شهيد هيمون ڪالاڻي جي 72هين ورسي – نيئن سنڌ جي اڏاوت
پنهل ساريو
ننڍي کنڊ جو آزاديءَ لاءِ هلندڙ جدوجهد مان اها ڳالھه چٽي ۽ واضح ٿي سامهون اچي ٿي ته ننڍي کنڊ ۾ انگريز هندستان خالي ڪريو تحريڪ ۾ هند جيان سنڌ جو به انتهائي اهم ۽ بنيادي نوعيت جو ڪردار رهيو آهي.
سنڌ سدائين دلير بهادر ۽ ڏاها ماڻهو پيدا ڪيا آهن جن همشه مزاحمت ۽ جدوجهد سان سنڌ جو مانُ مٿانهون ڪيو آهي.
سنڌ هر دور ۾ سورمن، سرواڻن ۽ سورهيه ڪردارن کي جنم ڏنو آهي. ڌرتيءَ ماتا جي انهن غيرتمند پٽن سدائين وطن ۽ ڌرتي جو مان مٿانهون حيثيت رکندڙ سنڌ جو سچو سالار هيمون ڪالاڻي پڻ آهي. جنهن پنهنجي ڪمنيٽمنٽ ۽ سياسي پختگي سان انگريزي سامراج آڏو واضح ڪيو ته سنڌ جي مٽي ماءَ جنم وٺندڙ هر باغيرت سنڌي پنهنجي وطن تان سوگهوري سر هو ٿيڻ لاءِ تيار آهي.
پر ڪنهن به ڌارائي کي سنڌ ڌرتيءَ تي قابض ٿيڻ نه ڏنو ويندو ۽ هر طرح وطن جي آزاديءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهندو.
هيمون ڪالاڻي ننڍڙي عمر ۾ ئي سکر ۾ انگريزن کان ڌرتي خالي ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ اڳواڻ گروپ ۾ شامل ٿيو ۽ ساٿين سان گڏجي انگريزن جي هر طرح جي رسد ختم ڪرڻ ۽ وڌ کان وڌ سامراجي قوتن ۽ رياست کي نقصان پهچائڻ لاءِ سرگرمي ٿي ويو.
هيمون ڪالاڻي نئين سنڌ جي اڏاوت جو خواب ڏسندڙ هڪ اهڙو نوجوان هو جيڪو سمجهي پيو ته سنڌ جيستائين غلام هوندي ته ترقي ان جي ڏينهون ڏينهن محدود ٿيندي ويندي انهيءَ ڪري غلامي کان نجات لاءِ گهڻ عرصي جدوجهد تي هيمون ۽ ٻين ساٿين جو تمام گهڻو زور رهيو. هندوستان خالي ڪريو جدوجهد دنيا اندر سامراجيت خلاف تاريخ ساز ويڙهاند هئي. هن گهڻ طرفي جهدوجهد ۾ جتي مهاتما گانڌي، الله بخش سومرو، محمد علي جناح ۽ جي ايم سيد جهڙا سياستدان هئا. سباش چندڙ بوس، سورهيه بادشاها، ڀڳت سنگ، هيمون ڪالاڻي ۽ ٻيا انيڪ گوريلا سرفروش سپھ سالار به مزاحمت ۾ مصروف هئا
سنڌ جي نجات لاءِ جن سورمن ۽ سورهين پنهنجي دور ۾ همٿ ۽ جرئت ڀريو ڪردار ادا ڪيو آهي هيمون ڪالاڻي به انهن سورمن مان هڪ آهي.
