• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حسين ماڻهو

هي حسن
شان شوخي
نرمل نظارا
ڏاڍا لڳن پيارا
اهي حسن وارا
تلوارون ڪٽن جيئن
اهي ٿا ڏسن تيئن
وڃي ڪاڏي
بندو هي بيوس
ائين بيقرارا ۔۔۔
صرف انتظار
صفا لاچار
اهي چڪمڪي چهرا
ڇڪين لوه وانگر
نظرن جا هڻي تکا تير
وهائين اکين نير
وڏا وڏا بي پير
رهزن راهن جا
بنائين اسير
ڏيئي دل کي جهير
وڌائي اڪير
اهي بي پير
انهن کان بچو ير
اهي واسينگ ورور
بچل ڪو به هنن کان نه آهي هتي
هنن پير پنهنجو آ پاتو جتي
وڻ بي پاڙي وانگر سجو جسم کائين سڪائين ساڙِين۔۔۔۔
 
Back
Top