• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عورت ذاتي ملڪيت جي تصور کان مظلوميت تائين!

سهڻي پارس

سينيئر رڪن

اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، ڇا اُتي عورتن کي پنهنجا حق ڏئي سگهيا آهيون؟ تاريخ مان اهو معلوم ٿئي ٿو تـ عورت زرعي ايجاد جو ٿنڀ بڻي تـ ان جي حيثيت مرد جي ڀيٽ ۾ اهميت لائق بڻجي وئي، جنهن کي مرد پنهنجي مخصوص نفسيات ۽ عمل ذريعي ڪمزور ڪري ڪن سماجي ۽ فطري مجبورين جي بهاني سان گهر ۾ محدود ڪيو، تڏهن عورتن لاءِ ذاتي ملڪيت جو تصور اُڀري آيو ۽ جڏهن عورت ذاتي ملڪيت تصور ڪئي وئي تـ ان جي عمل جي پسند ۽ ناپسندگي جو اختيار مرد پاڻ وٽ رکيو، تڏهن عورت جي جذباتي اظهار تي غلاماڻي سوچ مسلط ٿي وئي، جيڪا اڪثر ڪري جاگيرداري سماج ۾ موجود هوندي آهي. جيتوڻيڪ هاڻي دور تبديل ٿي چڪو آهي. ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ عورتن ۽ شهري علائقن ۾ رهندڙ عورتن جي زندگي گذارڻ جا معيار تبديل ٿي چڪا آهن، يعني هڪ ئي عورت ٻن قسمن جي طرزِ زندگيءَ گذاري رهي آهي، پوءِ بـ سمورين عورتن لاءِ غلاماڻي سوچ جا پهرا هڻي نـ سگهيا آهن، شهري عورت، جيڪا چاهي ٿي تـ سندس معيارِ زندگي بهتر کان بهتر ٿئي ۽ هو مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جي خواهش ڪري ٿي۽ ڪِنهن حد تائين ڪامياب پڻ آهي . ڇاڪاڻ تـ هو سوچي ٿي تـ جيڪو مرد ڪري سگهي ٿو اهو عورت بـ ڪري سگهي ٿي، اڳ ۾ عورتن جي آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ کي سٺو نـ سمجهيو ويندو هو پر هاڻي اين جي اوز سميت مختلف خانگي ادارن ۾ عورتن پنهنجي صلاحيتن کي مڃائي ورتو آهي، پر هڪ عورت کي گهر کان آفيس تائين پهچڻ ۽ آفيس کان گهر تائين پهچڻ تائين ڪهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ان تي ڪنهن بـ سنجيدگيءَ سان نه سوچيو هوندو. ساڳي عورت جيڪا ورڪنگ وومين آهي ۽ هو چاهي ٿي ته نوڪري ڪري پنهنجي گهر جون حالتون بهتر ڪري تـ پوءِ هن کي پورو وقت جدوجهد ۾ وقف ڪرڻو پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته هو جڏهن ورڪنگ وومين ٿئي ٿي تـ کيس ورڪنگ وومين سان گڏ گهريلو عورت بـ رهڻو پوي ٿو، يعني ڪا نوڪري ڪندڙ عورت پنهنجي گهر جو بـ ڪم ڪندي ۽ آفيس جو ڪم بـ ڪندي يعني هن لاءِ ڪم ڪرڻ جي ذميداري ٻيڻي ٿي وئي۔ هو مرد جي ڀيٽ ۾ گهڻو ڪم ڪري ٿي، پر ساڳي جاءِ تي کيس مرد کان وڌيڪ تڪليفن جو منهن بـ ڏسڻو پوي ٿو، گهر کان آفيس تائين وڃڻ لاءِ کيس ماڻهن جون سوين ڳالهيون ٻڌڻيون پون ٿيون، آفيس پهچڻ کانپوءِ کيس آفيس ۾ ڪم ڪندڙ مردن جي روين کي بـ منهن ڏيڻو پوي ٿو، پر پوءِ به هو پنهنجي اٽل ارادي سان پنهنجي مقصد تحت ڪم ڪندي رهي ٿي، پر اهڙن مسئلن جي ڪري ڪيترين ئي عورتن کي نوڪريون ڇڏي گهرن تائين محدود ٿيڻو پوي ٿو.
جيتوڻيڪ زرعي دور کانپوءِ غلاماڻـ دور ۾ پير رکندي ئي عورت جي سرڪشي سان مرد خلاف مزاحمت جا ثبوت اڄ بـ موجود آهن، جن کي هاڻي عورت جي هار سينگار ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. نٿ، بُولي، پازيب وغيره اڄڪلهـ ڀلي عورت جي هار سينگار ۾ شامل هجن، پر جڏهن عورت زرعي دور جي پڄاڻي ۽ غلامي جي دور جي شروعات ۾ غلامي کان انڪار ڪندي ارڏائي اختيار ڪئي تڏهن کيس نٿ، بُولي، پازيب ذريعي قابو ڪيو ويو، جِن صدين کانپوءِ هار سينگار جو روپ اختيار ڪيو، پر تاريخ مان اهو ثابت ٿئي ٿو تـ نٿ، بُولي ۽ پازيب عورت جي سرڪشي کي غلاميءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي نشاني آهي.
