سهڻي پارس
سينيئر رڪن
وِشال سمُونڊ جھڙا ماڻھو
وِشال منھنجون اکيون تــ ڏِس!
۽ اُنھن اکين ۾
ڪي ڄام شوري جا خالي رستا تـ ڏس!
ھلڪين ھلڪين مينھن ڦڙين ۾،
ڀِِڃي ويل ڄڻ منھنجو من!
منھنجي من جي آڳر تي،
ٽڙي پيل ڪو گُل تـ ڏس!
گل بـ پر حيران لڳي ٿو،
مون جو مٽي ڳوھي اُن جي،
اُن مان تنھنجو واس اچي ٿو،
جيون ۾تون آھين ائين جيئن!
واريءَ تي ڪو ھيڪل وڻ!
تون منھنجي تنھائي آھين،
تون منھنجي خوابن جو رستو،
تون ئي تن جو ماڳُ بـ آھين،
تون منھنجي اکين تي حيران
۽
ڳالھين تي پريشان نـ ٿيءُ،
مان تنھنجي لاء ڪوبـ ڏک ڪونـ آڻينديس،
توڻي جو تون ھڪڙي ڇيت وانگر!
ھر پل مون ۾ ڏکندو رھين ٿو،
پر تون مون ۾ موجود آھين،
مان ڏک ۽ خوشيءَ ۾
فرقُ وِساري ويٺي آھيان،،،،،،،،