سياري جي موسم

مسيح مگسي

سينيئر رڪن
نظم
سياري جي موسم

1762 اٽيچمينٽ ڏسو
سياري جي موسم آهي عجيب،
رهي خوش تونگر، مري ٿو غريب.
غريبن جون پاري ۾ ڏاڙهيون ڏڪن،
هجي کين ڪجهه، ته چمڙي ڍڪن،
غريبن جو هر وقت ٿيو آ اهڙو نصيب،
سياري جي موسم آهي عجيب.
فراشيون، پٿرڻيون ۽ وهاڻا نرم،
رهن پئسي وارا ٿا تن ۾ گرم،
اَچي ڇو سيءُ ڀلا تن کي قريب،
سياري جي موسم آهي عجيب.
هوا، سيءُ، پاري، اتر جي لُري،
ڪٿي بي اَجهن جي آ حالت جَري،
سيارو اُگهاڙن جو آهي رقيب،
سياري جي موسم آهي عجيب.

1763 اٽيچمينٽ ڏسو
 
Back
Top