استاد محمد ملوڪ عباسي سنڌ جو نامور سگهڙ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ علي ظفر طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2013۔

  1. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    استاد محمد ملوڪ عباسي کي جواني کان وٺي لوڪ ادب سان دلي چاھ ھيو، پنج درجا پڙھيل استاد ملوڪ عباسي ٿورڙي وقت ۾ لوڪ ادب کي سنڌ ۽ ھند تائين پھچائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو، استاد ملوڪ لوڪ ادب تي ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان 5 ڪتاب ڇپجي چڪا آھن جڏھن ته ڪافي مواد اڻ ڇپيل آھي،استاد محمد ملوڪ جي ڇپيل ڪتابن ۾ 1.منھن مٿاهان جن جا 2 .گلشن ڏور3.موتي مور ملوڪ جا 4 .موتين مٺ ملوڪ جي5.موتي ماڻڪ ملوڪ جا ۽ ٻيا ڪتاب شامل آھن.
    سندس ھي شاعري ھر ھنڌ ڪچھرين ۾ پڙھي ويندي آھي،استاد محمد ملوڪ عباسي سنڌ سگھڙ سنگت ڀلائي تنظيم جوڙي جنھن جو باني ھو،کيس سگھڙن جو سرتاج ڪوٺيو ويندو آھي،استاد محمد ملوڪ عباسي 2جون 1998ع تي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو،
    عوامي آواز جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو