سهڻي پارس
سينيئر رڪن
ڪنهن وِشال سمُونڊ جي
نيري سيني تي ،
تِکن ساون وڻن سا ن
ڀرپور هڪـ ٻيٽ آ،
يا تُنهنجي ڪنڌ جو تر آ،
جڏهن تون مون کي ڏسين ٿو،
مونکي ائين لڳي ٿو،
ڄڻ منهنجي شهـِ رڳ پيو ڪٽين،
خدا جو قسم!
مان تنهنجي پلڪن تي جُهولا لڳائي،
سمورا سانوڻ تو ۾ ڪٽڻ ٿي چاهيان،
مان ڄاڻآن ٿي ،
توکي دريافت ڪرڻ ۾ جيترو مزو آهي،
سو اجنتا جي غُفائن ۾ بـ نـ هوندو،
سدائين تون اڌ ۾ رهجي ويل ڳالهـ وانگر،
هليو ويندو آهين،
تون رڳو پاڻ کان شروع ٿي ،
پاڻ ۾ ختم ٿئين ٿو،
مان ان ڏينهن جي انتظار ۾ آهيان،
جڏهن تون مون مان شروع ٿيندين.............