• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نجم الدين ڪنڀر

نجم الدين ڪنڀر

سينيئر رڪن
ادا منهنجو نالو نجم الدين ڪنڀرآهي آئون پرائمري اسڪول ٽيچر آهيان، رهائش ميرپورخاص جي ڀرسان کاڻ شهر جي ويجھو هڪ ڳوٺ ۾ آهي 1995 کان سنڌي ۾ مختلف اخبارن ۾ مضمون لکندو اچان۔سوا سو کن مضمون شايع ٿي چڪا آهن۔ شاعر ناهيان پر شاعري ۾ ابتدائي بانبڙا هڻندو آهيان۔ڪچا ڦڪا خيال مختلف فورمن تي ونڊيندو آهيان۔ پنهنجي شهر کاڻ ۾ ادبي تنظيم بزم ادب کاڻ(باک) جو باني خادم آهيان ، ايوان علم وادب سنڌ جي باني ميمبرن مان شامل آهيان ۔هن وقت ميرپورخاص جي مشهور لائبريري يوسف لائبريري جي ڪمپوٽر شعبي ۾ پارٽ ٽايم خدمت انجام ڏيئي رهيو آهيان۔ تعليم انٽر آهي۔
 
ادا نجم توهان کي سند سلامت تي ڀليڪار چئو ٿا
htcu4p.jpg

fm70gk.jpg

25k7w8z.jpg

2agoo41.jpg




توهان جو ڪنگ
 
سائين نجم الدين کي سڄي ساٿ طرفان ڀلي ڪار خوش آمديد Wel Come اميد ته اوهان مان سنڌ سلامت دوستن کي ڪافي فائدو حاصل ٿيندو ۽ اوهان به اسان جي دوستن کان ڪافي ڪجهه حاصل ڪندا ڇوته هن فورم ته وڏا وڏا اديب سائين نثار جهڙا حڪيم شاعر مطلب ته هر شعبي سان وابسته شخصيتون ساٿ ۾ شامل آهن ڪمپيوٽر جا ماهر به هن ساٿ جي سونهن آهن اهڙين شخصيتن ۾ اوهان جي اچڻ سان هڪ فرد جو اضافو ٿيو اسان کي خوشي آهي ۽ دعا آهي ته سدائين ساٿ سلامت رهي سنڌ سکي ۽ آباد و شاد رهي۔
 
Back
Top