• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فولڊر کي لاڪ ڪريو بغير ڪنهن سافٽويئر جي۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
جي دوستو ڪافي دوست مون کي چوندا آهن ته اسان اهڙيون ٽپس شيئر ڪريو جيڪي مزيدار ته هجن ئي پر ان ۾ ڪنهن سافٽويئر کان سواءِ ئي عمل ۾ آنديون وڃن۔۔۔۔ اهڙن دوستن جي فرمائش کي نظر ۾ رکندي هڪ ٽپ توهانجي اڳيان آهي۔۔۔
جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته ڪنهن فولڊر کي اهڙي طرح رکجي جو ڪو ٻيو ان کي آساني سان کولي نه سگهي ۽ ان کي ڊيليٽ يا ڪاپي به نه ڪري سگهي۔۔۔ ان جي لاءِ سڀ کان پهريان توهان My Computer کي کولي ان جي Tools مينو ۾ وڃي Folder Option تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔۔ جتي View ٽيب کي سليڪٽ ڪريو۔۔۔۔ هاڻي سڪرول ڪري سڀ کان هيٺ موجود 'Use simple file sharing (Recommended) تي موجود چيڪ باڪس کي ختم ڪريو ۽ Ok کي پريس ڪريو۔۔۔۔ تفصيل لاءِ هن تصوير کي ڏسو۔۔۔۔
picq.jpg
ان مرحلي کي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ توهان ان فولڊر جي لوڪيشن تي اچو جنهن کي لاڪ ڪرڻو آهي۔۔۔ مثال طور هتي مان SindhSalamat فولڊر کي لاڪ ڪري رهيو آهيان۔۔۔ جنهن ڪري مون فولڊر کي مائوس جي مدد سان ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ فولڊر جون پراپرٽيز کوليون۔۔۔ اهڙي طرح هڪ نئين ونڊو کلندي جنهن کي 4 ٽيبس هوندا توهان Security ٽيب سليڪٽ ڪريو۔۔ جتي توهان ڏسندو ته ايڊمنسٽريٽر سميت سڀئي ڪمپيوٽر هلائندڙن جا کاتا ٺهيل هوندا۔۔۔ جنهن جو مطلب هوندو ته هن فولڊر کي اهي سمورا استعمال ڪري سگهن ٿا۔۔۔ جنهن کان پوءِ اتي موجود بٽڻ Advance تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ تفصيل لاءِ هڪ نمبر تصوير ڏسو۔۔۔

pic1rt.jpg

نئين کلندڙ ونڊوز ۾ وڌيڪ 4 ٽيبس هوندا ۔۔۔ اسان جي مطلب جو پهريون ئي يعني Permission وارو ئي آهي۔۔۔ هن ۾ توهان هيٺ ٻه آپشن ڏسندو جنهن مان مٿئين آپشن Inherit from parent the permission entries that apply to child objects. Include these with entries explicitly defend here تي چيڪ لڳل هوندو جنهن کي ان چيڪ ڪريو۔۔۔ ان چيڪ ڪندي سڪيورٽي ڊائلاگ باڪس کلندو جنهن ۾ توهان Remove بٽڻ پريس ڪندا۔۔۔۔۔۔هاڻي او ڪي پريس ڪريو۔۔۔ تفصيل خاطر ڏسو شڪل نمبر 3۔۔۔

pic1rt.jpg

اوڪي پريس ڪندي ئي هڪ دفعو ٻيهر توهان کي آگاهي ڏني ويندي ته توهان جي مطلوبا فولڊر تي ڪنهن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه آهي۔۔۔ ڏسو شڪل نمبر 4۔۔۔۔

pic2jf.jpg

فولڊر کي ٻيهر فعال بنائڻ لاءِ ساڳيو عمل دهرايو بس صرف Inherit from parent the permission entries that apply to child objects. Include these with entries explicitly defend here. آپشن تي ٻيهر چيڪ لڳايو ۽ اوڪي پريس ڪريو۔۔۔۔ ڏسو شڪل نمبر 5۔۔۔
توهان کي هي ٽپ ڪيئن لڳي ۔۔۔۔؟ توهان جا جواب اها ڳالهه واضح ڪندا۔۔۔ دعائن ۾ ياد۔۔۔۔

نوٽ : هي ٽپ صرف NTFS تي فارميٽ ٿيل هارڊ ڊسڪ پارٽيشن تي ئي ڪري سگهجي ٿي۔۔۔
 
سائين ٽپ ته اعليٰ درجه جي آهي پر اسان وٽ ته Fat 32 سسٽم آهي ان لاء به ڪا ٽپ ڏسيو ته مهرباني ٿيندي
 
ادا ايڏي ڀلي ٽپ ٻڌائي آخر ۾ وري ٺپ جهٽڪو ڏئي ڇڏيو۔۔۔
توهان به اين ٽي ايف ايس وارو نوٽس ايئن هنيو آهي جيئن اسان وٽ موبائل ڪمپنين وارا پنهنجي اشتهارن ۾ ڪال ريٽ سستو ڏسي وري اوسي پاسي ۾ لکندا۔۔ اونلي ٿرٽي سيڪنڊس يا وري ٽيڪس به الڳ اپلائي ٿيندو۔۔
 
جواب: فولڊر کي لاڪ ڪريو بغير ڪنهن سافٽويئر جي۔۔۔۔

بهترين ٽپ آهي ادا لاجواب شيئرنگ آهي
 
Back
Top