڏي، صرف ڪاڪي ارباب کان ئي موڪلايم جنهن دعائون ڪندي روانو ڪيو، ويگن ۾ چڙهي سکر هليو آيس. هاڻي مسئلو اهو سامهون آيو ته سنڌ مان پارٽي ڪنهن کي ٿي موڪلي يا ڪنهن جو نالو ٿي ڏي. اي اين پي جي سينئر نائب صدر لاءِ، انهي سلسلي ۾ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ گهڻن دوستن جو اهو رايو هو ته اسماعيل راهوءَ کي سينئر نائب صدر ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته جيئن هو سياسي طور پرائي سگهي، ڪجهه ٿورن دوستن جو خيال هو ته هي انقلابي پارٽي آهي جنهن ۾ موروثيت ۽ ذاتيات جو تصور نه ٿو ڪري سگهجي. پوءِ واري حالت کان ته هر پارٽي جو دوست واقف آهي، هر ضلعي ۾ هيٺين سطح جي يونين تائين “موروثيت هڪ غلط لاڙو” جي عنوان سان هدايت ناما پڙهايا ويا، هر سطح تي بحث ٿيڻ لڳا. نيٺ عالم شاهه پارٽيءَ جو نائب صدر ٿيو ۽ ڄڻ ته سنڌ جو ڪو وڏو مسئلو حل ٿي ويو. سوال اهو ناهي ته اسماعيل راهوءَ کي موقعو ڇو نه ڏنو ويو؟ اصل ڳالهه روين جي آهي، احساس محروميءَ وارا رويا ئي ماڻهو کي خسيس بڻائيندا آهن. شهيد فاضل جو قتل ڪيس جلد ئي قاتل ڌر طرفان بدين کان ڪراچيءَ ڏانهن منتقل ڪرايو ويو. شهيد فاضل جو وڪيل عبدالسلام انصاري هو جيڪو حيدرآباد جو تمام ماهر وڪيل رهيو آهي.اهو به سرڪار پاران ئي اسان تي رحم کائيندي ڏنو ويو هو ته ڇا ياد ڪندا، ان (قتل ڪيس) متعلق اسان جي پارٽي ۽ قائد جا ڪهڙا ويچار هئا؟ پارٽي قتل ڪيس جو ڪراچي ڏانهن منتقل ٿيڻ کان پوءِ ان جي پوئواري ۽ مالڪي مان ڇو هٿ ڪڍي وئي؟ آخر ان جا سبب ڪهڙا هئا؟ ڪيس ۾ پيش ٿيندڙ اکين ڏٺن شاهدن جمن سولنگي، جعفر جاکرو ۽ حسن لوهار کي گولاڙچي شهر ۾ ڌمڪيون ملنديون رهيون ته “خبردار جيڪڏهن توهان فاضل راهو جي حق ۾ ۽ اسان جي خلاف شاهديون ڏنيون ته اوهان جو حشر به اهو ٿيندو جيڪو فاضل راهو جو ٿيو آهي” ان صورتحال کان پوءِ فاضل جي پارٽي دشمن جي ڌمڪائڻ واري عمل تي ڪهڙو رد عمل ڏيکاريو ۽ ڪهڙي رٿابندي ڪئي ته جيئن ڪيس جي شاهدن جيڪي به پارٽي جا ڪارڪن هئا انهن جو تحفط ڪري سگهجي؟ پر ڪنهن ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ جي به تڪليف ڪا نه ڪئي نتيجي ۾ پارٽي کان ڪارڪنن ۾ مايوسي پکڙجڻ لڳي. خود گولاڙچي سرڪاري اسپتال جو ڊاڪٽر لطيف کهڙو جيڪو چانڊڪا ڪاليج جي زماني کان منهنجو دوست رهيو آهي جڏهن اهو ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ مون سان مليو ۽ ڪيس متعلق مون کي ٻڌايائين ته “مون تي گهڻو دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته حاضرين تي به پيش ٿي، تون جيئن چوندين ايئن ٿيندو ٻي صورت ۾ تو لاءِ سٺو نه ٿيندو يعني ان کي ڌمڪائڻ ۽ لالچون ڏيڻ جو ڪم دشمن طرفان ٿي رهيو هو. مون جڏهن ڊاڪٽر لطيف کي چيو ته “يار پرواهه نه ڪر اهڙي ڳالهه ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ توکي ڪجهه نه ٿيندو،“ تنهن تي مون کي چيائين ته “منهنجو فڪر ڇڏيو، پنهنجي شاهدن جو بچاءُ ڪريو جيڪي ڪيس تي به ڪو نه ٿا اچن.“ اها هئي شهيد فاضل جي پارٽي جي حالت، ٻيو ته ڇڏيو پر ڪيس هلڻ دوران ته محترم رسول بخش پليجي جا اهي لفظ ته “چانگ (يعني شهيد فاضل جا قاتل) بيوقوف آهن مون کي وڪيل ڪن ها ته آنءُ کين ماڻهو جلدي ۾ ئي ڇڏرائي ڏيکاريان هان…..!!” انهي عمل ۽ رويي کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ ٻيو ته ٺهيو پر جڏهن 12 مئي 1990ع ۾ ڪيس جي فتويٰ آئي پئي ته پليجي صاحب کي چيو ويو ته “سائين اڄ شهيد فاضل راهو جي ڪيس جي فتويٰ آهي هلو ته ڪورٽ ۾ هلون!” تنهن تي به سندس جواب اهو ئي هو ته “ڇا مون کي ٻيا اهم ڪم ڪونهن؟ ڇا هي دنيا جو ايڏو وڏو ڪيس آهي جنهن کي آنءُ ٻڌڻ هلان!!” پليجي صاحب سان اها آخري حجت جنهن به ڪئي اسان ان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. هاڻ ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ کپي ته زندهه فاضل کان شهيد فاضل وڌيڪ چڀندڙ ۽ اک جو ڪنڊو آهي..!! هينئر ويب سائيٽس تي ڏيکاريو پيو وڃي ته “عوامي تحريڪ کي پليجو خاندان ۽ بلوچ فيملي ئي منظم ڪري هلايو! ته پوءِ ٻيا ڪارڪن ۽ اڳواڻ ڪيڏانهن ويا!؟ آخري ڳالهه پڇندس ته 1980ع ۾ اسان جي پارٽي وٽ ٽيهه هزار ڪونه هئا، پر اٺن سالن بعد جڏهن ملڪ ۾ عام چونڊون، ٿيون هيون تڏهن پليجي صاحب جو چونڊن وارو خرچ لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪروڙ جي وڃي بيٺو هو. اهي پئسا ڪٿان کان آيا؟ ٻيو ته اليڪشن دوران جڏهن سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ پيپلز پارٽي سان ڳالهايو ويو ۽ شهيد محترمه بينظير اسماعيل راهو واري صوبائي سيٽ ڏئي رهي هئي ته اها ڇو نه ورتي وئي. محترمه بينظير ڀٽو جو اهو چوڻ هو ته شهيد فاضل راهوءَ جون جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون آهن تنهن ڪري اها سيٽ سندس قربانين ۽ خدمتن جي مڃتا طور سندس پٽ کي ڏئي رهيا آهيون. پر شهيد فاضل جون جمهوريت، عوام جي خوشحالي، پورهيت انقلاب لاءِ ڏنل قربانيون سندس ئي دوست کي قبول ڪو نه هيون…. آخر ڇو؟ مون کي اڃا به ڪيترائي سوال پڇڻا آهن. انهي سڄي کوجنا ۽ واقعن جي تسلسل ۾ مون کي اهو ئي جواب مليو آهي ته … “تير لڳڻ کان پوءِ جڏهن مون پوئتي نهاريو ته، توسان ئي ملاقات ٿي وئي..!! (
شهيد فاضل راهو جي عظمت کي سلا م سندس جيڪي ڪوششون غريب هارين لاءِ رهيون اهي هميشه لاءِ ساراهه جوڳيون آهن
محترم شهيد فاضل راهو جي شهادت اسانکي چڱي نموني ياد آهي ، مان انوقت تمام ننڍو آهيان ۽ پرائمري ۾ نئون داخل ٿيو آهيان ، سندن کي سرخ سلام
فاضل راهو جي جدوجهد محمد قاسم ميرجت وڪيل 1965 ۾ آءٌ بنيادي جمهوريت کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ ڪري ملازمن جي تربيت لاءِ ٽنڊوڄام هاسٽل ۾ رهندو هوس، ان وقت ان تربيتي اداري ۾ نه رڳو سنڌ مگر ملتان ڊويزن تائين جا ملازم به تربيت لاءِ ايندا هئا. ملازمن ۾ اڪثريت ٻهراڙي وارن جي هوندي هئي، مذاڪرو ڪرايو ويو، عنوان هو ته عورت کي تعليم ڏيارجي ۽ مردن سان گڏوگڏ کيس ڪم ڪرڻ جو موقعو ملڻ کپي يا نه؟ عورت کي جائز حق ڏيڻ ۽ مردن جيان عورتن کي به زندگي جي مختلف شعبن ۾ عورتن جي ڪرڻ جهڙا ڪم، مثال تعليم تدريس، صحت، هنر، زراعت، فنون لطيفه ۾ اڳتي اچڻ جا موقعا ڏنا وڃن ٻي طرف اسانجو مضبوط گروپ عورت کي ڪنهن شعبي ۾ مردن سان گڏ ڪم ڪرڻ به غير اسلامي غير اخلاقي ۽ کليل ڇڙواڳي آهي. مگر عورت جو پڙهڻ به خانداني عزت آبرو ۽ اخلاق جو ڏيوالو نڪري ويندو. ڇوڪريون جي پڙهيون ته ادب ۽ حياءُ به ويندو هليو. خط لکنديون پنهنجي مرضي سان ڪنهن سان ڀڄي وڃي شادي ڪنديون، ان ڪري عورت لاءِ گهرجي چئوديواري ۾ رهڻ ئي بهتر آهي، وڌ ۾ وڌ کيس قرآن شريف پڙهائجي ۽ پنهنجن مردن سان گڏ زرعي ڪم لابارو، گاهه، چُونڊو، پاڻي، واٽر تي وڃي ڪپڙا ڌوئڻ، اهي به الاهي