جي ايم سيد اڄ ان مهان ماڻهو، اونچي آدرشي انسان،صوفي لا ڪوفي سچي سرواڻ سنڌ جي لاثاني لافاني ليڊر محبتن جي مهندار عاشقن جي اڳواڻ رهبر سنڌ جي پيدائش جو ڏينهن آهي جنهن اهو ثابت ڪيو ته اجتماعي عشق ۾ وحدت الوجود جي حقيقت ڪيڏي نه وڻندڙ آهي سڀ محبتون وسري ٿيون وڃن جڏهن هن قومي عشق ۾ پير پائجي ٿو۔۔۔ڪيڏو نه هن سفر ۾ سڪون آ ٺهراء آ ۔۔۔۔ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان لنون لڳائڻ ،جيء جهورڻ اوکايون اورڻ ، ڏکيائون ڏورڻ ان لاء سوچڻ ، لنون لڳائي لوچڻ هڪ ٽڪ ٿي بيهڻ پورو جيون جهاڳيندي صرف ۽ صرف سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لإ پاڻ پتوڙڻ ۔۔۔۔ڪو ڪري ، هن عشق ۾ مزو آ سرور آ سک آ چين آ راحت آ رمز آ ۔۔۔۔۔بس سڀ ڪجه آ اجتماعيت جو سوچي وحدت ڏانهن هلو ته هوند سک چين ۽ فضيلت ملي غنيمت ملي بک بي روزگاري ڀڄي وڃي ڀور ڀور ٿي ۔۔۔۔ ڏائڻ دشمن ڏند کٽا ڪري بي مهت ٿي دلگير ٿي ۔۔۔۔اچو ته اهو وچن ڪريون ويڙهيچن سان خاموش ٿي نه وهڻو آ ڪجه اڳتي پير کڻڻو آ ۔۔۔۔۔