• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دل ۾ نه ڪجو انڪل!!!

نجم الدين ڪنڀر

سينيئر رڪن
ڇا کي ڇا گھرجي؟
( نثار بزمي )
1 چڪور کي چنڊ گهرجي!
کير کي کند گهرجي !
2 پاٽ کي لاٽ گهرجي!
ڀٽڪيل کي واٽ گهرجي!
3 پوڙهي کي لَٺ گهرجي!
ڪتي کي چَٺ گهرجي!
4 چاڪي کي گھاڻو گهرجي!
گهوڙي کي داڻو گهرجي!
5 ٻلي کي ڇِڇڙ گهرجي!
ڪڪڙ کي چِچڙ گهرجي!
6 عورت کي گهوٽ گهرجي!
بکئي کي روٽ گهرجي!
7 ماني کي مکڻ گهرجي!
ڪاٺ کي ڊکڻ گھرجي!
8 ڌاڳي کي سُئي گهرجي !
مائي کي مُئي گھرجي!
9 وارن کي تيل گهرجي!
چورن کي جيل گهرجي!
10 شاعر کي علم گهرجي!
مس کي قلم گهرجي!
11 وڻن کي ٻور گهرجي!
انڌن کي نور گهرجي!
12 ”بزمي“ کي پيار گهرجي!
”ٿر“ کي ٿڌڪار گهرجي!

چونڊ شاهد حسين ڪنڀر
( سنڌ سلامت فورم جو مستقبل جو متوقع ميمبر)
شاهد حسين ڪنڀر
ولد نجم الدين ڪنڀر
ڪلاس ستون
گورنمنٽ هاءِ اسڪول کاڻ شهر
ضلع ميرپورخاص سنڌ.
سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين کي عيد مبارڪ!!!
فون نمبر 03013282565
 
ڇا کي ڇا گھرجي؟
( نثار بزمي )
1 چڪور کي چنڊ گهرجي!
کير کي کنڊ گهرجي !
2 پاٽ کي لاٽ گهرجي!
ڀٽڪيل کي واٽ گهرجي!
3 پوڙهي کي لَٺ گهرجي!
ڪتي کي چَٺ گهرجي!
4 چاڪي کي گھاڻو گهرجي!
گهوڙي کي داڻو گهرجي!
5 ٻلي کي ڇِڇڙ گهرجي!
ڪڪڙ کي چِچڙ گهرجي!
6 عورت کي گهوٽ گهرجي!
بکئي کي روٽ گهرجي!
7 ماني کي مکڻ گهرجي!
ڪاٺ کي ڊکڻ گھرجي!
8 ڌاڳي کي سُئي گهرجي !
مائي کي مُئي گھرجي!
9 وارن کي تيل گهرجي!
چورن کي جيل گهرجي!
10 شاعر کي علم گهرجي!
مس کي قلم گهرجي!
11 وڻن کي ٻور گهرجي!
انڌن کي نور گهرجي!
12 ”بزمي“ کي پيار گهرجي!
”ٿر“ کي ٿڌڪار گهرجي!

چونڊ شاهد حسين ڪنڀر
( سنڌ سلامت فورم جو مستقبل جو متوقع ميمبر)
شاهد حسين ڪنڀر
ولد نجم الدين ڪنڀر
ڪلاس ستون
گورنمنٽ هاءِ اسڪول کاڻ شهر
ضلع ميرپورخاص سنڌ.
سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين کي عيد مبارڪ!!!
فون نمبر 03013282565

