اچو ته پرولي ڀڃون

'مختلف موضوع' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2013۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    لوڪ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔روايت
    اچو ته پرولي ڀڃون
    1757 اٽيچمينٽ ڏسو 1757 اٽيچمينٽ ڏسو 1757 اٽيچمينٽ ڏسو
    *هيڏڙي تر جيتري پر ميرن جا ٿي پٽڪا لاهي.
    *چار ڀائر بوهه ۾ ڀائيوار،پر وهن ٿا ڌار ڌار!
    *پوريل چئي ٽنگيل کي،
    ته پاڻ ڪڏهن نه ڪڏهن ملنداسين.
    *هڪ چونڪ، جنهن مان نڪرن پنج رستا،
    ڪو رستو وڏو ته ڪو وري ننڍو.
    *اکيون ٻوٽڻ سان هوءَ نظر اچي، کولڻ سان اچانڪ غائب.
    *ڪاري ڳئون، ڳاڙهو گابو، جتي رسي اتي دسي.
    *اڇو ننڍڙو قبو آهي،
    جنهن کي در ۽ دروازو ناهي،
    ان ۾ اندر ڪنهن جو ٻچو آهي،
    ٻڌايو ته اهو ڇا آهي؟
    *مڙهه مٽي جو ڪنڌ ڪپهه جو
    لڳيس واءُ وڃيس ساهه.
    *سائي پاٽ ڳاڙو ڀت.
    *ٻه هٿ هاج لاءِ، پر نه پير نه پٻ،
    انڌو پاڻ اکين کان سڄن ڏسي دڳ،
    هر دم آهه حساب ۾ هاڻي توڙي اڳ،
    پياري کي پساه سان سانڍي سارو جڳ.
    *نه ڪي وڄ نه ڪڪر آهه،
    ڌرتيءَ تي پاڻي اُڀ ۾ باهه،
    گجگوڙ به گهڻي ڌڌڪو ڪري واءُ.
    *ڏينهان ڏسجي ڪينڪي، راتيان روشن،
    ماڻهو پيا مامري، پکي پيا پڇن،
    هلڻ هاڪاري سندو، بنا نور اکين.
    *هٿ جيڏو پاڻ ولايت ٿو گهمي.
    *ٽچڪ ٽچڪ ٽي ڄنگهان،
    *ڪاٺ ڪلهي تي ٽوپ مٿي تي.
    دنبو گهٽو دنبي دار آنا لاهي سئو هزار.
    *جان وڃان اوطاق تي ڏٺم توبهه زاري،
    سورهن ڌيئر ٿي پٽ اڃا پاڻ ڪنواري.
    *وڙ وڙ وڪڙ نانگ وانگي پر نانگ به نه آهي،
    ڪوٽ وانگر ڪونگرا پر ڪوٽ به نه آهي،
    سمهي ٿوڪنوار سان پر گهوٽ به نه آهي.
    اُڏامي ٿو عرش تي پر پکي به نه آهي،
    ڪن پڇ اٿس ڪُئي جهڙا پر ڪئو به نه آهي.
    ڏينهن جو ويهي ٿو حجري ۾ پر مُلا به نه آهي،
    اوندهه ۾ ٿور اُلرون ڪري پر چور به نه آهي.
    ٻڌايو ته باقي ڇا آهي؟
    *هيٺان ڍنڍ مٿان کورو،
    جيڏانهن ڇڪي اوڏانهن پورو.
    *بري ٻڪري بادشاهه جي
    ڪک پن چَري ته جيئي،
    پاڻي پيئي ته مريو وڃي.

    ڀڃڻي
    (1)جونءَ (2) ٿڻ (3) بصر ۽ واڱڻ (4) هٿ ۽ آڱريون (5) اوندهه (6) بندوق (7) ڪڪڙ جو آنو (8) ڏيئو (9) هنداڻو (10) واچ (11) حقو (12) چمڙو (13) خط (14) چلهه ۽ ديڳڙي (15) چنڊ ۽ تارا (16) چوپڙ (17) هسي (18) چمڙو (19) چلم (20) باهه.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو