• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خاڻوٺ ڀرسان پوليس چوڪيءَ تي حملو: ٻه اهلڪار مارجي ويا، سرڪاري هٿيار ڦر

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
خاڻوٺ ڀرسان پوليس چوڪيءَ تي حملو: ٻه اهلڪار مارجي ويا، سرڪاري هٿيار ڦر

خاڻوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ شهمير رائيداڻي ڀرسان انڊس هاءِ وي تي واقع پوليس چوڪي اسٽاپ ڀرسان هٿياربندن حملو ڪري ٻن اهلڪارن کي ماري ڇڏيو، مارجي ويل اهلڪارن ۾ منظور آباد واسي 25 ورهين جو صاحب ڏنو ماڇي ۽ ڦلجي جي ڳوٺ پراڻي ديري جو رهواسي 45 سالن جو مجيد پتافي شامل آهن، ٻئي اهلڪار ڊيوٽي تي موجود هئا، جو مٿن فائرنگ ڪئي وئي، ٻنهي اهلڪارن کي ويجهي کان نشانو بڻائي مارڻ بعد هٿياربندن سرڪاري رائيفلون، موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائل فون کڻي ويا، اطلاع ملندي ئي ايس ايس پي ڄام شورو واقعي واري هنڌ پهتو، مارجي ويل اهلڪارن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارث پنهنجن ڳوٺن ڏانهن کڻائي ويا، ٻئي طرف ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي پڻ جاءِ واردات تي پهچي معلومات ورتي ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
 
Back
Top