پُٽ شاهد حُسين ڪنڀر: شال جُڙيو هُجين۔۔۔۔۔۔۔ شاهد توهان لکيو آهي ته دل ۾ نه ڪجو انڪل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شاهد اسان توهان جي ابو کان سندس تعارف پُڇيو هو، پر جس هُجي توکي جو ابو جي جاءِ تي تو پنهنجو سمورو تعارف مرحوم شاعر سائين نثار بزمي جي خوبصورت شاعريءَ سميت لکي موڪليو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تنهنجي ايڊوانس عيد مُبارڪ اسان سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين جي اکين تي۔۔۔۔ خير مُبارڪ۔۔۔۔۔۔ اسان سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي توکي ڀليڪار ٿا چئون۔۔۔۔۔۔۔۔ پر پُٽ تنهنجي سڀ کان وڏي ذميواري صرف ۽ صرف پڙهڻ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تنهنجي هي شيئرنگ تمام سُٺي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔ توهانجا ٽرمينل امتحان ٿي ويا يا اڃا ٿين پيا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مُنهنجو ننڍو پٽ به هينئر ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندو آهي۔۔۔ سندس امتحان اڃان هلن پيا۔۔۔۔۔ شايد سڀاڻي سندس آخري پيپر آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الله سائين توهان کي پنهنجي زندگيءَ جي هر موڙ تي ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون عطا ڪري (آمين)
توهان جو دعاڳو
 
سائين بهترين چونڊ آهي اوهان جي شاهد صاحب جي۔۔۔۔ الله کيس وڏي ڄمار ڏئي۔۔۔
 
ننڍڙا شاهد حسين ڪنڀر اوهان کي به عيد جو لک لک واڌيون هجن۔۔۔ اوهان جي طرفان موڪليل ايڊوانس ۾ مبارڪون اسان وٽ قبول پيون۔۔ سائين نثار ناز صاحب جيڪي نصيحت اوهان کي ڪئي آهي ان تي عمل پيرا ٿيندا۔۔۔۔

اوهان جو مستقبل صرف ۽ صرف پڙهائي آهي۔۔۔ باقي ٻيون ايڪٽوٽيز وقت سر ڪجو پر پڙهائي تي ڌيان گهڻو ڌرجو۔۔۔۔۔

مهرباني ننڍڙا شاهد۔۔۔
 
ننڍڙا شاهد حسين ڪنڀر اوهان کي به عيد جو لک لک واڌيون هجن۔۔۔ اوهان جي طرفان موڪليل ايڊوانس ۾ مبارڪون اسان وٽ قبول پيون۔۔ سائين نثار ناز صاحب جيڪي نصيحت اوهان کي ڪئي آهي ان تي عمل پيرا ٿيندا۔۔۔۔

اوهان جو مستقبل صرف ۽ صرف پڙهائي آهي۔۔۔ باقي ٻيون ايڪٽوٽيز وقت سر ڪجو پر پڙهائي تي ڌيان گهڻو ڌرجو۔۔۔۔۔

مهرباني ننڍڙا شاهد۔۔۔

منهنجي طرفان به ساڳيون ئي تمنائون ادا نجم الدين توهان جي پٽ لا۽ shabash


sadayeen gud
 
ادا نجم الدين اوهان کي ۽ اوهان جي فرزند ارجمند کي هن عاجز طرفان به ان ايڊوانس عيد مبارڪون ۽ سڄي ساٿ کي به خصوصا سائين رشيد ، سائين زاهد ، سائين نثار ابڙو ، سائين نثار ناز ، سائين عبدالوحيد ، سائين عبدالوهاب ، سائين ابوزين ، سائين ابو واصف ،سائين علي علي ،سائين رياض ،سائين غلام حيدر ڄاموٽ ، سائين اسد ڄامشورائي ، سائين ڪٽپر ، سائين امجد راهوجو ، سائين مظهر، مقصد ساري ساٿ کي ايڊوانس عيد مبارڪ هجي جو اسان جو ڳوٺ شهر کان ٿورو پر ڀرو آهي اتي نيٽ جي سهولت نه آهي ان ڪري ڪجهه ڏينهن سنگت کان مجبورا پري ٿيڻو پوندو انشآء الله وري جلد ساٿ جي سلامي ڀربي ۔
 
Back
Top