• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ميڪرو ميڊيا فليش ڪلاس 9

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ jamot
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

jamot

سينيئر رڪن
Layer ليئر ڇا ٿيندي آهي؟

Flash جو سڀ کان اهم Feature ليئرز آهن. ليئر توهان کي ان ڳالهه جي اجازت ڏيندي آهي، ته توهان هر Object کي ان جي خاص جڳه تي بنائي سگھو. جيڪڏهن ڪو Object ڪنهن ٻئي Object جي جاءِ تي اچي وڃي ته به ليئرز مختلف هجڻ ڪري هڪٻئي تي اثر نه ٿيندو. ليئرز کي توهان Hide , Lock يا ترتيب به ڏيئي سگھو ٿا.

هڪ نئي ليئر Create ڪرڻ :​

1. Insert Menu مان نئي ليئر آڻڻ :

پهرئين توهان Inset Menu تي ڪلڪ ڪريو، پوءِ Layer تي ڪلڪ ڪريو. Time Line تي توهان ڏسندا ته هڪ نئي ليئر Layer 2 جي نالي سان اچي ويئي هوندي.

2. Time Line مان نئي ليئر آڻڻ :

Time Line جي هيٺ ڏنل Insert Layer Button تي ڪلڪ ڪريو.

3. Mouse جي ذريعي:

Layer 1 جي مٿان مائوس کي رائيٽ ڪلڪ ڪري Insert Layer تي ڪلڪ ڪريو.


Layers کي Delete ڪرڻ :

1. جنهن ليئر کي Delete ڪرڻو هجي ، ته ان کي Select ڪري ، پوءِ Time Line جي هيٺيان Trash Button تي ڪلڪ ڪندا ته ليئر Delete ٿي ويندي.

2. Layer تي مائوس رائيٽ ڪلڪ ڪري ، پوءِ Delete Layer تي ڪلڪ ڪريو .

Layer کي Move ڪرڻ :
ڪنهن به ليئر کي مائوس سان جھلي هيٺ يا مٿي Move ڪرايو.

Layer تي نالو لکڻ :
ڪنهن به ليئر تي مائوس سان ڊبل ڪلڪ ڪري ڪوبه نالو لکو.


ليئر کي Lock يا Un-Lock ڪرڻ :

جيڪڏهن ڪنهن به ليئر کي Lock ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان جي Lock واري Option تي ڪلڪ ڪري Lock ڪريو. ۽ وري Un-Lock ڪرڻ لاءِ ٻيهر انهيءَ Option تي ڪلڪ ڪريو.

sindhsalamatsaathsal​
 
ادا ليئرز تي ڪم سيکارڻ جي مهرباني۔۔۔ تمام بهترين طريقي سان توهان هن فليش جي سبقن کي تمام سٺي انداز سان هلايو پيا
 
سائين اوهان ڏنل سبقن ۾ جواب ڏيندين ايترو ئي چئي سگهان ٿو ته واقعي قابل تعريف آهي اوهان جي سمجهاڻي۔۔۔۔۔
 
السلام عليڪم ادا ذاهد سومرو صاحب۔

توهان دوستن جون دعائون آهي۔ انشاء الله ايندڙ ڪلاسون به تمام سٺيون ڪري پيش ڪندس۔

توهان جو ڀاء
غلام حيدر ڄاموٽ
 
ادا غلام حيدر اوهان جي شيئرنگ واقعي لاجواب آهي نه فقط هڪ پر ڪيترن ئي دوستن کي ان جي ضرورت هئي سا اوهان جي اچڻ سان پوري ٿي الله اوهان کي سدائين آباد رکي
 
Back
Top