بهلول دانا جو فيصلو۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏25 نومبر 2009۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    هڪ ڀيري بغداد جو هڪ فقير پنندي پنندي هڪ بازار مان گذريو، هڪڙي دڪان تان کيس الله جي نالي تي هڪ ماني ملي، ٻئي دڪان (جيڪو ٻوڙ وؓغيره تيار ڪرڻ واري جو هو) تان هن مانيءَ سان کائڻ لاءِ ٻوڙ گهريو ته دڪان واري کيس ڇڙٻون ڏنيون ۽ ٻوڙ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين۔۔
    فقير ويچاري ڇا ڪيو جو جنهن ديڳڙيءَ ۾ ٻوڙ تيار ٿي رهيو هو، ان جي مٿان ماني جهلي ماني گرم ڪري کائڻ لڳو۔۔ دڪان دار اهو ڏسي فقير کي چيو ته مونکي ان جا پئسا ڏي ڇو ته تون مانيءَ کي بلا اجازت منهنجي ٻوڙ جي مٿان سيڪيو آهي۔۔۔ فقير ويچارو اهو ڏسي پريشان ٿي ويو۔۔ وٽس ايترا پئسا به ڪونه هيا۔۔
    دڪان دار ان فقير کي قابو ڪري ويهاريو ۽ پوليس جي لاءِ ماڻهو موڪليائين۔۔ ته مٿان بهلول دانا اتي اچي پهتو، جيڪو پنهنجي گهوڙي (سندس لٺ، جنهن تي گهوڙي وانگر چڙهي ڊڪندو هو ) تي سوار ٿي آيو پئي، ان کي فقير سڏ ڪري سڄي ماجرا ٻڌائي، مٿان حڪومتي حولدار به اچي پهتو۔۔ بهلول دانا پهرئين دڪاندار کي ٿوري ملامت ڪئي ته ڇو هن غريب کي ٿو تنگ ڪرين، پر دڪاندار ٻڌي ئي ڪونه پيو۔۔
    پوءِ بهلول دانا فقير کان ٻه سِڪا ورتا۔۔ دڪاندار کي چيائين توکي تنهنجي ٻوڙ جي خوشبوءَ جي وصولي ڪرڻي آهي۔۔ دڪان دار چيو ها بلڪل! پوءِ بهلول دانا چيس ٺيڪ آهي، جيڪڏهين وصول ڪري سگهين ٿو ته وٺ۔۔۔ اهو چئي هن سڪن کي ميز تي ڪرايو، جنهن مان آواز پيدا ٿيو۔۔ دڪاندار کي چيائين۔۔ وٺ اهو سڪن جو آواز تنهنجي ٻوڙ جي خوشبوءَ جي ادائيگي آهي۔۔
    دڪاندار چيس! اهو وري ڪيئن۔۔۔ اهو غلط آهي، آواز جي ٻڌڻ سان ٿورئي ادائيگي ٿي وئي۔۔
    بهلول دانا چيس۔۔! اهڙو ماڻهو جيڪو ٻوڙ جي خوشبوءَ جا پيسا گهري ته ان کي ادائيگي ايئن ئي ڪبي آهي۔۔
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    نوٽ: هن قصي کي فارسيءَ ۾ فلمي انداز ۾ پڻ ڏيکاريو ويو آهي، جنهن جي اردو سب ٽائٽلز سان وڊيو توهان سان شيئر ڪري رهيو آهيان۔۔ هن ۾ قصو 3 منٽن جي ٽائم لائن کان شروع آهي۔۔۔
    http://www.youtube.com/watch?v=zVFQonEiwKI
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    تمام بهترين ونڊ آهي اوهان جو سائين۔۔۔ حضرت بهلول جو هڪڙو قصو مون به ٻڌو آهي جيڪو درياهه ڪناري ويهي مٽي جا گهر ٺاهي جنت ڪري وڪڻيندو هو۔۔۔ جي ادا اوهان کي اهو پورو قصو ياد هجي ته مهرباني ڪري هتي ونڊ ڪندا۔۔۔۔

    اگر ڪنهن ٻئي دوست کي ياد هجي ته به هتي ونڊ ڪري۔۔۔۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    يار ڄامشورائي مهرباني ڪري اهڙا قصه يا کڻي سبق آموز ڳالهيون چئجن اهي اسان سان ضرور ونڊ ڪندا ڪيو اهي ڳالهيون يا سبق آموز فيصلا مان وڏي شوق سان پڙهندو آهيان پر جيڪڏهن توهان کي ان جو ڪو ڪتاب وغيره هجي ته به فقير سائين سان ضرور ونڊ ڪجو

    مهرباني ادا بهترين شيئرنگ پيش ڪرڻ لا۽

    سدائين گڏ
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    بلڪل ادا۔۔۔ اهو به سبق آموز ۽ دلچسپ قصو آهي۔۔۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين ضرور شيئر ڪبا۔۔۔۔ ڪتاب اردو ۾ آهي۔۔۔ سنڌي ۾ قصا ٽرانسليٽ ڪري شيئر ڪندس
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    پيارا سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي فقير سائين کي ڪتاب جو نالو ٻڌايو اوهان ان کي ڪتاب اردو ۾ آهي چئي نالو نه ٻڌايو فقير سائين انتظار ۾ هوندو ۔
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين ڪتاب جو نالو "بهلول دانا" آهي ۽ اهو ڪتاب گاڏي کاته حيدرآباد ۾ آرام سان ملي ويندو، قدم گاهه تي معلوم ڪجو اُتي به موجود آهي هي ڪتاب۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو