ٻارن جي ٻاري

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2013۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    ٻارن جي ٻاري
    1758 اٽيچمينٽ ڏسو 1758 اٽيچمينٽ ڏسو 1759 اٽيچمينٽ ڏسو

    جيڪي منجهه جهان
    *وڪٽوريا ۾ هڪ اهڙو پٿر آهي، جنهن تي جنهن مهل سج جا ڪرڻا سڌا سنوان پوندا آهن، انهيءَ مهل پٿر مان نهايت سريلو آواز نڪرندو آهي.
    *ڪانگو جي واديءَ ۾ هڪ اهڙو وڻ آهي، جنهن تي جيڪڏهن ڪو پکي ويهي ٿو ته انهيءَ وڻ جا پن کيس چوگرد وڪوڙيو وڃن ۽ تيستائين پکي کي نه ٿا ڇڏين جيسين اهو سڪي هڏا نه ٿو ٿئي.
    ڇا اوهان کي خبر آهي
    *پرنٽنگ پريس جان گائن برگ ايجاد ڪئي.
    *هوائي جهاز رائيٽ براد ران ايجان ڪيو.
    *جيٽ جهاز ڊين فرانڪ ايجاد ڪيو.
    *دنيا ۾ سڀ کان وڏي لائبرري روس ۾ آهي.
    *پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي لائبرري لاهور ۾ آهي.
    *دنيا ۾ سڀ کان پهريائين دل بدلائڻ جي آپريشن ڊاڪٽر برنارڊ ڪيو.
    *ريل گاڏي جارج اسٽيفن ايجاد ڪئي.
    *برازيل ۾ هڪ پکي آهي جيڪو هڪ ڪلاڪ ۾ 215 ميلن جي رفتار سان
    *اڏامندو آهي. يعني هڪ منٽ ۾ ذري گهٽ 16 ميلن جي رفتار سان اڏامي ٿو.
    *پستول 1335ع ۾ ڪولٽ ايجاد ڪيو.
    *ٽيليويزن 1926ع ۾ بيئرڊ ايجاد ڪئي.
    ”چئمپين ڏيڏر“
    ”بمبل“ هڪ قسم جي مک ٿيندي آهي، جيڪا هڪ قسم جي ڏيڏر جي دل پسند غذا آهي. ان ڪري ان قسم جي ڏيڏر کي چوندا ئي ”بمبل“ آهن. آسٽريليا ۾ هر سال جانورن جي هڪ بين الاقوامي ٽورنامينٽ ٿيندي آهي، جنهن ۾ سڀني ملڪن جا مختلف جانور حصو وٺندا آهن. اُن سان ٻين جانورن سان گڏ ڏيڏرن به وڏو ٽپو ڏيڻ ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ هڪ ڏيڏر جنهن جو نالو ”سائيڊونڊر“ هو مقابلي ۾ پهريون نمبر آيو. ان قسم جي ڏيڏر 17 فوٽ ۽ 11 انچ اوچو ٽپو ڏيئي مقابلو کٽي عالمي چئمپين جو اعزاز حاصل ڪيو. ان ڏيڏر جي مالڪ کي مختلف تمغن سان نوازيو ويو، جنهن ۾ 3000 ڊالر رقم پڻ انعام طور هئي.
    انڌي گهر ٺاهيو
    هڪ انڌي گهر ٺاهيو! ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي. فرئنسز-اي- بروڊيٽ هڪ جواهري هو. هن پنهنجي نظر 50 ورهين جي عمر ۾ وڃائي ٽيهٺ ورهين جي عمر ۾ جڏهن هر ڪو ماڻهو آرام پسند ڪندو آهي، هن ڪم شروع ڪيو. هن جاءِ جو نقشو وغيره پاڻ رٿيو. اڍائي ورهين جي دوران جنهن عرصي ۾ هن جاءِ ٺاهي تيار ڪئي، هن کي هر هڪ اوزار جي خبر هئي، ته ڪٿي پيو آهي، ڪم ڪيستائين پورو ٿيو آهي، هن وٽ ڪيترو سامان جاءِ جوڙڻ لاءِ پيو آهي ۽ ڪيتري ٻئي سامان جي گهرج ٿيندي. هو اهڙي نموني سان ڇت تي ڪم ڪندو هو، جيئن سڄا ڪندا آهن. هن جيڪا جاءِ ٺاهي تيار ڪئي اها ٽه ماڙ هئي، ان ۾ ست ڪوٺڙيون ۽ غسل خانا وغيره هئا.
     
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور علي جروار

    منصور علي جروار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    زبردست ناليج
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو