معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
گهوٽڪي جي وڏيرن وٽان آزاد ڪرايل هاري خاندان کي پوليس ڪُٽي ناڙ ڪري ڇڏيو
گهوٽڪي جي بااثر وڏيرن مارواڙي قبيلي سان تعلق رکندڙ هڪ ئي ڪٽنب جي 9 معصوم ٻارڙن سميت 16 ڄڻن کان جبري پورهيو ورتو، جڏهن ته آزاد ڪرايل مظلوم پورهيتن کي پوليس 15 ڏينهن تائين لاڪپ ۾ واڙي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ڪنڌڪوٽ جي رهواسي بختومل مارواڙي پاران ايڊووڪيٽ علي اصغر پنهيار معرفت سندس ڪٽنب جي 16 ماڻهن کي يرغمال بڻائڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ داخل ڪيل پٽيشن جي جسٽس صلاح الدين پنهور ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي يارولنڊ پوليس عدالتي حڪم تي آزاد ڪرايل سمورن ماڻهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت حڪم ڏنو ته سمورن ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي. عدالت ٻاهران عوامي آواز سان ڳالهائيندي بختومل مارواڙي ٻڌايو ته 8 مهينا اڳ مُکي ۽ ڀڳوانو مارواڙي معرفت هنن گهوٽڪي ضلعي جي يارولنڊ شهر ڀرسان ڳوٺ نونڊي ۾ زميندار غلام محمد مهر وٽ ڪُڙمت جو ڪم شروع ڪيو. ڪجهه ئي ڏينهن بعد زميندار غلام محمد مهر، سندس ڀائرن ۽ پٽن اسماعيل مهر، اربيلو مهر ۽ رزاق مهر سندس سڄي ڪٽنب کان جانورن جيان ڏينهن رات جبري پورهيو وٺڻ شروع ڪيو.مئي 2012ع ۾ هنن درجنين ايڪڙن تي مڱ ڦرين جي پوک پوکي، ڊسمبر ۾ لٿل پوک مان 8 لک رپيا اُپت ٿي. وڏيرن کين صرف 15 هزاررپيا ڏنا، احتجاج ڪرڻ تي ڄاڻايل بااثر وڏيرن 8 ڊسمبر تي کين تشدد جو نشانو بڻائيندي سندس چئن ورهين جي معصوم پٽ سني کي ٻرندڙ چُلهي ۾ اڇلائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ نينگر جو منهن سڙي ويو. ان واقعي جي رات هُو پنهنجي زال جيجان، پٽ جاني ۽ نُنهن اميران سميت سڙي زخمي ٿيل سني کي کڻي وڏيري جي ڪوٽ مان ڀڄي نڪتا. 18 ڊسمبر تي هن ايڊووڪيٽ علي اصغر پنهيار معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي، عدالت جو نوٽيس ملڻ تي يارو لنڊ پوليس 15 ڏينهن اڳ سندس سمورن گهرڀاتين کي وڏيري جي ڪوٽ مان آزاد ڪرائي وڏيرن خلاف ڪارروائي بجاءِ آزاد ڪيل سندس سمورن گهر ڀاتين کي معصوم ٻارڙن سميت 15 ڏينهن تائين ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو. جتي کين مسلسل تشدد ڪري وڏيرن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل پٽيشن تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو. جنهن کانپوءِ ڪالهه عدالت ۾ پٽيشن جي ٻڌڻي جي موقعي تي کين لاڪپ مان ڪڍي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. بختومل وڌيڪ ٻڌايو ته ڄاڻايل وڏيرن سندس معصوم گهرڀاتين سان وڏا ڪِيس ڪيا آهن. 8 مهينن تائين کانئن جبري پورهيو ورتو ويو. کين کائڻ لاءِ صرف اٽو ڏنو ويندو هو. پوک لهڻ تي 8 لک اُپت مان کين صرف 15 هزار رپيا ڏنا ويا. هن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندس ڪٽنب سان وڏيرن پاران ڪيل ظلم جو نوٽيس وٺي کين انصاف ڏياريو وڃي.
