• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شوبز-----اسپورٽس نيوز

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن

سوناڪشي سنها ”همٿ والا“ فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي
ڀارتي اداڪارا سوناڪشي سنها نئين فلم ”همٿ والا“ ۾ نظر ايندي، فلم جي ڊائريڪٽر ساجد خان ايوارڊ پروگرام ۾ سوناڪشي سنها سان ڳالهيون ڪري کيس فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو، ايوارڊ تقريب ۾ اجي ديوگن ۽ ساجد خان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ فلم جي ڪاميابي تي مشورا ڪيا ويا، جڏهن ته ساجد خان جو چوڻ هو ته ميوزڪ سان انصاف ڪيو ويندو.05

رابرٽ ۽ ڪرسٽين اسٽورٽ ڪامياب ترين جوڙي
هالي ووڊ جي ڪامياب جوڙي جو جنون جاري آهي، هالي ووڊ جوڙي رابرٽ پيٽنسن ۽ ڪرسٽين اسٽورٽ ٽوائيلائٽ سيريز مان شهرت ماڻي ۽ ٻنهي وڏي انگ ۾ مداح ٺاهيا، جيڪي جنون جي حد تائين کين چاهين ٿا، جوڙي جي ٽوائيلائٽ سيريز جي آخري پارٽ 625 ملين ڊالرن جي بزنس ڪئي.05

ريڊ ٽو فلم جو پهريون ٽريلر جاري
هالي ووڊ فلم ريڊ ٽو جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، فلم آگسٽ ۾ رليز ڪئي ويندي، هالي ووڊ فلم اسٽار بروس ولس سان گڏ انٿوني هاپڪنز، ڪيٿران، زيٽا جونز ۽ ٻيا نظر ايندا.05

ڀارتي فلم ”شوٽ آف ايٽ لوڪنڊ والا“ جو ٽريلر جاري
پوليس انڪائونٽر جي ڪهاڻي تي ٻڌل فلم” شوٽ آف ايٽ لوڪنڊ والا“ جي سيڪوئل شوٽ آف ايڊ واڊلا“ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، هدايتڪار سنجي گپتا جي فلم کي فلم ۾ جان ابراهم، انيل ڪپور، تشار ڪپور، ڪنگنا رناوت، سونو سوڊ منوج، باجپائي ۽ ٻين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن، جڏهن ته پريانڪا چوپڙا هڪ آئٽم گاني جي لاءِ مهمان اداڪارا طور شرڪت ڪندي. فلم جي ميوزڪ ڀارتي موسيقار انو ملڪ ۽ پاڪستاني گلوڪار ۽ موسيقار مصطفيٰ زاهد ترتيب ڏني آهي.

بورڊ سان اوچتو ٺاهه، انضمام وري بيٽنگ ڪنسلٽنٽ مقرر، ٽيم جي آفريڪا روانگي
ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ پي سي بي ٽيم انتظاميا جو اعلان ڪيو آهي. ٽيم اڄ ڏکڻ آفريڪا رواني ٿيندي. انضمام الحق ۽ بورڊ وچ ۾ معاملا نيٺ طئي ٿي ويا آهن ۽ هو بيٽنگ ڪنسلٽنٽ مقرر ٿيو آهي پر هو ۽ اسپورٽس سائيڪلاجسٽ مقبول بابري ٽيم سان گڏ نه ويندا. 3 نوان آفيشل ڊاڪٽر سهيل، اينالسٽ محمد طلحه ۽ مساج ڪندڙ ملنگ علي ٽيم سان گڏ ويندا. ٽيم اڄ صبح 9 وڳي رواني ٿيندي. پهرين ٽيسٽ مئچ پهرين فيبروري کان شروع ٿيندي. دوري ۾ 3 ٽيسٽ، 2 ٽي 20 ۽ 5 ون ڊي مئچون شامل آهن. 25 جنوري تي ڏکڻ آفريڪا انٽرنيشنل اليون سان پريڪٽس مئچ ٿيندي.

آسٽريلين اوپن ۾ فيرر ۽ سيرينا وليمز ڪامياب
اسپين جو ڊيوڊ فيرر آسٽريلين اوپن جي چوٿين رائونڊ ۾ پهچي ويو. عورتن جي مقابلن ۾ وڪٽوريا ازرينڪا ۽ سيرينا وليمز به ٽئين مرحلي جون مئچون کٽي ورتيون. فيرر قبرص جي مارڪوس بختاتيس کي 4-6، 2-6 ۽ 3-6 تان هارايو. عورتن جي مقابلن ۾ بيلا روس جي وڪٽوريا ازرينڪا آمريڪا جي جيسي هيمٽن کي 6-7 ۽ 3-6، پنينا وڪماير بيلجيم جي ماريه ڪريلينڪو، سيرينا وليمز جاپان جي ايومي موريٽا کي 1-6 ۽ 3-6 تان هارايو.

