عابد بلوچ
سينيئر رڪن
عجب آهن هي ڏکايل اکيون
ياد تنهنجي ۾ تڙپايل اکيون
ائين وئين هليو اڃا پياس به پوري ڪون ٿي هئي
اڄ به انتظار ۾ آهن اڃايل اکيون
آسمان کان لٿو هئين ڄڻ ڪو فرشتو هئين
اهي اڃا به نه ٿيون وسرن آيل اکيون
شوق جڏهن خواب ٽُٽڻ کان پوءِ اٿن ٿيون
ڪيڏيون ته پيارون آهن ننڊايل اکيون
شاعر؛ عابد بلوچ ديشي
ياد تنهنجي ۾ تڙپايل اکيون
ائين وئين هليو اڃا پياس به پوري ڪون ٿي هئي
اڄ به انتظار ۾ آهن اڃايل اکيون
آسمان کان لٿو هئين ڄڻ ڪو فرشتو هئين
اهي اڃا به نه ٿيون وسرن آيل اکيون
شوق جڏهن خواب ٽُٽڻ کان پوءِ اٿن ٿيون
ڪيڏيون ته پيارون آهن ننڊايل اکيون
شاعر؛ عابد بلوچ ديشي