ڄام احمد سمون
سينيئر رڪن
بلاگ ۾ فيويڪون لڳائڻ کان پهرين ٻڌائيندو هلان ته فيويڪون آهي ڇا؟
فيويڪون کي هڪ شارٽ ڪٽ آئيڪن، ويب سائيٽ جي نشاني ، يو آر ايل جو آئيڪن يا بوڪ مارڪ جي نشاني طور تي سڃاتو ويندو آهي، فيڪون 16*16 پڪسلس جو هوندو آهي.

مٿي ڳاڙهي گول دائري ۾ ڏيکاريل فيويڪون آهي۔هاڻ هلون ٿا ته بلاگ ۾ فيويڪون ڪيئن لڳائجي؟
سڀ کان پهريان لي آئوٽ تي ڪلڪ ڪريو۔

پوءِ فيويڪون جي ڀرسان ايڊٽ تي ڪلڪ ڪريو

پو ڪابه تصورير چونڊي لڳايو ياد رکو ته تصوير 16*16 جي هجي۔

پوءِ سيو ڪري ڇڏيو ۽ سيو ارنجمينٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔

جي اوهان ڏي
16*16 جي تصوير موجود ناهي ته
هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪري تصوير جنريٽ ڪريو۔