ڊاڪار ريلي جو تيرهون مرحلو آمريڪا جي رابي گورڊن کٽي ورتو
ڊاڪار ريلي جو 13هون مرحلو آمريڪي ڊرائيور رابي گورڊن کٽي ورتو. فرانس جو اسٽيفن پيٽر هنسل اوور آل ليڊ ۾ اڃا به سڀني کان اڳيان آهي. تيرهين مرحلي ۾ ڊرائيورن ڪيپي ايپو کان لاسرينا تائين ڏکڻي رستي سان سفر ڪيو. رابي گورڊن پهريون، فرانس جي گيورلين 22 سيڪنڊن جي فرق سان ٻيو نمبر حاصل ڪيو. موٽر بائيڪ ڪيٽيگري ۾ چلي جو فرانسسڪو شليڪو پهرين نمبر تي آيو. اوور آل ليڊ ۾ سرل ڊيپرس سڀ کان اڳيان آهي.

اڄ چوٿين ون ڊي ۾ سريلنڪا آسٽريليا کي ٻيو ڀيرو سيريز هارائڻ لاءِ تيار
سريلنڪا ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي سيريز جي چوٿين مئچ اڄ ٿي رهي آهي. جنهن ۾ سريلنڪا جي ٽيم فتح حاصل ڪري سيريز ۾ فيصلائتي برتري حاصل ڪرڻ ۽ آسٽريليا جي ٽيم مئچ کٽي سيريز برابر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. جيڪا سڊني ۾ ٿي رهي آهي. سريلنڪا سيريز کٽي ته اها آسٽريليا کي آسٽريليا ۾ سيريز ۾ شڪست ڏيندڙ پهرين ٽيم هوندي. ان کان اڳ سريلنڪا 11-2010ع ۾ سيريز کٽي هئي. سڊني ۾ به موسم سوئنگ بالنگ لاءِ سازگار هوندي.

مونٽي ڪاربو ريس، لوب ٽئين ڏينهن به فاتح
دفاعي چيمپيئن سيسٽئن لوب جي مونٽي ڪارلوس ريس ۾ مسلسل ڪاميابين جو سلسلو جاري آهي ۽ هن ٽئين ڏينهن به برتري قائم رکي. هن مقرر مفاصلو 3 ڪلاڪ، 36 منٽ ۽ 47 سيڪنڊن ۾ طئي ڪيو ۽ پهريون نمبر آيو. فرانس جو ئي سيبسٽئن وگيئر هڪ منٽ جي کوٽ سبب ٻئي نمبر تي آيو.


برسبين هيٽ آسٽريليا جي بگ بيش چيمپيئن بڻجي وئي
برسبين هيٽ پرٿ اسڪارچرز کي 34 رنسن تان هارائي آسٽريليا جي بگ بيش سيريز کٽي ورتي. برسبين ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي جي اي برنس 43 ، پومرز بيڪ ۽ ڊيميئن ڪرسچن جي 37-37 رنسن جي مدد سان 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن تي 167 رنسون ٺاهيون. پرٿ جي بهرنڊوف ٻه وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ پرٿ جي ٽيم 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن تي 133 رنسون ٺاهي سگهي. اي سي ووجز 49 ۽ نارٿ 24 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڪيمر روچ 3، ميڪ ڊرموٽ ۽ ڪٽنگ 2 2 وڪيٽون ورتيون. برسبين جي هارٽز کي مئچ ۽ فنچ کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

گهر جا شينهن ڀارتي رانديگر جاڳي پيا، انگلينڊ کي لاڳيتو ٻيو ڀيرو شڪست
ڀارت جي ٽيم انگلينڊ کي ٽئين مئچ ۾ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پنجن مئچن جي سيريز ۾ ٻه هڪ جي برتري حاصل ڪري ورتي. مئچ کٽي ڀارتي ڪپتان پنهنجي جنم ڀومي جي شهرين کي تحفو ڏنو. جهاڙ کنڊ رياست جي راڄڌاني رانچي، جتي ڌوني ڄائو، نپنوڍو ڏوڙيو ۾ هيءَ پهرين عالمي مئچ هئي، جتي تازو ئي اسٽيڊيم ٺاهيو ويو آهي. ڀارتي ڪپتان ٽاس کٽي فيلڊنگ کنئي ۽ اهڙو فيصلو درست ثابت ٿيو. انگلينڊ جي سڄي ٽيم 42.2 اوورن ۾ 155 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڪپتان ڪُڪ 17، ايئن بيل 25، ڪيون پيٽرسن 13، روٽ 39، ايئن مورگن 10، ڪيزويٽر ۽ پٽيل بنا اسڪور، ٽم بريسنن 25، فن 3 ۽ ڊرن بيڪ بنا رنس جي آئوٽ ٿيا. ٽريڊ ويل 3 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. جديجا 3، ايشون ۽ ايشانت شرما 2-2، ڀونيشور ڪمار، شامي احمد ۽ رائنا هڪ- هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ڀارتي ٽيم پاڻ سنڀاليو ۽ گهربل اسڪور 28.1 اوورن ۾ 3 وڪيٽن تي پورو ڪري ورتو. گوتم گمڀير 33، اجنڪيا رهاني بنا رنس ۽ يووراج سنگهه 30 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ويرات ڪوهلي 77 ۽ ڪپتان ڌوني 10 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. ٽريڊ ويل 2 ۽ فن هڪ وڪيٽ ورتي. ڪوهلي کي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو.
 
Back
Top