فيصلو.......

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
اچ تـ ڳوڙهن بدران
مرڪن سان موڪِلائي وٺون
ڇو تـ تون اِهو طيءَ ڪري چڪو آهين
تـ جدا ٿيڻو آهي
ياد جي دريءَ تي
جڏهن بـ انتظار جا پکي
اُڏارينديس،
تـ
مون کي تون،
ڏاڍو ياد ايندين،
پر اي جانان!
مان توکي سڏُ نـ ڪنديس،
ڇو تـ جدائي
تنهنجو فيصلو هو،
نـ ڪي منهنجو.................
 
ڇو تـ جدائي
تنهنجو فيصلو هو،
نـ ڪي منهنجو.................

زندگيء ۾ نه چاهيندي به ڪي اهڙا فيصلا مڃڻا پوندا آهن، جن کي سڄي عمر وسارڻ ڏکيو لڳندو آهي۔
 
Back
Top