Insert Blank Key Frame (F7) جي مدد سان A to Z الفابيٽ لکڻ Blank Key Frame مان مراد هڪ خالي فريم Insert ڪرائڻ ، تاڪه اُن فريم تي توهان هڪ نئون Object بنائي سگھو. 1. سڀ کان پهرئين اکر A لکو، ان تي Ctrl + B پريس ڪريو. نوٽ :. Ctrl + B ( Break ) مان مراد لفظ يا اکر کي ٽوڙڻ . 2. پوءَ فريم نمبر 1 تي ڪلڪ ڪري ، Properties (F9) کولي ان مان Shape کي سليڪٽ ڪريو. 3. پوءِ فريم نمبر 5 تي F7 ڪري اکر B لکو ، ۽ Ctlr + B ڪريو. 4. اهڙيءَ طرح اهو عمل Z تائين ڪريو. 5. پوءِ Ctrl + Enter ڪري ڏسو. hall chari
واهه ادا۔۔۔ تمام بهترين ۔۔ مان سمجهي ويس، جيئن ڪائونٽ ڊائون ۾ اکر شو ٿيندا آهن، اهڙي طرح اي کان وٺي زيڊ تائين اکر شو ٿيندا
واه ادا واه تمام سٺو سلسلو توهان شروع ڪيو آهي توهان جي محنت کي سلام پيش ڪجي ٿو پنهنجي اهڙي محنت جاري رکجو سدائين گڏ