ڪم آهن ۽ کيس وڌيڪ پڙهڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. ڪاليج جو پرنسپل فاروقي صاحب جج طور فيصلو ڪرڻ وارو هو، هُن صاحب چيو ته ٻنهين طرفن جا دليل تمام وزنائتا ۽ مضبوط آهن، ان ڪري آءٌ منجهي پيو آهيان. پر جن دوستن عورتن جي تعليم ۽ گهر کان ٻاهر نڪري مردن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي آهي اُهي دوست جيڪڏهن منهنجي هڪ سوال جو جواب ڏين ته آءٌ پاڻ هن دوست جي حق ۾ ووٽ ڏيندس ته عورتن کي تعليم نه ڏياري وڃي: ڇا اڻ پڙهيل عورتون عشق نه ٿيون ڪن؟ گهرن مان ڀڄي ڪونه ٿيون وڃن؟ اسان اهڙا ڪُڇون جهڙي ڀت، ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيوسون، پوءِ جڏهن وڌيڪ تاريخ جو مطالعو ڪيو ويو ته خبر پئي ته اسلام جي اچڻ کان پوءِ به مردن سان گڏ عورتن جي ڪرڻ جهڙا پورهيا پيون ڪنديون هيون، نه رڳو ايترو پر جنگ دوران پنهنجي پهلوانن جي حق ۾ ”رجز“ گيت ڳائينديون هيون، سپاهين لاءِ کاڌو تيار ڪنديون هيون، زخمي سپاهين جي ملم پٽي، هٿيار تيز ڪرڻ، پاڻي پيارڻ جهڙا سموران ڪم ڄڻ ته اڌ جنگ عورتون وڙهنديون هيون. دنيا جي تاريخ عورتن جي مجاهدانه ڪردارن سان ڀري پئي آهي، سمبارا کان سهند ديوي، ليلا خالد کان ملالا تائين هر ويڙهه توري سماج جي واڌاري ۾ عورتن جو ڪردار نمايان رهيو آهي. ان ڪري اسان جي پارٽي به سوچيو ته عورتن کي سجاڳ ۽ منظم ڪجي. ان ڪري فيصلو ٿيو ته اڳواڻ ۽ متحرڪ ساٿي پنهنجون عورتون حيدرآباد فاضل صاحب جي مائٽن جي هيرآباد واري ماڙي تي وٺي ايندا، مٿي ماڙي تي عورتن جي گڏجاڻي ٿيندي، انقلابي ليڪچر به عورتون ڏينديون. هيٺ پارٽيءَ جي اعتماد وارا ساٿي هوندا، پر نه ته عورتن کي اجازت هوندي ته هو هيٺ لهي اچن، يا شهر ۾ وڃن، نه مردن کي اختيار هوندي ته مٿي چڙهي وڃن. عورتن ۽ مردن سان رابطي جو ڪم ننڍا ٻار ڪندا، اهو ضابطو گڏجاڻي ختم ٿيڻ معنيٰ ٻن ڏينهن ۾ ختم ٿئي يا ٽن ڏينهن ۾ اوستائين اهو ضابطو لاڳو رهندو. يحيٰ جي دور ۾ ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپائڻ لاءِ لالا قادر بک هڙتال ڪئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ محترم قاضي فيض محمد جهڙا عظيم انسان بک هڙتال ۾ شامل ٿيا، حڪومت سڀني کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ماٺ ڇائنجي وئي. جڏهن اختر بلوچ، نسيم سنڌي ۽ ٻن ڇوڪرين بک هڙتال ڪئي ته حڪمرانن سمجهيو سڄي قوم وڙهڻ لاءِ تيار آهي، اهڙي ريت سنڌ جون سون ورنيون زمينون نيلام ڪرڻ خلاف هارين بک هڙتال ڪئي، مگر جڏهن اختر بلوچ، گلان ملاح ۽ ٻين عورتن بک هڙتال ڪئي ته حڪومت نيلام بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو. آءٌ توهان دوستن کان اجازت ٿو گهران ته مون کي اجازت ڏني وڃي ته آءٌ نه صرف سنڌ جي عورتن کي گڏ ڪيان پر کين مارشل لا خلاف منظم ويڙهه ڪرڻ لاءِ تيار ڪيان، ان جي شروعات پنهنجي زال ڌيءُ ۽ ڀيڻ سان گڏ پاڙي جي سمن، لانگاهن، چانگن ۽ ٻين عورتن سان ڪيان ٿو، انهن جي هر قسم جي حفاظت جو ضمو منهنجو آهي. ڪا بدنظمي نه ٿيندي ڪا ڇڙواڳي نه ٿيندي، نه وري ڪنهن جي گلا غيبت ٿيندي. فاضل جي سنجيدگيءَ سمورن کي چڪرائي وڌو. فاضل صاحب پنهنجي ڳوٺ راهوڪي ۾ عورتن جو ميڙ ڪوٺايو، پارٽي ساٿين جي عورتن کان سواءِ اوڙي پاڙي جون الاهي عورتون گڏ ٿي ويون. سڄو ڏينهن گڏجاڻي هلي، شهناز راهو صدر خديجه ڪيڙانو سيڪريٽري شهيد محمد فاضل راهو ۽ ساٿين محمد يوسف ڪيڙانو عورتن جي سموري سنڌ ۾ تنظيم ڪاري جي ذميواري کنئي ۽ جتي جتي سرگرم ساٿي هئا، اتي شهناز راهوءَ جي اڳواڻي ۽ عورتن دورا ڪيا. شهيد فاضل راهوءَ جي ڌيءَ ۽ ڀيڻ ۽ ٻين ڇوڪرين کي دوران ڪندي ڏسي کيس اعتبار اچڻ لڳو ۽ تنظيم وڌڻ لڳي. جڏهن 1983ع جي تحريڪ ۽ گرفتاريون شروع ٿيون ته جيل مان فاضل جو نياپو مليو ته عورتن جون گرفتاريون پيش ڪرايو، مير امان الله ٽالپر جي لطيف آباد واري گهر تي ميٽنگ سڏائي وئي. ساٿي محمد يوسف ڪيڙانو پنهنجي ڌيءُ ڪلثوم ڪيڙانو جو ۽ ٻي ملاح ڀيڻ جو نالو ڏنو، جنگ شاهيءَ مان پليجي صاحب جي گهر جون ڀاتياڻيون، سلمان ڏاهري پنهنجي ماءُ ۽ سسُ جو نالو ڏنو، اسد گاڏهيءَ پنهنجي ماءُ جو نالو پيش ڪيو. مون پنهنجي ڌيءُ جو نالو ڏنو. اسماعيل راهو پاسي واري کيسي مان ڪاغذ ڪڍيو، جنهن ۾ شهيد فاضل راهوءَ جي گهر جي عورتن کان سواءِ چانگ، سمان، لانگاهه، ملاح به پنهنجون لڄون وطن مان ڏرت لاهڻ لاءِ جيل اماڻڻ لاءِ پيون ڪيون. فاضل اتي به اسان کي پوئتي ڇڏي ويو، اسان جي چوڻ تي ٻيو ڪوبه پنهنجي ڌيءُ ۽ ڀيڻ جيل موڪلڻ لاءِ تيار نه هو. جڏهن مرحوم ادي غلام فاطمه ۽ ڪلثوم ڪيڙانو حيدرآباد حيدر چوڪ تي گرفتاري پيش ڪئي، ان جي ٻئي ڏينهن وارين اخبارن، بي بي سي جي تبصرن ڄڻ ته تحريڪ جي ٻرندڙ باهه تي پيٽرول جو ڪم ڪيو ۽ سڄي سنڌ سراپا احتجاج ٿي وئي. جن ايوب خلاف هلچل هلائي، ون يونٽ آڏو سينو سپر ڪري بيٺا، ڀٽي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو يا ضياءَ سان مهاڏو اٽڪايو، انهن کي جيڪي انعام اڪرام عهدا ۽ مال مليا اُهي ڪنهن کان لڪل ڪونه آهن. روزاني عوامي آواز مُڙسي ڪري هڪ سلسلو شروع ڪيو هو ته ”آءٌ اعتراف ٿو ڪريان“ پر مان ڪنهن به گهربل اعتراف ته ڪيو، نيٺ اخبار کي اهو سلسلو ئي بند ڪرڻو پيو، ٻين تي ڏوهه ڏيڻ سَولي ڳالهه آهي، پاڻ کي سچ چوڻ ڪيڏو ڏکيو آهي. اهو ڪو ”ڪئين ڪتابن جي خالق ڪريم بخش نظاماڻي کان پڇي! * شهيد فاضل جهڪڻ جهڙو به نه هو، وڪامڻ جهڙو به نه هو، ته کيس ڪهاڙين مان ڪڍڻ کان پوءِ به پويرن کي صوبائي سيٽ نه ڏني وئي ته وزارت. * شاهپور وارا جيل به ويا، مٿا به ڦاڙايآءٌ، پنهنجي جيجل ماءُ ۽ سسُ کي دوائن جون ٿيلهيون هٿ ۾ڏئي جيل موڪليآءٌ، کين ڪراچي جي زمينن جون گرانٽون، صاحبِ اقتدار جا مختيارخاص ڪري نوازيو ويو. * قمبر ۽ لاڙڪاني وارن به تبليغ، تنظيم ۽ انقلابي تعليم ۾ پاڻ ملهايو ته کين به وزير جو پوليٽيڪل اسسٽنٽ، ڪجهه کي ٺيڪن مان چٻڙاٽو. * ناريجو صاحب به ڦٽڪا کاڌا، کيس به ڪجهه نه ڪجهه پ پ ۽ ارباب رحيم وٽان مليو يا نه، ته سا سندس قسمت. * خديجه ڪيڙانو ۽ ڪلثوم ڪيڙانو، سائين يوسف کان کين ڪٽي ڌار ڪري گاڏيون، بنگلا ۽ ٻيون نوازشون ڪيون ويون. * منهنجي به ڌيءُ جيل ۾ وئي هئي، آءٌ به اول اسماعيل راهو جي مهرباني سان اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل ۽ پوءِ پراڻي انقلابي عوامي ليگ جي ميمبر، هاڻوڪي ايڊووڪيٽ جنرل ۽ تمغهِ امتياز عبدالفتاح ملڪ جي ڪوشش سان ايڊيشنل ايڊووڪيٽ. * اسماعيل سوهو جهڙو ۽ ارڏو ۽ ويڙهو ماڻهو ڪير سڏائي، ان کي ڪٿي ٻي هنڌ جاءِ نه ملي ته ڌيءُ هير سوهو ايم پي اي ٿي وئي. * ڊاڪٽر فيروز جلاوطن ۽ جلاوطني ۾ راهه رباني روانو ڪيو ويو. * لکو مل ۽ لالن ڏاڍا سرگرم ڪارڪن هئا، اڄ لکو مل لنڊن ۾ لال لالئون لال ٿي ويو. * آءٌ ۽ ڊاڪٽر علي گل ميتلو رمضان جي مهيني ۾ فاضل صاحب کي جيل ۾ زهر ڏيڻ خلاف اسيمبلي ۾ سوال اٿارڻ لاءِ اسلام آباد جي گهٽين ۾ پيا رلندا هئاسون، پڪوڙا ته ملندا هئا، پر مارشل لا جي سختي جي ڪري ڪٿي کائڻ جي ڪابه جاءِ نه ملندي هئي. اڄ اهو ڊاڪٽر علي گل ميتلو صاحب سموري خاندا سميت سموري دنيا ۾ ڪاروبار ۾ مصروف ۽ سياسي منظر نامي تان اسان جيان هميشه هميشه لاءِ گم ٿي ويو. سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته اڄ ڪلهه هر پارٽي ۽ تنظيم وٽ عورت ونگ آهي ۽ عورتون وڏي تعداد ۾ مظاهرن، جلسن ۽ مذاڪرن ۾ شرڪت ڪن ٿيون ته هنن عورتن ۾ جيڪا فاضل تنظيم سازي ڪئي ان ۾ ڪهڙو فرق آهي. عمران خان جي ڌرڻي ان راز تان پردو هٽايو ته زرداري ۽ نواز شريف هڪ شيءِ آهن. وري پشاور سانحي جي نتيجي اي پي سي ۽ اسيمبليءَ مان ملٽري ڪورٽن جي حق ۾ ترميم ثابت ڪيو ته خريدار جي آڏو سڀ ٽوڪرا ٻولي لڳڻ جي انتظار ۾ آهن. جهڙو ماڻهو تهڙو ناڻو، هر ڪو پنهنجي اگهه اگهاڻو. جڏهن مردن جي ڪا مجاهدانه پارٽي تنظيم نه آهي ۽ اڄ ڪلهه ته اهڙا به واقعا رُونما ٿيا آهن ته ڇوڪري وٺي سياسي سرگرمي ۾ حصو وٺڻ آهي، هاڻي الائي پاڻ ايندي يا نڪاح نامون ايندو يا ڪنهن نالي سان سندس چچريل لاش ملندو. اهڙي ماحول ۾ ڪنهن مجاهدانه دلير عورت تنطيم جو تصور ئي ڪري سگهجي ٿو، باقي بس. اڄ ڪلهه سياسي، سماجي، خاص ڪري اين جي اوز ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي پيار جي شادي چاهي اها ڀرچونڊيءَ واري پير زوري مذهب مٽرائي ڪرائي هجي، يا شهوت جي غلبي آڏو گوڏا کوڙي، نه وڳر کان وڇڙڻ جي پرواهه، نه آئينده گذر سفر جو فڪر، نه وري ڇوري جيڏانهن وڃي ٿي انهن جي ورتاءَ جي ڳڻتي. شهيد محمد فاضل ٻڌايو ته آءٌ حيدرآباد ۾ هئس، خبر پئي ته صديق راهو پاڙي مان هڪ ڇوڪري کڻي ويو آهي، ڇوڪري پنهنجي مرضي سان وئي آهي. مائٽ به بي پهچ آهن، گهڻي گهڻي ڪونه ڪندا. فاضل چيو دل ۾ سوچيم ته جيڪڏهن منهنجي پاڙي ۾ ڪنهن جي نياڻي سياڻي محفوظ نه آهي ته پوءِ اسين هي اجايو ڇو پيا جڳ هڻون. آءٌ هڪدم ڳوٺ روانو ٿي ويس، ڇا ڏسان نه ڳيچ پيا ڳائجن، خوشي جو ماحول هو، جي سختي ٿو ڪريان ته ماحول خراب ٿيندو، ڇا ڪيم جو پنج سئو رپيا ڇوڪريءَ جي هٿ تي رکيم ۽ ڏاڍي خوشي جو اظهار ڪيم، پوءِ گهروارن کي چيم ته صديق منهنجو وڏو پٽ آهي، ان جي شادي ڌام ڌوم سان ڪرڻ گهرجي، مون ڇوڪري جي مائٽن سان ڳالهايو آهي، اُهي به راضي آهن، پر هي ڇوڪري رخصت سندس مائٽن جي گهران ٿيندي، جنهن ۾ هنن جي به عزت آهي ۽ اسان جي به عزت ٿيندي. اها ڳالهه کين سمجهه ۾ اچي وئي. مون ڇوڪري کي چيو بابا تون منهنجي نُنهن آهين، تو کي وڏي ڌام ڌوم سان وٺي ايندس، هينئر مون سان واپس حيدرآباد هل، ڇوڪري تيار ٿي ته صديق به تيار ٿيو ۽ ڇوڪري به سمورن ڳهن ڳٽن سميت تيار ٿي، مون کيس چيو امان اهي ڳهه لاهه، اهي توکي شادي وقت ڏيندس ۽ صديق کي چيم ته تون ويهي رهه. ائين جيئن تيئن ڪري ڇوڪري حيدرآباد وٺي آيس، ڇوڪري مائٽن جي حوالي به ڪئي ۽ کين چيم ته ڇوڪري جو هينئر ئي نڪاح ڪرايو آءٌ ويٺو آهيان. ان ڪم کان واندو ٿي آءٌ ڳوٺ وڃڻ بدران ميرپور بٺورو ڀرسان راهوئن جي ڳوٺ ويس، وڃي صديق لاءِ سڱ جي گهر ڪيم، ڏينهن پڪا ڪري ڳوٺ آيس، سڀ چنبڙي ويا ته ڇا ٿيو؟ چيم بابا ڏينهن ٻڌي آيو آهيان، سڀاڻي هلنداسون، مڱڻو ڪرڻ جڏهن سڀ تيار ٿيا ته مون چيو بٺورو هلنداسون، سڀ وائڙا ٿي ويا، مون کين سمجهايو ته پنهنجي دل تي هٿ رکو، جيڪا ڇوڪري صديق ڀڄائي آيو، جيڪڏهن ڪير منهنجي ڇوڪري ان نموني کڻي وڃي ته منهنجي دل تي ڇا گذرندي ۽ وري جنهن خاندان ۾ ويندي اتي سموري زندگي ڀاڄوڪڙ جا طعنا ملندس، ساڻس جيڪا ڳالهائيندي، ڪچهري ڪندي ان کي به تعنا ملندا ته ڇوري ڀڄڻ جا گُر ٿي سکين ڇا؟ ان ڪري مون مناسب سمجهيو ته هن جي به عزت رهي ۽ پاڻ ٻين جي لوڙهي لتاڙڻ جي طعني کان بچون.
