• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سهڻا نظارا سنڌ منهنجي جا

وڻن ٿا واه جو سهڻا نظارا سنڌ منهنجي جا
اهي خوابن مثل آهن نظارا سنڌ منهنجي جا
هوائون صاف جت آهن ڪندا جت پيار پنهنجا هن
نه ڪينو ڪوڙ آ جن وٽ دلارا سنڌ منهنجي جا
ائين گڏسڏ رهن گڏجي پنهنجي سڀ ساٿ سان سلجي
وڃن ڪين ديس کان ڀُلجي ڀلارا سنڌ منهنجي جا
وسن اوطاقون جن جون ٿيون اهي اخلاق جو ڇاتيون
خداجون رحمتون تن ٿيون هي پيارا سنڌ منهنجي جا
سدان اخلاص جن جي کاڻ ڏهن ڏڌ ڏيهي محبت ساڻ
اهي مولا سدان مهراڻ ڪنارا سنڌ منهنجي جا
نه دونهو ڌوڙڌرتي آ کليل آڪاس سرتي آ
جتي سڀ جوت جرڪي آ اجارا سنڌ منهنجي جا
جٿان جي صبح سهڻي آ جٿان جي شام سهڻي آ
اها آزاد ٿيڻي آ ٽٽل زنجير سارا سنڌ منهنجي جا
 
Back
Top