ان جي سيد جي مزار تي حاضري
جيئي سنڌ محاذ جي ورڪرن چيئرمين سرور سهتو جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي. صوفي حضور بخش، فيض الله جوڻيجو، علي نواز ٻٽ، سيد اصغر شاهه، در محمد عالماڻي، اشرف عمراڻي، غلام نبي ڏاهري، منصور سومرو، خادم ٻٽ، مجيد جوکيو، ساجن ڪلهوڙو ۽ ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي سرور سهتو چيو ته اڄ اسان جي وچن جو ڏينهن آهي. اسان جي ڪوشش هوندي ته سنڌ جي حقيقي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙن جو اتحاد جوڙيون. جيڪو سنڌ بابت گڏيل موقف جو ذميوار هجي.
ٻن ڀينرن کي ڪارنهن الزام مڙهڻ جو نوٽيس ، سکر ۽ خيرپور جا ايس ايس پيز طلب
ٺري ميرواهه جي ٻن نوجوان ڀينرن کي ڪارنهن الزام مڙهڻ تي عدالت جوابدارن، سکر ۽ خيرپور جي ايس ايس پيز کي گهرائي ورتو، ٺري ميرواهه جي ڳوٺ سومر سهتو جي ٻن ڳوٺاڻي ڀينرن شازيا ۽ راحت فردوس عرف صنم ڌيءَ غلام اصغر سهتو پاران وڪيل دائم کوسو معرفت داخل ڪيل آئيني درخواست جي جسٽس صلاح الدين پنهور ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي پٽيشنر ڀينرن عدالت کي ٻڌايو کين ويجها مائٽ علي حسن، گل حسن، هزارخان، منصور ۽ لياقت سهتو پنهنجي مرضي تي زبردستي پرڻائڻ گهرن پيا، انڪار ڪرڻ تي ڄاڻايل جوابدارن جرڳو ڪوٺائي مٿن ڪارنهن جي تهمت مڙهي کين قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن کانپوءِ ٻنهي ڀينرن سکر ۾ چاچي جي گهر پناهه ورتي آهي. عدالت درخواست کي ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي ايس ايس پي سکر ۽ خيرپور، ايس ايڇ او ٺري ميرواهه ۽ نئون پنڊ ۽ جوابدار ڄاڻايل علي حسن، گل حسن، هزار خان، منصور ۽ لياقت علي سهتو کي نوٽيس جاري ڪندي 28 جنوري تي طلب ڪري ورتو.
ڪشمور جي نوجوان مٿان داخل ڪيس خارج ، جوڙي کي تحفظ ڏيڻ جو حڪم
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪشمور جي پريمي مٿان داخل ڪيس خارج ڪري جوڙي کي تحفظ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، ٻه ڏينهن اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ ڪشمور جي مزاري محلي جي پريمي جوڙي شمن ڪلهوڙو ۽ مهناز ڪلهوڙو پاران ايڊووڪيٽ ڪرم علي مزاري معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ داخل ڪيل تحفظ واري درخواست جي جسٽس صلاح الدين پنهور ٻڌڻي ڪئي. جوڙي عدالت کي ٻڌايو پيار پرڻي بعد مهناز جا چاچا اسلم، اڪبر ۽ اقبال ڪلهوڙو کين قتل ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ڄاڻايل جوابدارن ڪشمور ٿاڻي تي مٿن اغوا جو ڪيس پڻ داخل ڪيو آهي، عدالت ڪشمور ۽ اوٻاوڙو پوليس کي حڪم جاري ڪيو ته پريمي مٿان داخل ايف آءِ آر خارج ڪري جوڙي کي تحفظ ڏنو وڃي.
ٽنڊي باگي ۾ جيالي کي ڪتي ڏاڙهي وڌو
ٽنڊي باگي جي پ پ اڳواڻ منظور ملاح کي شهر ۾ رولو ڪتو ڏاڙهي ويو. کيس تعلقي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. جتي ويڪسين نه هجڻ تي منظور ملاح ٽنڊو باگو پريس ڪلب آڏو 6 ڪلاڪن جي علامتي بک هڙتال تي ويٺو. جتي هن مطالبو ڪيو ته تعلقي اسپتال ٽنڊي باگي ۾ ڇتي ڪتي جي چڪ جي ويڪسين فراهم ڪئي وڃي.