حقيقي عيد۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 نومبر 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو منهنجي ڳوٺ جي هڪ بزرگ جيڪو اڪثر سنڌ سلامت جو ڦيرو مهمان طور ڀريندو رهندو آهي عيد جي مناسبت سان سنڌ سلامت لاءِ ڪجهه لکي مون کي خط جي صورت ۾ موڪليو۔۔۔ ۽ سنڌ سلامت تي ونڊڻ جي لاءِ الاهي ايلاز ڪيا ۔۔ گڏ پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جو به زور ڏنو۔۔۔ انهي بزرگ بابت مان صرف ايترو ظاهر ڪندس ته هر عيد وانگر هن عيد تي به کيس پنهنجي اولاد جو ڳوٺ ۾ اچي عيد ڪرڻ جو شديد انتظار آهي۔۔۔۔۔

    خوشي دنيا جي هڪ دلچسپ شي آهي ۔۔۔ جيڪا هميشه ملي ڪري حاصل ٿيندي آهي۔۔۔ دنيا جو هر شخص اڪيلو غم ته ملهائي ٿو سگهي پر خوشي ملهائڻ لاءِ هن کي ڪنهن ٻئي ماڻهون جي ضرورت پوندي آهي۔۔۔ عيد جي هڪ معني ملڻ، ملاقات ڪرڻ ۽ ملي ڪري خوشي ملهائڻ به آهي۔۔۔ اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته عيد جو سڀ کان وڏو رڪن ”هڪ ٻئي سان ڳلي ملڻ ۽ هڪ ٻئي کي مبارڪ ڏيڻ هوندو آهي۔۔۔\
    عيد اسلامي دنيا جو اهڙو تهوار آهي جنهن ۾ خاندانن جا مهينن کان وڇڙيل فرد عيد کان پهريان يا عيد جي ڏينهن هڪ ٻئي سان اچي ملندا آهن۔۔۔۔ ۽ اهڙي طرح خوشي جو عمل مڪمل ٿي ويندو آهي۔۔۔۔
    پر ٿورو تصور ڪريو۔۔۔ انهن ماڻهن جو جيڪي عيد جي ڏينهن به پنهنجن سان ملي نه سگهندا آهن۔۔۔ يا وري جن جا پنهنجا انهن کي اضافي وزن سمجهي ڇڏي ڏيندا آهن۔۔۔ انهن جي خوشي جي نوعيت ڪهڙي هوندي ۔۔۔ ؟ انهن جي ذهن ۾ خوشي جو ڪهڙو تصور هوندو۔۔۔؟۔۔ ٿورو سوچيو ته جيڪي ماڻهون اضافي خرچ کي بچائڻ جي ڪري شهرن کي ڇڏي ڳوٺن ۾ پنهنجي والدين سان عيد ملڻ نه وڃي سگهندا آهن۔۔۔
    اسان به عجيب ماڻهون آهيون ۔۔۔ اسان جا والدين ڇههن ڇهن، ستن ستن ٻارن کي پوري زندگي پاليندا رهندا آهن۔۔۔ والدين ٻارن کي سموري عمر خوشين جو کير پياريندا رهندا آهن۔۔ پر جڏهن والدين پوڙها ٿيندا آهن ته اهي ئي ٻار ڇهه ست ملي ڪري به والدين کي نه پالي سگهندا آهن۔۔۔ ۔۔
    والدين جيڪي سردين ۾ پنهنجي حصي جي سَوڙ به اسان جي مٿان وجهندا هئا پر جڏهن اهي پوڙها ٿيندا آهي ته اسان انهن کي ڇڏي ڏيندا آهيون ۔۔۔۔ اسان ڪهڙا ماڻهون آهيون۔۔۔!!
     
  2. نجم الدين ڪنڀر

    نجم الدين ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا سمون صاحب اسان جوماحول ڏينهنون ڏينهن اسلام کان پري ٿيندو پيو وڃي۔ انڪري اهڙا واقعا هاڻ ته روز جو معمول بڻجي ويا آهن۔ الله شل سڀ ڪنهن کي ساڃهه ڏي!!!
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا ان عنوان کي پڙهي مونکي رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي هڪ حديث جو مفهوم ياد اچي ويو ته توهان پنهنجي والدين جي ڳالهه تي اُف به نه ڪيو۔۔۔ جيڪڏهن صرف توهان وات سان اُف چوڻ سان ئي توهان جون ستر سالن جو عبادتون ختم ٿي وينديون۔۔۔
    ۽ اسان وٽ ته اولاد والدين سان الاءِ جي ڪهڙيون ڪهڙيون جٺون ٿي ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بيشڪ ادا

    توهان صحيح پيا چئو shal judy hujeen
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو