محترم سائين ايوب کوسو جو هڪ ٻيو خوبصورت غزل ڪتاب ”ڪنارن جا سڏ“ مان ورتو اٿم ڊيزائن بنائڻ ۾ پاور پوائينٽ جو سهارو ورتو اٿم۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان کي هي غزل ڪيئن ٿو لڳي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جِي اڃان ڏسو پيا، جِي جِي ڏِسِي ضرور پنهنجا ڪامينٽس ڏيندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني مٺا
هائو يار! اهي گجن جون ٽڪون، ڄڻ سچل جون سٽون، واه سائين واه، اصل سائين کوسي جون سٽون به لڳن پيون وڄون ... مهرباني دوست نثار ... shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
ادا نثار اڃان تائين ايوب کوسي جي شاعري واري سحر کان ٻاهر ڪونه نڪتو آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دل هٿان مجبور ٿي هڪ نظم سائين ايوب کوسي جو توهان سان وري به ونڊ ٿو ڪريان۔ نئين هوا جِي نينگر! ايوب کوسو۔ رڳُن ۾ توڙي اڃا به ٿَڪُ آ، تڏهن به دل کي اها ئي پَڪ آ، فريب جو بر ٽري به پوندو، نڪورو هُو سج اچي اُڀرندو، صليب جهڙيون سموريون راتيون، فنا ڪنڌيءَ تي اچي ته کٽنديون! اسان هِي رَت سان ڏيئا جي ٻاريا، اُهي ڪڏهن ڀي اُجهي نه سگهندا، اسان برن جي لُڪن جا پاليل، اسان جا جذبا سُڪي نه سگهندا، اوهان دلين ۾ چِتائون پوکيون، اُلاءُ تن جو جُهڪي نه سگهندو! مِٽيءَ جا دشمن تون ياد رکجان، هِي پير تُنهنجو کُپي نه سگهندو، هِي ڀُونءَ مهڪي ضرور اُٿندي، اکيون اسان جُون اهو به ڏسنديون نئين هوا جي ڪُنواري نينگر، سنڌوءَ جو چهرو اکين سان چُمندي! صُبح جو چهرو ضرور ڦُٽندو! ضرور ڦُٽندو، ضرور ڦُٽندو!