• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنهنجي ڳولا

نظم

سدان پولار ۾ ڳولا رهي تنهنجي آهي پيارا
اڏامي اڀ ڏٺا آهن ستارن ۾ پڄي پيارا
هوائن کان پڇم تنهنجو فضائن کان پڇم تنهنجو
وتان ڳوليندو توکي مان وڃائي پاڻ کي پيارا
ملائم پنکڙي گل جي مثل رابيل گل رنگ آ
ڪيان تعريف ڪهڙي مان سُجهي ڪجه ڪين ٿو پيارا
آڪل ڪئنات سڄي هن ۾ ڏسان جو ڏيه کي جانچي
ڪئي سالک سلامي ٿيا اسان ڇا هون هتي پيارا
هتي افلاڪ پيو تڙپي هتي هئي سڪ ستارن کي
رڳو ها نيهن جا نارا ٻڌاسين ڪنن پنهنجي پيارا
 
Back
Top