انٽرنيٽ ڊومين هاڻي عربي ۽ چيني ۾ به دستياب هوندو

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ رياض علي منڱريو طرفان آندل موضوعَ ‏24 نومبر 2009۔

  1. رياض علي منڱريو

    رياض علي منڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 نومبر 2009
    تحريرون:
    59
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    انٽرنيٽ ريگيوليٽري باڊي پاران غير لاطيني رسم الخط ۾ به ويب ايڊريسون ٺاهڻ جي منظوري ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن ذريعي آن لائين جي دنيا ۾ هڪ وڏو انقلاب اچي سگهي ٿو. سيول جي سالياني ميٽنگ ۾ ”انٽرنيٽ ڪارپوريشن فار اسائينڊ نيم ۽ اين نمبر “ (ايڪان) عربي، چيني ۽ ڪجهه ٻين زبانن ۾ به ڊومين نالا استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

    چاليهه سال اڳ جڏهن انٽرنيٽ شروع ٿي هئي تڏهن کان ويب ايڊريس کي صرف لاطيني ٻولي ۾ لکيو ويندو هيو. پر چئن ڏهاڪن کان پوءِ هي پهريون دفعو آهي جو غير لاطيني ٻولين ۾ ويب ڊومين لکڻ جي اجازت ملي آهي. ياد رهي ته دنيا ۾ هن وقت ڏيڍ ارب اهڙا ماڻهو آهن جيڪي انٽرنيٽ استعمال ڪري رهيا آهن، پر ان جي اڌ انگ کان به وڌيڪ ماڻهو غير لاطيني زبانون استعمال ڪن ٿا. ايڪان جي صدر روڊبيڪ سٽرام ان اهم تبديلي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هن وقت انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ماڻهن جو هڪ نئون اڌ ان تبديلي مان فائدو حاصل ڪندو ۽ مستقبل ۾ به انٽرنيٽ ڦهلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ايڪان اداري جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ جديد ٽيڪنالاجي سبب هي نئين تبديلي آندي وئي آهي ۽ هن منصوبي کي 2008 دورا ن ئي منظوري ملي چڪي آهي پر ان حوالي کان ٻن سالن تائين مختلف تجربا ڪيا ويا. هن منصوبي جي تحت هاڻي ڊومين نيم سسٽم ۾ تبديلي ڪئي ويندي ته جيئن اهو غير لاطيني اسڪرپٽ جي شناخت ڪري ان کي پڙهي سگهي. ايڪان جو اهو به چوڻ آهي ته انٽرنيشنل ڊومين نالي لاءِ مختلف زبانن جي منظوري کان 16 نومبر کان درخواستون وصول ڪرڻ شروع ڪندو ۽ ايندڙ سال جي وچ واري عرصي تائين پهريو ڊومين سامهون ايندو. اهو امڪان پڻ ڏيکاريو ويو آهي ته جيڪي زبانون سڀ کان پهرين ڊومين تي اچي سگهن ٿيون انهن ۾ عربي چيني ۽ روسي ٻوليون شامل آهن ۽ ان کان پوءِ ٻين ٻولين تي به غور ويچار ڪيو ويندو.
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سنڌي ٻوليءَ ۾ هي معلومات ڏيڻ تي مهرباني ادا۔۔۔ لک ٿورا۔۔۔۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام قيمتي معلومات سنڌ سلامت تي ونڊ ڪرڻ لا۽ مهرباني ادا رياض علي
     
  4. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين بهترين ونڊ آهي
    تفصيل سان سمجھائڻ جي مهرباني
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا انهي جو مطلب ته اسان جي سهڻي سنڌي ۾ به انٽرنيٽ ڊومين به اچي ويندا،
     
  6. رياض علي منڱريو

    رياض علي منڱريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 نومبر 2009
    تحريرون:
    59
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مشڪل ناهي پر ادا وهاب ان لا ڪوشش ڪير ڪندو اسان جا ادارا يا ڪو ٻيو ؟؟؟؟؟؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو