• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽنڊي آدم ۾ روڊ حادثو:ٻارڙي فوت

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
ٽنڊي آدم ۾ روڊ حادثو، اسپتال مان ڊاڪٽر غائب، زخمي ٻارڙي فوت، لاش رکي ڌرڻو
شهدادپور روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن جي ٽڪر ۾ اڍائي سالن جي جنڊاڙو ۽ سندس پيءُ زخمي
زخمي ٻارڙي ۽ سندس پيءُ کي تعلقي اسپتال نيو ويو، هڙتال سبب ڊاڪٽر ۽ عملو ڊيوٽين تي موجود نه هئا
ٻارڙي تڙپي تڙپي دم ڏنو، فوتي ٻارڙي جي وارثن مڙهه اسپتال جي گيٽ آڏو رکي ڊاڪٽرن خلاف احتجاج ڪيو
ٽنڊي آدم جي مال پڙي لڳ شهدادپور روڊ تي ڄام نواز علي جي رهواسي هيرو جنڊاڙو موٽر سائيڪل تي پنهنجي اڍائي سالن جي نياڻي ڪرن سميت ڳوٺ وڃي رهيو هو ته سامهون ايندڙ هڪ ٻي موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙي ڪرن، سندس پيءُ هيرو سومار سخت زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال نيو ويو، جتي هڙتال سبب اسپتال ۾ نه ڊاڪٽر ۽ نه عملو موجود هو، جنهن سبب زخمي ٻارڙي تڙپي تڙپي دم ڏنو. فوتي ٻارڙي جا وارث ڄام نواز علي کان ٽنڊي آدم پهتا، جن ٻارڙي جو مڙهه اسپتال جي گيٽ آڏو رکي ڌرڻو هنيو ۽ ڊاڪٽرن خلاف نعريبازي ڪئي.

 
Back
Top