سهڻي پارس
سينيئر رڪن
شام ڪِنھن جو ڀاڪُرآھي
۽ خالي آھي
ڪيتري وقت تائين
تنھنجو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ
مان توتي سوچيندي رھان ٿي
مان اھلي پوان ٿي
ايسيتائين جو منھنجي ساڄي ٻانھن
۾ رت جي گردش جو
ساھُ گُھٽجڻ لڳي ٿو
ائين جيئن پيار جي ڀاڪر ۾
محبوبن جو،
پر مان ان کي
ڪيترو وقت ڀوڳيندي رھندي آھيان
تون پنھنجي پر ۾
ڪيتري نـ ننڍڙِي ڳالھـ ڪري ويندو آھين
توکان وڇڙڻ وارو ھر لمحو،
آخري ھڏڪيءَ وانگر
مون ۾ اٽڪندو آھي
۽ پوءَ توسان وري ملڻ جي آس ۾
مان زنده ٿي ويندي آھيان
تون ھڪڙي لاھيءَ وانگُر آھين
تون ھڪڙي لاھيءَ وانگُر آھين
جنھن تان مان صدين کان
تِرڪندي رھي آھيان
نـ تون مون کي روڪين ٿو،
نـ ئي مون وٽ ڪو سھارو آھي
ڪڏھن ڪڏھن مون کي ائين لڳندو آھين
تون ھڪ اھڙو گل آھين
جيڪو بي وقتو ٽڙيو آھين
پر پوءَ بـ مان پنھنجي مٽئ تي سوچيان ٿي،
۽ حيران ٿيان ٿي
تـ تون منھنجي ئي مٽيءَ مان ڦُٽي سگھين ٿو.....