• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شئي آهيان ڪاڪيون ڪهڙي،

نثارابڙو

نائب منتظم
184615_10151353360073948_205791773_n.jpg

شئي آهيان ڪاڪيون ڪهڙي،
جا سمجهي نه ڄاڻان.

بعضــي ڀايـــان پتـــلي، يا آهيــــان گـــڏيءَ ڏور،
يا گوءِ آهيان هٿ يار جي، يا وانگيءَ وانگر زور.

يا تــــا محــــل آهيان، جنهـــن ۾ شهنشــاه،
ٻوليون ڪري ڪيتريون، ٿو در نئون داناهه.

يا تا گهوڙو آهيان، جـــو هــلائي هسوار،
يا ته موج درياهه جي، جا ٻوڙي ٿي ٻاهار.

يا مهنديءَ گل تا آهيــان، جنهن انــدر لالائي،
يا آهيان گل گلاب جو، جنهن سر ۾ سرهائي.

يا تا چشمو آهيـــان، جـــو ابر ڀريـو آب،
تنهن ۾ سايو سج جو، يا پاڇوئي مهتاب.

يا تا پاڇوئي حق جو، آءُ اصل کئون آهيان،
جنهــــن ۾ ڳالــــهه ناهِ تـــا، ســو ڀي ناهيان.

ڳالهه سچوءَ تا سمـــجهي، کئون هاديءَ اهائي،
تا غير خدا جو ناهيين، آهين صاحب سدائي.​
 
Back
Top