هيمو ڪالاڻي جو جنم 11 مارچ تي پراڻي سکر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب جو نالو پيسو مل هو جيڪو ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي جو اصل نالو راهي هيمن هو، جڏهن ته هيمون کيس پيار مان ڪوٺيو ويندو هو
جڏهن سنڌ ۽ هند ۾ آزادي لاءِ ويڙهه جاري هئي تڏهن ان وقت جا سورما پنهنجي ڌرتي ماءُ جي آزاديءَ لاءِ جانين جا نذرنا ڏئي رهيا هئا. ان وقت سکر جي هن سان وفادار نوجوان ۾ پڻ
سنڌ جي آزاديءَ جي ٻرندڙ مچ کي وڌيڪ ڀنڀٽ بڻائڻ لاءِ سينو سپر ڪري ميدان ۾ ڪاهي آيو . هي 1942ع جو دور هو تڏهن سنڌ ۾ حر تحريڪ زورن تي هئي جڏهن ته وچ هندستان ۾ مهاتما گانڌي هندستان خالي ڪريو واري تحريڪ هلائي رهيو هو. اهو اهڙو جذباتي دور هو جو ماڻهن جي دلين ۾ انگريز سامراج لاءِ نفرت جا آڙاهه ٻري رهيا هئا. اهڙن پڙاڏن کان سنڌ جا ڪيترائي نوجوان بيدار ٿيا جن ۾ سکر جو هيمون ڪالاڻي پڻ تمام گهڻو متاثر ٿيو. ان وقت هيمون ڪالاڻي اڃا هاءِ اسڪول جو شاگرد هو. سندس دل ۾ آزادي جي تڙپ ۽ انگريزن خلاف ڌڪار جي حد وڃي اها پهتي جو ان کيس بي چين ڪري وڌو.
هي دور انگريز سامراج جي حڪمراني جو سنڌ ۾ مارشل لائي دور هو. حر تحريڪ جو روج هئو. سنڌ هند جا ويڙهاڪ جرمن ۽ ٻين ملڪن سان رابطن ۾ اچي چڪا هئا ۽ انگريزن لاءَ ننڍي کنڊ جي ڌرتي ٽامڻي بڻائي وئي هئي ها اها 23 آڪٽوبر جي رات هئي جڏهن خبر پئي ته فوجين سان ڀريل هڪ خاص ريل گاڏي اچي رهي آهي جيڪا سکر کان اڳتي گولابارود کڻي ويندي. هيمون کي ڄاڻ هئي ته اهو گولابارود ۽ انهي ريل گاڏيءَ ۾ سوار فوجي آزاديءَ جي متوالن لاءِ عتاب ۽ قهر ثابت ٿيندا. جنهن ڪري هن ۽ سندس ساٿين انهيءَ ريل گاڏيءَ کي ڪيرائڻ جو منصوبو رٿيو. هنن گڏجي وڃي ريل جي پٽڙي کي اکيڙڻ شروع ڪيو، ٺيڪ ساڳي وقت تي هڪ سپاهي نالي فيروز خان کين ڏسي ورتو، هيمون جا سمورا ساٿي صورتحال جي نزاڪت کي ڏسندي انگريز فوج جي ڪهري ڪاروائي کان پاڻ بچائڻ ۾ ڪامياب ويا جڏهن ته هميون ڪالاڻي پٽڙي اکيڙڻ واري عمل ۾ ايترو ته محو هيو جو کيس خبر ئي ڪا نه پئي ته پرمار لشڪر کيس گرفتار ڪري ورتو.
هيمون ڪالاڻي تي بي انتها تشدد ڪيو ويو، ان وقت ۾ جيڪي تشدد ڪري ڏوهه مڃرائڻ ۽ ايذائڻ جا طريقا موجود هئا اهي هن ڳڀرو نوجوان تي آزمايا ويا. تشدد ڪندڙن کي صرف انهن نالن جي ڄاڻ گُهربي هئي جيڪي ٽرين جي پٽڙي اکيڙڻ وقت ساڻس گڏجي آيا هئا پر هن آخر تائين ڪنهن به ساٿيءَ جو نانءُ زبان تي نه آندو. لڳاتار 22 ڏينهن تائين تشدد ڪرڻ بعد هيمون ڪالاڻي کي نيٺ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. هڪ ڀيرو بيان دوران چيائين ته مون ريلوي لائن کي ان لاءِ اکيڙڻ ٿي چاهيو ته جيئن ان ۾ سوار فرنگي ناس ٿي وڃن، پر منهنجي بدقسمتي جو ناڪام ٿيس. آخر سرڪار کيس ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪا شايد هڪ ڳڀرو جوان کي برطانيه دور ۾ ڏنل پهرين موت جي سزا هئي. هيمونءَ جي سزا منظور ٿيڻ کان پوءِ سندس وڪيل پيرزادي عبدالستار سندس مامي کي موڪليو ته هيمونءَ کان معافي نامي تي صحيح وٺي اچي ته کيس معافي ملي ويندي. پر هيمونءَ اهڙي معافيءَ کان بنا انڪار ڪندي چيائين ته مون اهڙو ڪو به ڏوهه ڪو نه ڪيو آهي جنهن تي مون کي پڇتاءُ هجي پوءِ معافي ڇاجي؟ جڏهن سندس ماءُ ساڻس ملڻ آئي ته هن به کيس اها ڳالهه ڪئي ته معافي نامي تي صحيح ڪري ڏي پر هن سورهيه نوجوان ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
چون ٿا ته هو جيل ۾ خوش رهندو هو، کيس ٻڌايل ڦاسيءَ جي سزا جو ڪو به خوف نه هو. اتي اڪثر چوندو هو ته هنن فرنگين کي هن ديس مان ڀڄائڻو آهي، جي آزاد ٿيس ته ان کان به وڌيڪ ڪاروايون ڪندس جي نه ته پوءِ هڪ بهادر جو موت مرندس.
