نظم بلور-راند 1761 اٽيچمينٽ ڏسو 1761 اٽيچمينٽ ڏسو 1761 اٽيچمينٽ ڏسو 1761 اٽيچمينٽ ڏسو اچو ته ڪريون راند بلور، ٻارو!کيڏون راند بلور. وقت شام جو آيو آهي، ڪم اسڪول جو اچو لاهي پوءِ لڳايون بازي زور، ٻارو ! کيڏون راند بلور. راند کيڏڻ جو وارو آيو، ڪريون تنهنجو ٻارو سايو، لاهيون هينئين جي هور، ٻارو !کيڏون راند بلور. رنگ جنهن جو سونو تيزابي، ڳاڙهو سائو ڪٻڙو گلابي، ماند جنهن جي ناهي مور، ٻارو! کيڏون راند بلور. بلور سهڻو منهنجو آهي، اهڙو ٻئي ڪنهن جو ناهي، پيارا پيارا تنهنجا پور، ٻارو !کيڏون راند بلور
ننڍپڻ جو زمانو ياد اچي ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔ بلور جو ڪيئي رانديون ڪندا هئاسين، جهڙوڪ گِد راند، اڪي ٻڌي، رينگ وغيره ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ها يار! ٻاروتڻ ۾ بلور جنهن کي اسان وٽ چدي راند چون ٿا، ڏاڍي کيڏي۔گهٽي ۾ گهر ٻاهران اها راند رهندي احساس ئي نه ٿيندو هو ته ڪپڙا مٽي ۾ ميرا ٿي ويا آهن ۽ ڪپڙا ميرا ڪرڻ تي امان مار نه ڏي