• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شيخ اياز جي شاعري

ايس ايم درس

سينيئر رڪن
Shaikh-Ayaz.jpg
 
شايد آگسٽ 2010 ۾ اها ڊزائن ٺاهي سنڌ سلامت ۽ فيسبوڪ تي اپلوڊ ڪئي هئي۔ بي بي سي سنڌي وارا مرضي جا مالڪ آهن ، بس منهنجو نالو هٽائي پنهنجو لوگو لڳائي ڇڏيو اٿن۔

سنڌ سلامت تي ساڳي شيئرنگ 10 آگسٽ 2010 تي ڪيل۔

فيسبوڪ تي ساڳي شيئرنگ 19 مارچ 2010 تي ڪيل۔


27099_1400817578681_4299964_n.jpg



ستارن جي سيج تي، ستس ساري رات،
پڌري ٿي پرڀات، چميندي ڪنھن چنڊ کي.


چئي سگھندين چنڊ، توڏي مان ڇو تڪيان!
ڏئي سگھندين چنڊ، مون کي پار پرينءَ جا!


چؤ، مان ڪنھن جي ڪاڻ، رلان پيو راتڙيون!
چؤ، ڪنھن جي چانڊاڻ، ھرکايو منھنجو ھيئون!

آيو آڌيءَ رات جو، پرينءَ جو پڙلاءُ،
چڪڻ لڳو چنڊ جو، گھرو گھرو گھاءُ،
صدين جو سوداءُ، جاڳي اٿيو جيءَ ۾.

چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، ستو رات سڄڻ،
چمڪيو چوڏھينءَ چنڊ سان، آڌيءَ ويل اڱڻ،
الا اسر جو سندس، منھنڙي جو مھڪڻ
ھيرن ۾ ٿي ڄڻ، ھن جون ھٻڪارون مليون.

چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، نور ڀري نيراڻ،
آيو پرين پاڻ، چمڪيا چنڊ زمين تي.

تون چانڊوڪي چيٽ جي، منھنجو من چڪور،
اچي ڪڏھن اور، مون سان ڳالھيون ڳجھ جون.

منھنجي نيڻان ننڊڙي، تو تائين پھتي،
تنھنجي تن سان چاندني، ساري رات ستي،
مٺڙيون منھنڙي تان وتيون، اتر ھير اچي،
سڄڻ سيراندي، ميڙو مڙني جو ھيو.

ڪوڪي ٿي ڪويل، چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي،
ڄڻ ساري سنسار کي ٿي ڏاري ڏکويل،
پرينءَ سان پويل، شل رھي ساھھ سڀن جو.
چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، رنگ رليل آڪاس،
رتين رتيون راتڙيون، اڏاڻا احساس،
چت ۾ چوڏھينءَ چنڊ جئن، اڀري ڪائي آس،
پريان پريان پاس، آيون ڳالھيون ڳجھ جون.

چنڊ لڙھي لس ليٽ ۾، جھاڳي جھڙ جي جھاڳ،
مينھوڳيءَ جي مند آ، وسن پيا ويراڳ،
ڪٿي آن، ڪنھن جاءِ آن، واري اچ تون واڳ،
مٺڙا، منھنجا ماڳ، سڄڻ منھنجي ساھ جا
 
Back
Top