زندگي جا رنگ

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
265063_527216537300183_1409287231_n.jpg


سمنڊ ڪناري هڪ ٻار کي ڏٺو.. جيڪو واري جو گهر ٺاهيندي پري کان ايندڙ هڪ ٻيڙي تي نظر رکيو ويٺو هو... اچانڪ لهريون اٿيون ۽ ٻيڙي لڏڻ لڳي.. ڪجهه بي چين آواز نڪتا ۽ ٻار کلندي ٽهڪ ڏنو.. ان جي صحتمد ڳلن تي ٺهندڙ چُگهه کي ڏسي مون سوچيو ... اهائي ته زندگي آ..
ايتري ۾ ڇولي آئي ۽ ٻار جو ٺهيل واري جو گهر لوڙهي وئي... ٻار جي وڏين وڏين اکين ۾ پاڻيءَ جون نمڪين لهريون اٿيون ... تڏهن مون سوچيو ته زندگي ته هيءَ آ...
 
سمنڊ ڪِناري واري جو گهر ٺاهيوسي ____ توکي چاهيوسي
زندگي جو ڪو ڪِنارو ڪا حد ناهي _ زندگي ۾ خوشيون به آهن غم بي آهي
پيار به آهي نفرت به آهي _ پريشانيون به آهن راحت به آهي
ڏاڍي پياري آهي زندگي _ اڄ تائين ڪنهن به نه وِساري آهي زندگي
چوندا آهن جواني جي بهاري آهي زندگي _ پُو پئي خبر اصل ۾ ٻارن واري آهي زندگي



 
Back
Top