اسلام ۾ قتل جا قسم:_KIND OF MURDER IN ISLAM
شريعت اسلام ۾ قتل جون ٻه قسمون آهن، هڪ قتل عمد ۽ ٻِيو قتل خطا۔ قتل عمد جي سزا قصاص آهي ۽ قتل خطا جي سلسلي ۾ ديت ( خون بهاء) مقررآهي۔ قتل جي حوالي سان هيٺيون حديثون قابل ذڪر آهن۔
مرداس بن عروه رضي الله تعالي عنه جن ٻڌايو ته ”هڪ ماڻهون پنهنجي ڀاء کي تير هڻي قتل ڪيو۽ ڀڄي ويو۔ اسان ان کي سيدنا حضرت ابوبڪر وٽ موجود ڏٺو،هو انهن کي پياري نبي سائين، رسول الله صلي الله عليه وسلم جن وٽ وٺي ويا ته پاڻ سڳورن هن کان قصاص ورتو ( مجمع الزوائده6/291)
پياري نبي سائين رحمت العالامين جن وارثن مان ڪجه جا قصاص معاف ڪرڻ ۽ ڪجه جا معاف نه ڪرڻ جو فيصلو ان طرح سان ڪيو، حضرت آماء عائشه رضِي الله تعالئ عنه فرمائين ٿيون ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته: قاتلن کي گهرجي ته هو قصاص جي معافي لاء مقتول جي ويجهي مان ويجهي سان رجوع ڪري جيتوڻيڪ اها عورت هجي۔( اهو ان صورت ۾ ٿيندو جنهن کي قتل ڪيو وڃي ان جي ورثاء ۾ مرد ۽ عورت ٻئي هجن ويجهو مائٽن ۾ ،چاهي اهو مرد هجي يا عورت،جنهن خون (قصاص) معاف ڪيو ۔ان جو معاف ڪرڻ جائز آهي،ڇو ته پاڻ سائيجن صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان آهي،رڪيو! يعني قصاص وٺڻ کان روڪيو) (سنن ابوداود_4538)
قتل خطا MURDER BY MISTAKE
غزاه احد ۾ حضرت حذيفه بن يمان جي والد يمان کي مسلمانن جون تلوارون غلطي سان لڳيون ۽ نادانستگي ۾ هو قتل ٿئي ويا۔ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن ان قتل جي ديت ( خون بهاء) ڏيڻ جو ارادو ڪيو پر حضرت حذيفه بن يمان رضِي الله عنه جن مسلمانن کي ديت معاف ڪئي ،يعنئ نه ورتي۔ ( حديث محمود بن لبيد_ مجمع الزوائد 6/289 )
رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو”مان ان شخص کي معاف نه ڪندس جنهن ديت وٺڻ کان پوء قتل ڪيو“ ( راوي : جابر بن عبدالله رضي الله عنه۔ سنن ڪبري بيهقي جلد 8 صحفو 54)
حضرت ابن عباس رضي الله عنه جن کان روايت آهي ” هڪڙو ماڻهون حضور صلي الله عليه وسلم جن جي عهد (زماني) ۾ ڪنهن کي قتل ڪيو ته پاڻ سائيجن صلي الله عليه وسلم انهن جي لاء ٻاره هزار (درهم) ديت مقرر فرمائي۔ (راوي: ابن عباس رضي الله تعالئ عنه سنن کبري بيهقي، جلد 8 صحفو 78،۔ سنن نسائي 4803)