سچ پچ ته هيمون ڪالاڻي اسان سنڌين جي تاريخ جو فخر جوڳو، اُتساهيندڙ ۽ عظيم ڪردار آهي. اهڙي سورهيائي ۽ ثابت قدمي جو مثال شايد دنيا ۾ نه ملي ڇو ته هڪ نوجوان تخته دار تي ڦاهيءَ جي ڦندي کي چمي موت قبولي وٺي. اهڙي سورهيائي وري اسانکي 2012 جي 23 مارچ دوران بشير خان قريشي ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي جنهن سنڌ جي راڄداني ڪراچي جي تبت سينٽر واري پل مٿان بيهي لکين ماڻهن جي هجوم ۽ عالمي ميڊيا آڏو وڏي واڪ چيو ته هاڻي منصور جو آواز پراڻو ٿي چڪو آهي مان سنڌ جي نجات لاءِ وري هڪ ڀيرو دارو رسن کي سنگارڻ گهران ٿو يا وري اسانکي مظفر ڀٽو جي سپھ سالاري توڙي سميع الله ڪلهوڙو کان باکوڙي ۽ ڀريا وارن واقعن ۾ شهادت ماڻيندڙ سرائي قربان کهاوڙ، مقصود قريشي، روپلو چولياڻي، سلمان وڌو ، نوالله تنيو توڙي افضل پنهور، سرويچ پيرزادو، واجد لانگاهه، فهيم ڀٽو، پريل شاھ، روشن بروهي، آصف پنهور ۽ ٻين جو شهادتون به هيمون ڪالاڻي جي عظيم قرباني جو تسلسل محسوس ٿين ٿيون.
اڄ جڏهن هيمون ڪالاڻي جي 72هين ورسي ملهائي رهيا آهيون تڏهن افسوس هي ٿي رهيو آهي ته هيمون ڪالاڻي جنهن ڌرتيءَ تي ڄائو ۽ جتي کيس ٽياس تي ٽنگيو ويو اتي جي حڪمرانن جو رويو هي آهي ته نصاب ۾ هيمون ڪالاڻي جهڙي هيرو کي جڳھه نه ٿي ڏني وڃي، جڏهن ته سنڌ کي فتح ڪندڙ نصاب اندر سنڌ جا هيرو ڪري پڙهايا وڃن ٿا هيمون ڪالاڻي جنهن برباريت ۽ عسڪري عتاب خلاف ورهاند ڪئي اڄ به اها پرماريت جاري آهي. هيمون ڪالاڻي جنهن مذهبي متڀيد خلاف مزاحمت ڪئي اڄ سندس ڌرم واسي سنڌ ڄاوا ظلم ۽ جبر جو شڪار آهن. انهيءَ ڪري ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته شاھ سچل ۽ سامي جي ڌرتي تي امن جي قيام لاءِ نفرتن جي باھ کي ڀسم ڪرڻو پوندو اها هڪ ئي واٽ آهي جنهن جي چونڊ سان اسين هر طرح جي پرماريت ۽ انتها پسندي کي مات ڏئي آزاد صوفي ۽ سيڪيولر سنڌ جي اڏاوت ڪري سگهون ٿا ڇاڪاڻ ته اهو ئي رستو شهيد هيمون ڪالاڻي جو رستو آهي.