راهوءَ جا رهيام سنيها سرير ۾ سرويچ ساريو سنڌ وطن، هر دور ۾ اهڙا سورهيه ۽ سرواڻ پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي زندگيءَ جو هرپل ، ويڙهيچن جي زندگين ۾ سکَ ۽ شانتيون آڻڻ لاءِ گهاريندا رهيا آهن. پنهنجي ديس ۽ ماڻهن جي حقيقي آزاديءَ لاءِ ، اتهاس جي ميدان ۾ ، پنهنجو جيون ارپيندڙ سورهيه ۽ سالار سورمن جي قطار ۾ شهيد عوام محمد فاضل راهو جو قد، مان ۽ مرتبو به مٿاهون ۽ شانائتو آهي. شهيد فاضل راهو، سنڌي ماڻهن جي صدين جي صدائن جو وڪيل ۽ ناسورن جو ويڄ بڻجي، وقت جي فرعونن سان چوٽون کائي، رت ۾ مينديءَ جي خوشبو پسي، مقتل ڏانهن جنهن بهادريءَ سان ڊوڙ ڪئي، سندس اها ڊوڙ صدين تائين، سنڌين جي تقدير تبديل ڪندڙ موڀي ، راوت ، غيور ۽ غيرت مند پُٽن لاءِ سونهون بڻجي، سندن عمل جي واٽ ۾ ڏيئا ٻاري ، روشني ڪندي رهندي. شهيد فاصل راهو، سنڌ جو اهڙو ڪيهر شينهن هو، جيڪو زخمي پيرن سان ڏاڍ جي ڏونگرن کي لتاڙيندو اڳتي وڌندو رهيو ، ۽ موت کي مهڻو سمجهي، پنهنجو ريٽو رت وهائي، تاريخ جي ڪاغذن جي سرخ بابن تي مقتل گاهه ڏانهن ڪيل پنهنجي پنڌ جا ريٽا نشان ڇڏي ويو. شهيد فاضل راهو، پنهنجي مزاج ۾ هڪ بهادر ، بي ڊپو، ۽ ارڏو ڪردار هو؛ جنهن جي زندگي ۽ فطرت ۾ ڊڄڻ، هٽڻ، جهڪڻ ۽ وڪجڻ جهڙن فعلن لاءِ ڪا به جاءِ باقي نه هئي. منڌ نه منجهان تن ، پسي لڪ لڏن جي ، جا پر کاهوڙين ، سا پرِ سکي سسئي ! ( لطيف ) شهيد فاضل راهو ، اڏول ارادن ۽ سُچيت سوچن جو هڪ اهڙو مجسمو هو ، جنهن ۾ پنهنجي مقصد سان سچائيءَ واري سونهن جو جلوو، ايترو ته روشن هو ، جو قوم جي تڙپ رکندڙ روحَ ، ڪوهن کان ڇڪجي، سندس موهه آڏو موهجي ويندا هئا. جيهر لوڪ جهپَ ڪري ، اوهرَ اڏامن ، پٿون جي پاتا ر جون ، چيتاريو چڻن ، ڪوهه ڪندا کي تن ، پارهيڙي پههَ ڪري! ( لطيف ) شهيد فاضل راهو ، سنڌ وطن جي ڪپڙا ڦاٽل ۽ پيٽ بکايل انسانن جي تنَ جو لٽو ۽ پيٽ جي ڍئو بڻجي، سندن وهه-جيون بڻائيندڙ آمرن سان اکيون اکين ۾ ملائي، گجگوڙون ڪندڙ شينهن هو ؛ جيڪو وکَ وکَ تي پنجوڙ ڏسي به اڳرو ٿيندو اڳتي وڌندو رهندو هو. جنهن آزاد گذاريو آهي، تنهن لاءِ موت ته ڪا شيءِ ناهي، وک وک تي پنجوڙ ڏسي، ڇا شينهن ڪڏهن گجگوڙ ڇڏي آ؟ ڪنهن به عقابي چنبي، ڀوَ ۾ آکيري جي اوٽ وتي، آ؟! ڏرِ جو ڏڍ گدڙ لاءِ آهي، جهرِڪي جهڙپ ڏسي ڏرندي آ، جنهن آزاد گذاريو آهي، تنهن لاءِ موت ته ڪا شيءِ ناهي ! ساري عمر غلاميءَ جي کان، آزادي پل جي به چڱي آ، ۽ تو پنهنجي پوري جندڙي، جنهن پل ۾ ڀرپور ڀري آ، سو پل سگهه صدين جي آهي، ان جي سڀ کان عمر وڏي آ، جنهن آزاد گذاريو آهي، تنهن لاءِ موت ته ڪا شيءِ ناهي !! ( شيخ اياز ) شهيد فاضل راهو ، جبل هو ، هر ڏاڍ ۽ ظلم آڏو . شهيد فاضل راهو ، مظهر هو ، بهادريءَ جو ، سرفروشيءَ جو ، همٿ جو ، مردانگيءَ جو ، دليريءَ جو ، اڏولتا ۽ اورچائيءَ جو . راهو تنهنجي ريت ، پرکنڊي پڌري ، گهڻا گهوڙن چاڙهيئي ، مسافر مسيت ، پڇن ڪانه وڏيت ، جي آيا سي