عورت جي عظمت جي شاهد اسان جا رومانوي داستان بـ آهن، پر جڏهن عورت ڪمزور ۽ هيڻي بڻائي وئي تڏهن ذاتي ملڪيت جي سوچ جي غلام بڻجي وئي ۽ صدين جو سفر طئي ڪرڻ باوجود اڄ بـ اها غلاميءَ ۾ ڀوڳيندي پئي اچي. خانداني، قبيلائي ۽ رشتيداري جي اثر هيٺ جاگيرداري نظام ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح اڄ بـ عورت ذاتي ملڪيت تصور ڪئي ٿي وڃي ۽ اِها ملڪيت غيرت شان و شوڪت ۽ لڄ جي نفسيات جو شڪار ٿي غلاميءَ جي دائري ۾ ڀوڳي رهي آهي ۽ شايد صدين تائين ڀوڳيندي رهي، اهو ئي سبب آهي جو هن مرداڻي معاشري ۾ ۽ جاگيرداراڻي نفسيات واري سماج ۾ عورت جو بـ انهيءَ ذاتي ملڪيت جي تصور هيٺ ڪاري جي بهاني عورتن جي زندگين جا رابيل ڪومايا وڃن ٿا، پر انهيءَ نفسياتي اونداهي ۾ بـ هوءَ پنهنجي جذبات جي اظهار کان انڪاري نـ رهي آهي، جنهن جو مثال شائسته عالماڻي وارو ڪيس به آهي، جيڪا جاگيرداري واري سماج سان بغاوت ڪري پنهنجي پريمي سان ٻاهر نڪتي. سنڌ ۾ عورتن کي حق ملڻ تـ ڇا پر ڪِن هنڌن تي ته مرد پنهنجي ذاتي قبيلائي دشمنين جي گهاٽ تي ڪارو ڪاري جي رسم بهاني معصوم عورت کي موت جي ننڊ سمهاريو ڇڏين، جنهن کي نهايت گندي انسانيت سوز ۽ نيچ حرڪت ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. چيو ويندو آهي تـ هر مرد جي ڪاميابي جي پويان ڪنهن نـ ڪنهن عورت جو هٿ هوندو آهي، اها چوڻي ڪنهن مرد مفڪر جي آهي تـ پوءِ مردن جي معاشري ۾ سڀ تعنا ۽ تهمتون عورتن لاءِ ئي ڇو گهڙيل آهن؟
دنيا جي سمورن بزرگن، پيرن، مرشدن ۽ ولين ۾ ڀلي ڪٿي بـ عورت جي ڳڻپ نـ ڪئي وڃي پر انهيءَ حقيقت کان ڪير بـ انڪار نـ ڪري سگهندو ته انهن سمورين هستين وري بـ انهيءَ عورت جي ئي ڪک مان جنم ورتو آهي. هن معاشري ۾ ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ محبوبا جي روپ ۾ عورتن جي رشتن کي سامهون رکي اهو سوچون تـ ڇا اسان ماءُ کي پنهنجا حق ڏئي سگهيا آهيون، ڀيڻ کي پنهنجي ڀيڻ جهڙا حق ڏئي سگهيا آهيون يا ڌي کي پيءُ جهڙو پيار ڏئي سگهيا آهيون؟ انسانيت جي تقدس جي پائمالي تـ ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي ڳوٺ رتوديرو ڀرسان انهن عورتن کي ڪارين جي قبرستان نالي علائقي ۾ بنا ڪفن دفن ڪيل عورتن سان ٿيل آهي، جن جي قبرن کي ڏسڻ بـ مرد گناهـ سمجهندا آهن.ڪئي نِجي ادارا سنڌ ۾ عورتن جي حقن لاءِ ۽ سجاڳي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن پر صورتحال اِها وڃي بيٺي آهي تـ عورت مظلوميت جي علامت بڻجندي پئي وڃي، مون کي هڪ شاعره جو همت ڀريو شعر ياد اچي ٿو تـ:
معلوم اٿئي
هي مرداڻو معاشرو
عورت کي
”گونگي گاءِ“ جي روپ ۾
ڏسڻ قبوليندو آ
پر مون کي زبان هوندي
گونگي بڻجي جيون گهارڻ
قطئي قبول ناهي
جڏهن خدا مون کي زبان ڳالهائڻ لاءِ ڏني آهي
پوءِ ماٺ ڇو رهان...؟
هر ستم صبر ڪري ڇو سهان
آئون گونگي ناهيان...!!
بلڪل اهڙي طرح هن دور جي عورتن کي پنهنجن حقن لاءِ ڳالهائڻو پوندو.
 
عورت جي حقن جي باري ۾ تمام سٺو ليک آهي، توهان عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي هت ته اسان جي معاشري ۾ مردن کي به پنهنجا حق ڪو نه ٿا ملن، جت مردن کي پنهنجا حق ملڻ محال هجي اتي عورتن جي حقن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي۔
 
عورت جي حقن جي باري ۾ تمام سٺو ليک آهي، توهان عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي هت ته اسان جي معاشري ۾ مردن کي به پنهنجا حق ڪو نه ٿا ملن، جت مردن کي پنهنجا حق ملڻ محال هجي اتي عورتن جي حقن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي۔
ابا! ممتاز بِلڪُل ٺيڪ چيو توهان ۔پر مرد کي وري بـ ڪجهـ حد تائين وڙهڻ جو حق آهي ۽ وڙهي بـ ٿو۔پر عورت گهڻي شعور جي ،تعليم جي ۽ ڄاڻ جي کوٽ سبب اِهو بـ نـ ٿي ڪري سگهي۔۔۔۔ توهان بـ غلط نـ چيو آهي مان بـ ٺيڪ پئي چوان۔
 
Back
Top