• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جون خبرون

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
خانواهڻ ويجهو ٿڌ لڳڻ سبب ڳوٺاڻو موٽرسائيڪل تان ڪري فوت
خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ رسول بخش هيسباڻيءَ جو رهواسي 45 ورهين جو ارباب علي هيسباڻي ڳوٺ کان خانواهڻ موٽرسائيڪل تي ايندي ٿڌ لڳڻ سبب ڪري پيو ۽ فوت ٿي ويو، جنهن کي اباڻي ڳوٺ ڀرسان قبرستان ۾ مٽيءَ حوالي ڪيو ويو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر جي پراسيڪيوٽر جنرل ذوالفقار جتوئي جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي
سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر جي پراسيڪيوٽر جنرل ذوالفقار علي جتوئي جي امڙ 75 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري وئي، جنهن جي جنازي نماز ڳوٺ فتح علي جتوئي ۾ پڙهي وئي، جتي تعزيت جو سلسلو پڻ جاري آهي.

ادارن جي ترقي ۾ يقين جو ڪردار هوندو آهي: اي ڪيو مغل

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اي ڪيو مغل چيو آهي ته ادارن جي ترقي ۾ اتان جي شعبن ۽ تربيت يافته ٽيم جو وڏو ڪردار هوندو آهي ۽ زرعي يونيورسٽي ۾ انتهائي تربيت يافته ٽيم توڙي انهن جي دلچسپي سبب ٿيندڙ پروگرام ڪاميابٿي رهيا آهن، يونيورسٽي ۾ ٿيل ڪنووڪيشن ۾ بهترين ڪارڪردگي ادا ڪندڙ شعبن جي سربراهن توڙي ملازمن کي ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر چيو ته بهتر ڪارڪردگي جي ڪري زرعي يونيورسٽي ڪوالٽي انهانسميٽ سيل جي ذريعي ملڪ جي بهترين يونيورسٽين ۾ شامل ٿي چڪي آهي ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي يونيورسٽين واري درجا بندي ۾ اعليٰ ڊبليو ڪيٽيگري ماڻي ورتي آهي، هن چيو ته يونيورسٽي جي امتحانن واري شعبي بهترين منصوبا بندي وسيلي ڪامياب ڪنووڪيشن منعقد ڪرايو ۽ هاڻي ٻيو ڪنووڪيشن هن ئي سال اپريل ۾ ٿي رهيو آهي، ان موقعي تي ڪنٽرولر امتحانات انجنيئر رياست ڪٻر به پنهنجا ويچار ونڊيا، ان موقعي تي وائيس چانسلر، مختلف جوڙيل ڪاميٽين ۾ ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار حسين خانزاده، اسسٽنٽ ڪنٽرولر ادر جوڻيجو، پروفيسر اسماعيل ڪنڀر، انچارج پبلڪ رليشز سيڪشن گل شير لوچي، انچارج ٽرانسپورٽ آفيسر منظور مگسي، اسٽنٽ انجنيئر پروجيڪٽ رياض سومرو، هيڊ فوٽوگرافر نفيس احمد خواجه ۽ ٻين کي شيلڊون ڏنيون.

نئينگ پوليس کي گونگو نينگر هٿ، سڃاڻپ نه ٿي
نئينگ پوليس کي 14 سالن جو نينگر هٿ آيو آهي، اي ايس آءِ لياقت علي ڪنڀر کيس پريس ڪلب سيوهڻ پهچايو، آخري اطلاعن تائين نينگر گونگي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي ۽ نوجوان کي سيوهڻ ٿاڻي تي ترسايو ويو آهي، پوليس موجب نوجوان کي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري ڪجهه ڏينهن بعد ايڌي وارن جي حوالي ڪيو ويندو.

گهاري ۾ درزڪي دڪان کي کاٽ، پوليس خاموش

گهاري ۾ گذريل رات دير سان چور غريب آباد پاڙي ۾ وحيد راهوجو جي درزڪيدڪان جا تالا ٽوڙي درجنين تيار سوٽ ۽ هزارين رپين جي ماليت جو ڪپڙو ۽ روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا، ساڳئي ڏينهن چور مين بس اسٽاپ وٽان محرم علي شاهه جي موٽرسائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا.

اڳوڻو يوسي ناظم ايس يو پي ڇڏي پ پ ۾ شامل

ڄامشوري ضلعي ۾ مخالفن جي چونڊن کان اڳ ئي تڏا ويڙهه ٿئي چڪي، ضلعي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا، اهڙو اظهار ملڪ اسد سڪندر جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. اڳوڻي يوسي ناظم پير بخش ڇڇر، ايس يو پي ڇڏي پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ملڪ اسد سڪندر وڌيڪ چيو ته هي ضلعو پ پ جو قلعو آهي، اسان اليڪشن ورڪ اڃا شروع ناهي ڪيو، پر مخالفن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، ضلعي جي عوام سدائين مون سان محبت ڪئي آهي ۽ سدائين سوڀارو ڪندي رهي آهي. مان به موٽ ۾ سندن لاءِ پنهنجي گهر جا 24 ڪلاڪ در کليل رکيا آهن. ان موقعي تي فقير داد کوسو، پير بخش ڇڇر، حميد بليدي، سهيل شوري ۽ ٻين خطاب ڪندي ڪيو.


دادو ۾ غيرقانوني ترقين خلاف پ ٽ الف جو مظاهرو

دادو ۾ استادن کي ترقيون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پ ٽ الف جي سڏ تي عنايت علي جمالي، عبدالغفور لغاري، سڪندر ڇڇڙو ۽ حنيف لنڊ جي اڳواڻي ۾ پرائمري استادن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پرائمري مين اسڪول کان احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي. هن دانهيو آهي ته تعليم کاتي دادو جي راشي آفيسرن ڳجهه ڳوهه ۾ 11 جونيئر استادن کي سفارش عيوض پي ايس ٽي مان ايڇ ايس ٽي جا پروموشن ڏئي سوين سينيئر استادن جي حق تلفي ڪئي آهي، جيستائين اهي آرڊر رد نه ڪيا ويندا، احتجاج جاري رهندو.


ٿر ۾ سياسي جوڙ توڙ جاري: جيالن جي هم خيال ۾ شموليت

ٿرپارڪر ضلعي ۾ چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ارباب خاندان جي اهم اڳواڻ ارباب لطف الله مختلف ڳوٺن جا دورا ڪري جيالن جي حمايت حاصل ڪري ورتي آهي، ڳوٺ گهونو لنڊ ۾ مصري خان لنڊ، ڳوٺ جهول ۾ معزز شخصيت اسماعيل لنڊ، ڳوٺ ڍاپي ۾ احمد مياڻو، ڳوٺ دلوڙي ۾ مانسنگهه ڀيل، رحمت الله بنهو، عمر لنجو، گوڙاسيو جي يوسف هنگورجو، الهه بچايو لنجو، سانوڻ لنجو، ڳوٺ ڦاٽوڙ ۾ گومون مينگهواڙ، ڳوٺ ڌنوڙو ۾ راهو سميجو ۽ ٻين ڪيترن ئي جيالن پيپلزپارٽي کي الوداع چئي پنهنجن برادرين سميت ارباب رحيم جي حمايت جو اعلان ڪندي شامل ٿي ويا آهن، ارباب لطف الله مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته ٿر جو عوام اربابن سان گڏ آهي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ جمهوريت جي ڪوڙي دعويٰ ڪندڙن کي ٿر جو عوام رد ڪري ڇڏيندو. هن چيو ته موجوده حڪمرانن ڪرپشن ڪري سنڌ جي عوام کي پنڻ تي مجبور ڪيو آهي.
 
Back
Top