ڪاري ٻار جو سوال

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڪاري ٻار جو سوال
    1805 اٽيچمينٽ ڏسو 1805 اٽيچمينٽ ڏسو
    اوهان جون ۽ منهنجون،
    اميدون ۽ آسون،
    امنگون ۽ خوشيون،
    سڀئي ٿيون ساڳيون،
    اوهان جي ۽ منهنجي تمنا جو انداز ساڳيو،
    اوهان جي ۽ منهنجي رڳن منجهه آ رت جو رنگ ساڳيو،
    اوهان جو ۽ منهنجو ته خالق به هڪڙو،
    ته مالڪ به هڪڙو!
    جڏهن ڪو به رانديڪو شوڪيس ۾ ٿو ڏسان،
    تڏهن ساڳئي انداز سان منهنجي هُرکي ٿي دل،
    هي چوڏهينءَ جو چمڪڻ،
    ستارن جو ٽمڪڻ،
    بهارن جو مرڪڻ،
    گلابن جو مهڪڻ،
    ۽ چهرن جو چهڪڻ،
    اوهان سڀ ٿا چاهيو ته مان ڀي ٿو چاهيان،
    انهيءَ هوندي،
    سونهري ٻارو!
    مان خود ڇو اوهان کي پسند ڪو نه آهيان؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    دل ڪاري کان منهن ڪارو چڱو جي ڪو هي راز ڄاڻي ٿو
    منهن ڪارو دل اچو سو ئي يار سُڃاڻي ٿو
    سرڪار سلطان باهو صاحب ۔
    وسلام
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جون ۽ منهنجون،
    اميدون ۽ آسون،
    امنگون ۽ خوشيون،
    سڀئي ٿيون ساڳيون،

    اڇي کي ڪاري تي ۽ ڪاري کي اڇي تي ڪابه برتري ناهي سواء اخلاق ۽ سٺن عملن جي ۔۔۔۔۔۔ پر انسان اهو سڀ ڀلائي ويٺو آهي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. شبير ساگر

    شبير ساگر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2013
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    136
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم ضلع ٺٽو (هاڻي ضلع سجاول)
    سڀ انسان پاڻ ۾ برابر آهن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو