بيشڪ، پر سائين ڏاڏل صاحب هي نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي هڪ حديث مبارڪ آهي، ان جي وضاحت ڪريو ها ته بهتر ٿئي ها۔ حضرت ابو امامه رضي الله عنه جن کان روايت آهي ته ڪنهن شخص پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن کان سوال ڪيو ته : ايمان ڇاآهي؟ پاڻ ڪريم جن ان کي فرمايو ته: جڏهن تنهنجي نيڪي تو کي خوش ڪري ۽ جڏهن تنهنجي برائي تو کي بري لڳي ته تون مومن آهين۔ المستدرڪ علي الصحيحين، ڪتاب البيوع۔
ادا منهنجي خيال ۾ ڀائو خليل جبران جيڪو لکيو آهي ته مومن اهو آهي جيڪو الله پاڪ جي مڃيندو آهي ، انھ جو مطلب اهو ته الله پاڪ جي احڪامن تي عمل ڪندو آهي ، باقي الله پاڪ کي ته هرڪو مڃيندو آهي
ادا طاهر ڇو ٿا مون جهڙي طالبعم کي گنهگار ڪريو ۔سج کي ڏيئو ڏيکارڻ بيوقوفي آهي اوهان جي هوندي اسان ڪاا وضاحت ڪريون توبه توبه۔باقي جيڪا شي بُري لڳندي آهي اها ئي ته رنج پهچائيندي آهي ۔ وسلام
ادا ڏاڏل شينو، الله پاڪ جي مڃڻ جو مطلب آهي ته الله پاڪ ۽ پياري نبي سائين جي اطاعت ڪرڻ۔ الله پاڪ قران پاڪ ۾ جيڪي عمل ڪرڻ لاء حڪم ڪيو آهي،اهئي عمل ڪرڻ ، پياري نبي سائين جي سيرت ۽ حڪم مطابق زندگي گذارڻ، پياري نبي سائين جي سنتن کي زنده ڪرڻ واروئي مومن ٿئي سگهي ٿو۔ اميد ته اسان جي جواب مان اوهان کي مومن جي لاء مقرر ڪيل پيماني جي نشاهندي ٿئي ويئي هوندي۔
لکين قرب اوهان جا جو اوهان تفصيلي وضاحت ڪئي ۔ منهنجا سائين پيغام الاهي هر خاص و عام تائين پهتل آهي جيڪو ٻُڌڻ چاهي ٿو تنهن کي ٻُڌايو ويو آهي جيڪو سمجهڻ چاهي ٿو ان کي سمجهايو ويو آهي ، هي موضوع عليحده پنهنجو حُجم رکي ٿو صرف ان کان اشارو ڪندي گذرندا سين ته قرآن ۾ سوره والشمس ۾ پروردگار ڏھ قسمون کڻي ڪري اها ڳالھ چوي ٿو ته اسان انسان تي ڀلائي ۽ بُرائي کي عيان ڪري ڇڏيو آهي پوءِ فلاح تنهن پاتي جنهن پنهنجي من کي پاڪ ڪيو۔ جنهن لاءِ علامه اقبال چوي ٿو اپني من ۾ ڊوب ڪر پا جا سُراغ زندگي ميرا نيهن بنتا تو نه بن اپنا تو بن۔ هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪو قرآن ناهي پڙهيل جيڪو عالمن عارفن و سالڪن جي صحُبت ۾ ناهي ويٺو ان کي پنهنجي عمل جي ڪيئن خبر پوي ته هن جيڪو عمل ڪيو آهي اهو غلط آهي يا صحيح ۔هر عمل پُڇڻ هو ملان وٽ به ته ڪو نه ويندو ته پوءِ اهڙو ڪو پيمانو هجڻ گهرجي جيڪوان جي صحيح ۽ غلط جي تصديق ڪري ۽ اهو پيمانو يقينن پروردگار انسان جي وجود ۾ رکيو آهي جنهن کي ضمير چيو ٿو وڃي ان عمل جي تصديق اها ئي آهي ۽ اها سڃاڻپ پرودگار طرفان انسان کي مليل آهي ته جڏهن انسان مطمئن ٿي ويندو آهي ته ان جي احساساتي وجود ۾ سڪون برپا ٿي ويندو آهي جنهن کي اسان خوشي ٿا چؤن ۔ ان جي ابتڙ وري جڏهن انسان ڪو بُرو ڪم ڪندو آهي ته ان جو به ائين ان جي احساساتي وجود ۾ بيچيني جو عالم برپا ٿي ويندو آهي ان کي غمگين چيو ٿو وڃي جنهن کي حُذن و ملال چيو ٿو وڃي جنهن جي معنى پڇتاءُ هائي جي ائين نه ڪريان ها ته شل ۔ هاڻي ان جي ضمير جي ملامت هر وقت ان تي ٿيڻ لڳندي جيڪو انسان جي وجود ۾ الاهي پيغام جو پروسيسر آهي ۔ هاڻي ٿورو غور ڪريو ته انسان جي اندر جا آٽو ميٽڪ پروگرامنگ ٿيل آهي ان جي پروسيسنگ مان گذرندي ان جو هر عمل يا ان کي غمگين ڪري ٿو يا ان کي خوشي ڏئي ٿو ۔ عمل جي اختتام پذيري کان پوءِ جيڪا ان عمل جي قيامت برپا ٿئي ٿي اها ا انساني وجود تي جيڪي اثرات ڇڏي ٿي ان جي مطلق اهو مٿيون قول آهي وسلام
سائين ڏاڏل شينو صاحب السلام عليڪم۔ ماشالله تمام سٺي انداز ۾ اوهان انسان کي پرکڻ جو پنهنجي اندر پيماني جي باري ۾ ٻڌائي ادا خليل جبران جي مسلمان ۽ مومن جي فرق کي واضح ڪيو آهي۔