اگهيا ! ( لطيف ) شهيد فاضل راهو ، گهوٽ هو ، اڻموٽ هو ، جو ڪوٽن جي قيد مان آجو ڪري ، رڻ جي راهه تي روانو ڪيو ويو. گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورڙا ڏينهڙا ، ڪڏهن منجهه ڪوٽن ، ڪڏهن راهي رڻ جا. ( لطيف ) 17 جنوري 1987 ع واري سنڌ ، پنهنجي سالار ۽ سرواڻ سورمي جي شهادت تي واويلا وڻڪار بڻجي وئي ؛ ڀٽائيءَ کي ڀاڪر پائي، سنڌ جا ڀريل سڏڪا ، اڄ به پڙاڏو بڻجي ، ڪيڏارو ڳائي رهيا آهن. سنڌ جو سڏ به آهي ، ته پڙاڏو به آهي، پر اهو سڏ سڻي، ڪلهي ڪيئرو پائڻ وارو فاضل ناهي ؛ مارَي ، متارو بڻجِي، سوڀن کي پنهنجن ماڻهن جي پيرن ۾ ڪيرائڻ وارو فاضل ناهي ! سورهيه مرين سوڀ کي ، دل جا وهم سڀ وسار ، هڻ ڀالا ،وڙهه ڀاڪرين ، آڏي ڍال مَ ڌار، متاع تيغ ترار ، مار ته متارو ٿئين . ( لطيف ) شهيد فاضل راهو ، پنهنجي دور جي انيرائن جي ديس ۾ سنڌ جو جکرو هو ، جسَ کرو هو ، ۽ جنهن مٽيءَ مان هو جُڙيو ، اها مِٽي ، ان دور ۾ اصل ايتري ئي هئي. جکرو ، جس کرو ، ٻيا سڀ انيراءِ ، جهائين جڙيو جکرو ، تهائين نه ٻيا ، مٽي تنهن ماڳا ، اصل هئي ايتري. ( لطيف ) شهيد فاضل راهو ، سنڌ جو ساهه هو ، پساهه هو ، ويساهه هو ؛ چانڊوڪيءَ جو چاهه هو . شهيد فاضل ، ڪارونجهر هو ، ڪاڇو هو ؛ شهيد فاضل ، ديبل ، اروڙ ، ٺٽو ، ٽلٽي ، سيوهڻ ، مياڻي هو . هن جنگ پنهنجي وطن جي جهانگين لاءِ جوٽي، پنهنجو ساهه ڏئي به ويساهه نه ڏنو ؛ ۽ هر سنڌيءَ لاءِ ثابت قدمي ۽ سچائيءَ جو مثال ڇڏي ويو . جي تون وڙهندي ماريو ويندين ، هن وستيءَ تي واريو ويندين ، دودا ! تنهنجو ساهه ته ويندو ، ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو ، تنهنجا پٽ ، نه ته تنهنجا پوٽا، رهندا توسان ، پور-وڇوٽا، آزاديءَ لاءِ رڙهندا آخر ، رڙهندي رڙهندي وڙهندا آخر ، تن جي لاءِ مثال ڇڏي وڃ ، ۽ جي چاهين خال ڇڏي وڃ ! ( اياز ) شهيد فاضل راهو ، سنڌين جي اڻ-مٽ سک ۽ سلامتيءَ لاءِ وقت جو حسينُ بڻجي، ظلم جون دهشت ڀريون ديوارون ڪيرائي ڇڏيندڙ ، گهوٽ اڻموٽ هو . سڀ ڪو سکي شال ، راهوءَ جي ريت ، نڀائي پريت ، سر ڏنائين سنڌ تي . ( اياز ) شهيد فاضل راهو ، سنڌين جي امنگن ۽ خواهشن جو ترجمان بڻجي ، پنهنجي مقصدن سان وفائون ڪندي ، تاريڪ راهن ۾ مري ، نئون جيون ماڻي، امر بڻجي ويو . مرڻا اڳي جَي مئا ، سي مَري ٿين نه مات ، هوندا سي حيات ، جيان اڳي جي جِئيا. ( لطيف ) شهيد فاضل راهو ، ٻاروتڻ کان ڏکن جي تخليق هو ؛ هو زندگيءَ جي بازار ۾ سيني تي گهاءَ سجائي، وڏا پنڌ ڪندو هو . شهيد فاضل ، ڏيئو هو ، جنهن کي لالچ ، ڏک ۽ خوف جا طوفان تمام طاقت آزمائڻ باوجود اجهائي نه سگهيا ، ۽ هو آخري گهڙيءَ تائين ٻرندو رهيو. اوندهه ۽ اويرَ ، منجهايو هو ماڳ کي ، کِلي ڪيرُ کِنوڻ ، چمڪائي ويو چِت ۾. ( اياز ) شهيد فاضل راهو ، سچ-سفر جو راهي هو ، جوڳي هو ، ڪاپڙي هو ، کاهوڙي هو ، جيڪو سک پائي ، ڪڏهن نه ستو ، کيس پنڌ جو اوسيئڙو ، هر گهڙي رهندو ئي رهيو . کِرڪڻا لاهي ، سک نه ستا ڪڏهن ، اوسيئڙو آهي ، کاهوڙين کي پنڌ جو . ( لطيف ) شهيد فاضل راهو ، ٻاٽ ۾ لاٽ هو ، روشن سنڌ ، سچ ، سماج جي واٽ هو ، ۽ ان واٽ ۾ ئي ڪاٽَ ٿي ويو . شهيد فاضل راهو ، انياءَ سان اٽڪيو ، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان جهيڙو جوٽيو . شهيد فاضل ، آزاريل ۽ عليل ماڻهن جي قيدي امنگ جو چنگ هو ، ۽ چارڻ هو ؛ ۽ هو پنهنجن