سنڌو جهڙي سونهن تنهنجي آ

غزل
سنڌ جهڙي سونهن تنهنجي ساڀيان سنڌو مثل
سڀ نظارا نينهن جا ٿو سڪ چوان سنڌو مثل
لاڙ تو ۾ ڪاڇو ڀي، وچولي ۾ جيئن وهڪرو
آ اتر اربيلو اهڙو، جيئن گهور ٿيان سنڌو مثل
جيئن وني تي سر ڏبو آ، يا ٻني تي سر ڏبو آ
کوڙ ساريون خصلتون ،ٿو ٻُڌان سنڌو مثل
او سکي تو کي يڪي، ساريان ٿو ويٺو سنڌ ۾
لاڏ مان لڏندي هلڻ، تنهنجو وڻي سنڌو مثل
چُوڻ تي تنهنجو گهڙو پياسو پڪاري اڳتي کڙو
پٿون جهڙا پير تنهنجاپيو ڏسان سنڌو مثل
 
Back
Top