صدوري جو ڦاهو ٽنگيل لاش

'تصويرون ۽ وڊيوز' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڦاسي جي جهولي تي هن کي ننڊ اچي وئي
    هي لڙڪندڙ لاش لاڙ جي شهر ملڪاڻي ڀرسان ڳوٺ خميسي پنهور ۾ 23 ورهين جي صدوري زال الطاف پنهور جو آهي هي اڀاڳي ناري جنهن کي ساهرن جي ستم اهڙو جذباتي قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو۔
    صدوري پاڻ ماريو يا هن کي ماريو ويو؟
    هي سوال آهي، جنهن جي جواب جي ڳنڍ اڃا کلڻ باقي آهي

    1785 اٽيچمينٽ ڏسو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو ۽ ان سان ملندڙ ڪيئي سوال آهن جن جو جواب اڌورو ته ڇا پر ملي ئي ڪونه ٿو ۔۔۔۔

    معاشرو، انسانيت، سچائي، قومپرستي، وفاق پرستي سڀ پنهنجي جاء تي ۔۔۔۔ پر اسان ته هاڻي ريتون ۽ رسمون به وڃائي رهيا آهيون، اسان ته هاڻي ڪنهن سان همدرديون ڪرڻ به وڃائي رهيا آهيون۔

    انسان پنهني بي حسي جي انتها طرف وڃي رهيو آهي۔

    معصوم سائين اوهان جا سوال سچ ته اسان جي ضميرن کي جهنجهوڙڻ لاء ڪافي آهن ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    هي لڙڪندڙ لاش ان جو ئي آهي جا ڪالهه ڪالهوڻي لاڙ جي لڄاري هئي، شايد پرين سان پريم ٿيڻ ڪارڻي لانئون لڏيون هوندئين تڏهن ته سس جي ستم جو شڪار بڻي۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    انا لله وانا اليه راجعون ۔۔۔۔ لنڱ ڪانڊاريندڙ تصوير ۔۔۔ اهڙي تصوير جيڪا سموري معاشري کي ڀونڊا ڏي ٿي ۽ ايترا سوال ڪري ٿي جو شايد هي معاشرو جواب ڏيندي ڏيندي ختم ٿي ويندو ۔۔۔ پر هاءِ ان معصوم جيوَ جي هيرن جهڙي زندگي واپس ڪون ايندي ۔۔۔ لاحول والله
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو