اڇي پڳ م پس اندر مڙيئي اڳڙيون 1760 اٽيچمينٽ ڏسو ڳوٺ ۾ زميندار جي شادي هئي، شادي خير خوبي سان ختم ٿي. حجم، مهاڻو ۽ ڪنڀار ته پنهنجو پنهنجو حساب وٺي رمتا ٿيا. باقي رهيو مڱڻهار.هن جو زميندار کي بوسڪي جو پٽڪو ٻڌل ڏٺو، دل ۾ خيال ڪيائين ته زميندار گهٽ ۾ گهٽ کڻي ويهه ٽيهه رپيا ڏيندو پر هن پٽڪي مان ته رنگ ٿي ويندا. بس پٽڪي جي اچي صدا هنيائينس. ”جيندا قبلا! گستاخي معاف ٿئي.“ زميندار چيو ته ”ابا گستاخي معاف اٿئي، ٻڌاءِ؟“ مڱڻهار چيو ته ”سائين! دستار مبارڪ ملي.“ زميندار کي پهريان ته تمام گهڻي ڪاوڙ آئي پر خوشي جهڙو موقعو هو سو دستار لاهي مڱڻهار کي ڏنائين. مڱڻهار خوشي وچان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. زميندار کان پيرين پئي موڪلائي گهر پهتو. پٽڪو جو کوليائين ته ٻاهران هڪ وال بوسڪي جي ڪپڙي جو هو اندر سڀ اڳڙيون هيون، اتي ڏسي مڱڻهار جون ٻه به ويون ۽ ڇهه به ويون.
اڇي پڳ ۽ اندر مڙئي اڳڙيون وارو هڪ قصو حضرت مولانه رومي رح صاحب جن به پنهنجي مثنوي ۾ آندو آهي، جنهن جو نچوڙ اهيو ڪڍيو اٿس ته گهڻا ماڻهون اهڙا آهن جيڪي ٻاهران جهڙا (اڇااجرا ۽ سهڻا ) نظر اچن ٿا اصل ۾ اهي اندران ائين نه آهن ۽ انهن جي اندر (روحاني ۽ دلي طرح ) ۾ مڙئي اڳڙيون آهن۔جنهن لاء شاهه صاحب پڻ ڪيڏو نه خوب فرمايو آهي ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔صورت گهڻو سهڻا، ٽاڻان سندن ٽوهه، ريلو ڏئي روح، جو کائي سو کامي مري۔