ماڻهن جي صدين جا سڏڪا، آڌيءَ جا اڊڪا ۽ ننڊ نهوڙيل راتيون ، ديس جون درديليون دانهون ، پيڙهين جا پڙلاءَ ، صدين جا گهرا گهاءَ ، سيني تي سجائي، چنگ چوريندو رهيو ۽ اڄ تائين ، پنهنجي غير موجودگيءَ جو خال نه ڀرجڻ جو اڀاڳ ڏئي هليو ويو آهي. ڪيڏي ڪاري ٻاٽ ، ڍول لٿي آ ڍٽ تي ، نه ڪو تارا اڀ ۾ ، نه ڪا ڏيئي لاٽ ، او شال جرڪي جاٽ، چارڻ تنهنجي چنگ مان . ( اياز ) شهيد فاضل راهوءَ پڄاڻان ، سنڌين جو سگهارو آواز ، وري نه اڀريو آهي؛ کڳن جا کٽراڳ وڌيا آهن، سنڌي-دشمن مارين جا ڄار اڻڻ وارا انداز وڌيا آهن ؛ ڌاريا ته ٿيا ئي ڌاريا ، اهي مٽَ مئيءَ جا ٿي ئي نه ٿا سگهن ، پر پنهنجا به ڪوڙ جي ڪاڄ ۾ شامل ٿي ، ان جو راڄ ڀاڳ بڻجي ويا آهن. سنڌين جي حال ۽ آئيندي تي انڌ ڇانيل ڏسي، ۽ ڪاري رات مان ٻي ڪاري رات ڄايل ڏسي ، شهيد فاضل جي سنڌ ، ۽ ان وقت سندس سرواڻ فاضل جا سنڌين جي تقدير تبديل ڪرڻ واسطي نيون واٽون ، نيون راهون ، نوان پنڌَ ۽ پيچرا تخليق ڪرڻ وارو فن ۽ ڏانءُ ڏسي ، دشمن جو ساهه سڪائيندڙ هوڪارون ۽ للڪارون ڏسي ، اندر ۾ وڍَ پونِ ٿا ته سنڌ ۾ اڄ به اهو هلچل جو ماحول آهي، سنڌين ۾ دشمن خلاف ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ، ان دور کان اٿاهين آهي؛ وسيلا به وڌيڪ آهن، سهولتون به سوايون آهن، پوري دنيا هڪ ڳوٺ ۾ به تبديل ٿي چڪي آهي؛ پر جي ناهي، ته فاضل ناهي. نون سرن ۾ زندگيءَ جا نوان گيت ڳائڻ، ڊاهڻ کان پوءِ ٺاهڻ ، دٻاءَ ، ڦر رهزنيءَ جا کيل سڀ بگاڙڻ ، خزان کي پناهه ڏيندڙ باغ کي اجاڙڻ ، ۽ خزان جو گهر ئي جلائڻ جو سمورو ماحول آهي، پر ناهي ، ته شهيد فاضل ناهي. آفتاب جو ٻهڪندڙ جلوس ڪڍي ، انڌيري رات جو ڪفن ليڙون ليڙون ڪرڻ ؛ ٻوڏ جيان حيات جو قافلو وڌائي، قيامتن پٺيان قيامتون اٿارڻ جو سمورو ماحول آهي، پر ناهي ، ته شهيد فاضل ناهي. آسمان تي جڳمندڙ سج کي زمين تي جڳمڳائڻ ، ۽ چنڊ کي لاهي به پنهنجن ماڻهن جي پيرن ۾ جهڪائڻ، بهشت ، جنتن جي خوابن کي حقيقتن ۾ آڻڻ ، بهارن کي مرڪائڻ ۽ حسين گيت ڳائڻ ، جو سنڌ ۾ سمورو ماحول آهي، پر ناهي ، ته فاضل ناهي. شهيد فاضل واري سرواڻي، اڄ انهن ”سرواڻن“ حوالي آهي ، جيڪي اسٽيجن تان گر گر گڦ گڦيو ، پوري قوم جو غم غلطان ڪن ٿا. جاهل ، ڪاهل ، علم عقل کان ڪورا، ڌارين جي چمچاگيري ڪرڻ ۾ ڀڙُ ۽ پنهنجن سان هيرا ڦيري ڪرڻ ۾ پورا، ڀڳڙن ۽ ٽامي جي ڪجهه ٽڪرن تي ڌرتي وڪڻڻ جا ڪوڏيا، قبضو ڪري ويٺا آهن، ۽ ”گرينڊ الائنس“ جي اسٽيج تان گدڙ ڀڀڪيون ڏئي، نه رڳو شهيد فاضل جو روح تڙپائين ٿا ، پر ڄڻ ، ابراهيم منشيءَ جي لفظن ۾ هو اهو چوڻ تي مجبور ٿئي ٿو. تون روڳي روپ وٺي هت آئين ، ڪالهه به قاضي قاضن جو ، ۽ بابو ، نائومل چنيسر ، ڄام فيروزي پارن جو . مون ڪالهه به روپا ، دٻي مياڻي، جهيڙيو گڏ جهونجهارن سان . ٿو ، اڄ به توکي چورن سان گڏ ، چوڪيءَ تي چوبند ڏسان؛ ۽ جيجل جي جلادن سان ، ٿو، حاضر هر هنڌ ڏسان ، ۽ اڄ به منهنجي جنگ آ جاري، غدارن تو پارن سان ! اڄوڪي سنڌ ۾ ماڻهن تائين لطيف به پهتو آهي، ته اياز به. ۽ لطيف ۽ اياز جي خوابن جي تخيل واري سنڌ کي عملي روپ ۾ آڻڻ وارو فاضل ناهي؛ ۽ شهيد فاضل راهوءَ جي نئين جنم تائين، سنڌ ، ائين ئي ڀوڳيندي رهندي، جيئن ڪروڙين ڌرتي ڌڻين هوندي ڀوڳنائون سنڌ جو ، سنڌين جو مقدر مقدر بڻايون ويون آهن. راهوءَ جا رهيام ، سنيها سريرَ ۾ ، ٻيا در وسريام ، ڏٺي جادم جکري! ( لطيف )